ايڊيٽوريل

ڇا واقعي سنڌ سرڪار گهرن جي اڏاوت ۾ شفافيت سان ڪم ڪري رهي آهي؟

سنڌ سرڪار جي پنهنجي ڪيل سروي مطابق 2022ع ۾ ٿيندڙ برساتن ۾ عوام جا 30 لک گهر ڊهي پٽ ٿي ويا هئا. انهن کي ٺهرائڻ لاءِ پوري دنيا مان ڳريون رقمون سنڌ سرڪار کي مليون. گورنمينٽ آف پاڪستان پڻ اربين رپيا سنڌ گورنمينٽ گهرن جي ٺاهڻ لاءِ سنڌ سرڪار حوالي ڪيا. سنڌ سرڪار چواڻي ته اسان 21 لک گهر ٺهرائي رهيا آهيون جن مان هن وقت تائين هڪ لک گهر جڙي راس ٿيا آهن، جيڪي برسات سٽيل ماڻهن کي ڏنا ويا آهن، 8 لک گهر ٺهي رهيا آهن. هن وقت اسين 1500 گهر هر ڏينهن ٺاهي ماڻهن جي حوالي ڪري رهيا آهيون.
وزيراعليٰ سنڌ چواڻي ته اهو ڪم شفافيت جي اعليٰ درجي تي ٿي رهيو آهي، انهيءَ ۾ ڪٿي به ڪرپشن ٿيڻ جو خدشو نه آهي. اسين سندس چيل ڳالهين کي جيئن جو تيئن مڃون ٿا. 2022ع ۾ پڻ سنڌ جو وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه هو ۽ 2024ع ۾ پڻ ساڳيو ئي ماڻهو وزيراعليٰ سنڌ آهي. وزيراعليٰ سنڌ خود اڪائونٽنگ جو ماڻهو آهي، ورلڊ بينڪ جو ملازم پڻ رهي چڪو آهي ۽ تقريبن گذريل 16 سالن کان وٺي سنڌ جو وزير خزانا رهندو آيو آهي. انهيءَ وچ ۾ ٽي دفعا نگران سنڌ حڪومت جي دور ۾ مختلف ٻيا ماڻهو وزير خزانا ٿيندا رهيا آهن. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته هڪ بينڪر، هڪ اڪائونٽنٽ ايترو وقت خزاني جو وزير رهندڙ ماڻهو ان وٽ ته انگن اکرن ۾ شفافيت هئڻ ضروري هوندي آهي. انگ اکر صاف طور ٻڌائيندا آهن ته ٻه ۽ ٻه چار هوندا آهن پنج ڪونه ٿيندا آهن. هاڻ جڏهن وزيراعليٰ پاڻ چوي ٿو ته اسان ماڻهن جي گهرن ٺاهڻ ۾ شفافيت قائم رکي آهي ته پوءِ اسان ٻين سڀني ڳالهين کي ڇڏيون ٿا ته ٻن سالن کان ٺهندڙ گهر اڃان ٺهي راس ڇو نه ٿيا آهن، جيڪڏهن هڪ لک گهر ٺهي چڪا آهن ته اهي ڪٿي ٺهيا آهن، هڪ سال اندر 15 لک گهر ڪيئن ٺهندا، اهي سڀ سوال ڇڏيون ٿا ڪجهه تجويزون ڏيڻ چاهيون ٿا انهن تجويزن تي عمل ڪندي اوهان جي ايڏي وڏي منصوبي کي شفافيت جي پئماني تي سائنسي طور تي پرکيو ويندو. هن وقت ننڍي کان ننڍي اين جي او صوبي اندر ڪم ڪري پئي ته اها ٿيندڙ ڪم جي لوڪيشن نيٽ تي رکي ٿي ته جيئن ان اين جي او جي ڊونر ڪمپنيءَ کي چڪاس ڪرڻ ۾ مشڪل پيش نه اچي. سنڌ سرڪار جي لاءِ اهو ڪم ڪرڻ ان ڪري وڌيڪ آسان آهي ڇو ته سرڪار وٽ پنهنجي پوري مشينري موجود آهي. تپيدار، مختيارڪار، اي سي، ڊي سي، ڪمشنر ته پوءِ سنڌ سرڪار ٺهندڙ گهرن جي لوڪيشن ڇو نٿي رکي ۽ هر تپي، تعلقي ۽ ضلعي ۾ ٺهندڙ يا ٺهي راس ٿيندڙ گهرن جو تفصيل ڇو نٿي ٻڌائي. انهن گهرن تي نمبر ڇو نٿا هنيا وڃن ته جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ پوي ته سنڌ سرڪار ماڻهن کي گهر ٺهرائي نه ڏيئي رهي آهي ته هو هڪدم نيٽ تي چڪاس ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪو جسماني وزٽ ڪرڻ چاهي ته پاڻ آسانيءَ سان ان نمبر واري گهر تي پهچي سگهي ٿو. اهو ڪم هن وقت جي ترقي يافته دور ۾ انتهائي آسان آهي. جڏهن اوهان سيٽلائيٽ جي ذريعي جنهن وقت به چاهيو فوٽو ڪڍي لوڪيشن تي ٿيندڙ ڪم جي نگراني ڪري سگهو ٿا، اهو ئي ڪم سنڌ سرڪار کي ڪرڻ گهرجي. انهيءَ سان سندس منصوبن جي ساراهه پڻ ٿيندي ۽ جنهن شفافيت جي دعويٰ وزيراعليٰ سنڌ ڪري رهيو آهي، ان تي شڪ ڪرڻ جي گنجائش ختم ٿي ويندي.
جڏهن ايڏي وڏي منصوبي ۾ عوام جا شڪ شبها ختم ٿي ويندا ته انهيءَ جو فائدو پڻ سنڌ سرڪار کي پوندو. 21 لک گهر ٺهرائي ڏيڻ واقعي ڪو مذاق ناهي. بقول وزيراعليٰ جي ته سنڌ سرڪار کي عطين جي روپ ۾ پڻ اربين رپيا ملي رهيا آهن. اسان جو به چوڻ اهوئي آهي ته غريب ماڻهو جيڪي ٻن سالن کان روڊن رستن تي بي يارو مددگار بنا ڇپر جي زندگي گذاري رهيا آهن، انهن کي گهر ملڻ سان انهن جي اهنجن جو ازالو ٿيندو ۽ اگر حڪومت شفافيت کي يقيني بنائڻ جي لاءِ انٽرنيٽ جي ٽيڪنالاجي کان مدد ورتي ته ڪنهن کي به مٿس آڱر کڻڻ جي جرئت نه ٿيندي.