ايڊيٽوريل

پنجاب صوبي ۾ ڪسان بينڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو

پنجاب حڪومت صوبي ۾ آبادگارن کي قرض ڏيڻ لاءِ هڪ نئين بينڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعليٰ محترمه مريم نواز جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. آبادگارن جي بهتري لاءِ گهڻائي فيصلا ڪيا ويا. ان اجلاس ۾ زرعي اوزارن کان وٺي ٽريڪٽرن جي فراهمي تائين سڀني اسمن تي غور ڪيو ويو.
پاڪستان جيئن ته بنيادي طرح هڪ زرعي ملڪ آهي، اسان کي اناج کان وٺي ڀاڄين تائين ۽ دالين کان وٺي ميون تائين پاڻڀرو ٿيڻ جي ضرورت آهي، جيڪا گهڻو ڪري اسان جي آبادگار ڏينهن رات محنت ڪري اسان کي حاصل ڪري ڏني آهي. زراعت جو شعبو ئي آهي جنهن ۾ اسان پنهنجي پيداوار پرڏيهه اماڻي رهيا آهيون جيئن گذريل سال ٿيل سارين جي فصل جو وڏو حصو اسان پرڏيهه اماڻي پرڏيهي ناڻو ڪمايو. اسان وٽ ڪپهه جي پيداوار جي ڪري ٽيڪسٽائل جو شعبو اهم آهي، جنهن ۾ اسان جي ملڪ ۾ ٽيڪسٽائل جو وڏو صعنتي ڪامپليڪس آهي. نتيجي ۾ ملڪي ضرورتن جو پورائو به ٿئي ٿو ۽ اسين ٽيڪسٽائل مصنوعات پرڏيهه اماڻيون ٿا. اسان جي صنعتي پيداوار جو بنياد به دراصل زرعي شعبو ئي رکي ٿو. انهيءَ ڪري زرعي شعبي جي ترقي لاءِ ڪسان بينڪ جو قيام هڪ هاڪاري قدم آهي. پاڪستان جي زرعي شعبي جي ترقيءَ لاءِ بينڪنگ جي شعبي جي وڏي تاريخ آهي. ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ سڀئي بينڪون زراعت لاءِ قرض ڏين ٿيون ۽ انهن جا آفيسر زراعت جي ترقي لاءِ نيون رٿائون کڻي ڳوٺن ۾ وڃن ٿا. ملڪ ۾ زراعت جي ترقي ۽ پاڻڀرائي لاءِ زرعي ترقياتي بينڪ لميٽيڊ جو ڪردار بنيادي رهيو آهي. اها بينڪ سال 1961ع کان سڄي ملڪ جي آبادگارن جي حقيقي خدمت ڪندي رهي آهي. اها بينڪ آبادگارن کي انهن جي در تي پنهنجي موبائل ڪريڊٽ آفيسر جي معرفت قرض ڏيندي رهي آهي، جنهن ۾ ڀاڻ، ٻج ۽ زرعي دوائن لاءِ پئسا ڏنا وڃن ٿا. انهيءَ سان گڏ بينڪ جا ايم سي اوز آبادگارن کي زراعت ۾ آيل نئين تحقيق ۽ نون رجحانن کان واقف ڪن ٿا. زرعي ترقياتي بينڪ ملڪ جي زراعت ۾ ٽيڪنالاجي جو نعرو کڻي اڳيان آئي هئي ۽ ان انهيءَ سلسلي ۾ ٽريڪٽر، زرعي اوزار، ٽريلر ۽ ٿريشر پاڪستان جي زراعت ۾ متعارف ڪرايا ۽ ملڪ جي زراعت کي نئين ٽيڪنالاجين سان هم آهنگ ڪري مڪينائزڊ ڪيو. نتيجي ۾ ملڪ ۾ زرعي اوزار، ٽريلر، ڪمبائينڊ هارويسٽر ۽ ٿريشرن جا ڪارخانا قائم ٿيا ۽ زرعي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ واقعي به انهيءَ پروگرام کي جيڪو بينڪ جو ڄڻ سلوگن هو، ٽيڪنالاجي فار ايگريڪلچر انهيءَ کي سچ ثابت ڪيو، پر لڳي ٿو ته جديد عهد ۾ زراعت جي ضرورت اڃان وڌيڪ ماليات ۽ قرض جي گهرجائو آهي ۽ ٽريڪٽر سان گڏ جديد ٽيڪنالاجي لاءِ آبادگار کي به وڏي رقم جي گهرج هجي ٿي. انهيءَ ڪري پنجاب حڪومت جي چيف منسٽر اعليٰ سطحي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو آهي ته هڪ نئين بينڪ قائم ڪئي وڃي جيڪا صوبي جي آبادگارن جي زرعي قرض جي ضرورتن جو خيال رکي ۽ انهن کي آسان شرطن تي تڪڙا قرض جاري ڪري. انهيءَ سان گڏ اهو فيصلو به ڪيو ويو آهي ته جديد زرعي اوزارن جي مقامي سطح تي تياري ۽ آئل سيڊ پروموشن لاءِ مهم هلائڻ جي به ڳالهه ڪئي وئي آهي.
زراعت لاءِ پنجاب صوبي جي وزير اعليٰ جا اهي قدم زراعت دوست آهن، اسين سنڌ صوبي ۽ خيبر پختونخواهه صوبي جي زراعت جي ترقي جي به ڳالهه ڪنداسين. انهيءَ سلسلي ۾ اهو چونداسين ته ٻنهي صوبن ۾ اڳواٽ ٻه بينڪون سنڌ بينڪ ۽ خيبر بينڪ جي نالي سان ڪم ڪري رهيون آهن. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان، وفاقي سرڪار ۽ صوبائي سرڪارن کي اهو چونداسين ته اهي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ بينڪ ۽ خيبر بينڪ جي ڪارڪردگي کي زراعت دوست بڻائين ۽ ملڪ جي چئني صوبن جي زرعي ۽ صنعتي ترقي ملڪ ۽ ان جي عوام لاءِ ضروري آهي.