بلاگنئون

ڇا نگران سنڌ حڪومت به “سسٽم” جو تسلسل آهي؟

گذريل ٻن ڏينهن کان نگران وزيراعليٰ ۽ نگران وزير صحت جي وچ ۾ سرجري روبوٽن جي خريداري تي اختلاف چوٽ چڙهي ويو آهي. ٻنهي هڪ ٻئي تي سنگين الزام هنيا آهن. ڊائريڪٽر جناح اسپتال پڻ وزير اعليٰ جي ڪيمپ ۾ نظر اچي رهيو آهي. اهو پڻ وزير صحت تي ڇوهه ڇنڊي رهيو آهي. جهڳڙو اتان شروع ٿيو آهي ته نگران حڪومت پيپلز پارٽي جي دور ۾ ٿيل ڪابينا جي فيصلي تحت سرجري لاءِ روبوٽ گهرائڻ چاهي ٿي جيڪي سرجري ۾ مدد ڪندا. هڪ اهڙو روبوٽ سنڌ اسپتال قطر وٽ موجود هو جيڪو هن وقت خراب ٿي چڪو آهي ۽ اڃا تائين آپريٽ ٿيڻ جي لائق نه آهي. ان کان علاوه سول اسپتال ڪراچي ۾ پڻ روبوٽ موجود آهي، جنهن منجهان SIUT جو ادارو فائدو وٺي ٿو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته جديد دنيا جي جديد ملڪن ۾ هن وقت سرجري جي لاءِ روبوٽ استعمال ڪيا ٿا وڃن ڇو ته روبوٽ جي ٿيل سرجري بهرحال ڪنهن سرجن جي هٿ سان ٿيل سرجري کان وڌيڪ بهتر هوندي آهي، پر ان تي خرچ تمام گهڻو اچي ٿو. نه صرف مهانگو آهي، پر ان جي مرمت پڻ تمام گهڻي مهانگي آهي، جنهن کي آپريٽ ڪرڻ لاءِ به ٽيڪنيڪل عملو موجود نه آهي. اندازو ائين ڪريون ته جيڪڏهن ڏهه لک رپيا خرچ ڪرڻ سان ننڍا وڏا ٽيهه آپريشن ٿي سگهن اتي روبوٽڪ سرجري ۾ صرف هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻه آپريشن انهيءَ رقم مان ٿيندا. ايتري بجيٽ دنيا جا ترقي يافته ملڪ ته برداشت ڪري سگهن ٿا، پر ڇا سنڌ صوبو جنهن جي صحت جي حالت اهڙي آهي جو تعلقي ۽ ضلعي اسپتالن ۾ ايڪسري مشينون خراب پيون آهن. حڪومت انهن کي ٺهرائڻ جي لاءِ تيار نه آهي. بجلي جي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جنريٽر موجود آهن، پر اهي به خراب پيا آهن، جنهن تي پڻ صحت کاتي جو ڌيان نه آهي. ايمبولينسن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، هڪ ته آهن ڪون، آهن ته خراب پيون آهن ۽ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ بهتر پوزيشن ۾ آهي ته اها صرف انهيءَ اسپتال جي ايم ايس جي ڊيوٽيءَ ۾ حاضر هوندي آهي، مريضن کي ان مان ڪوبه لاڀ نه ٿو ملي، انهن کي ايڌي ۽ ٻيون پرائيويٽ ايمبولينسون وقت ضرورت ڪرڻيون پون ٿيون، اهڙي ناانصافي ٺٽي جي اسپتال ۾ نظر آئي، جتي 75 ايمبولينسون استعمال ٿيڻ کان پهرين تباهه ٿي چڪيون آهن. هڪ هڪ ايمبولينس جي قيمت 2 ڪروڙ کان مٿي آهي، پر انهن کي استعمال نه ڪيو ويو ۽ بيٺي بيٺي تباهه ٿي ويون. انهيءَ طرف به نه نگران وزيراعليٰ جو ڌيان ويو نه ئي صحت واري وزير جو، انهيءَ ڪري اهو شڪ پيدا ٿئي ٿو ته 5 ارب رپين جي خطير رقم جنهن جي ذريعي انهن روبوٽن جي خريداري ڪئي ويندي، جهيڙي جو ڪارڻ آهي. اسانجون حڪومتون خريداري ڪيتري شفاف ڪنديون آهن، اها ڪا لڪل ڳالهه نه آهي. هينئر به شايد جهيڙو ڪِڪ بيڪس تي آهي. هنن ٻنهي صاحبن کي عوام جي تڪليفن جو احساس نه آهي. نگران وزير اعليٰ جو اسپوڪس مين وزير صحت تي اهو الزام ٿو هڻي ته وزير صحت پنهنجي مرضيءَ جو صحت جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ چاهي ٿو. جڏهن ته سنڌ صوبي جي اسپتالن طرف سندس ڌيان ڪونهي. سنڌ اندر اسپتالن جي حالت تمام خراب آهي. انهيءَ ڳالهه ۾ ته ڪوبه شڪ ناهي، انهن کي بهتر ڪير ڪندو؟ جڏهن وزير اعليٰ پاڻ وڃي انهن اسپتالن جي حالت ڏسي آيو آهي ته هن کي هڪدم فيصلا ڪري بهتر ڊاڪٽرن کي انهن اسپتالن جو ايم ايس مقرر ڪرڻ گهربو هو، پر ڇو ته سنڌ اندر “سسٽم” هلي رهيو آهي. انهيءَ ڪري هو انهن ايم ايسن کي هٽائي نه ٿو سگهي. اهڙي قسم جا الزام وزير صحت هڻي رهيو آهي ته هن خريداري جي ڪابه ضرورت نه آهي، اهي پئسا سنڌ جي اسپتالن جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ خرچ ڪيا وڃن، جيڪا ڳالهه بلڪل درست آهي. سنڌ جو عوام اهو ٿو چاهي ته 5 ارب رپين جيتري وڏي رقم خرچ ڪري جيڪڏهن ٻه ٽي روبوٽ گهرايا ويا ته ان جو فائدو شايد گهڻي ڀاڱي عوام کي نه پهچي سگهي، ان کان بهتر آهي ته سنڌ ۾ موجود اسپتالن جي انفرااسٽرڪچر تي خرچ ڪيو وڃي. ڊاڪٽرن کي جديد ٽيڪنالاجي جي تربيت ڏني وڃي، نئين ۽ جديد قسمن جي سرجري سان روشناس ڪرايو وڃي. پيراميڊيڪل اسٽاف جي پڻ ٽريننگ ڪرائي وڃي، انهن کي جديد ٽيڪنالاجي سان آراسته ڪيو وڃي. اسپتالن ۾ دوائون پهچايون وڃن. بيٺل ۽ ناڪاره ايمبولينسن جي حالت بهتر ڪئي وڃي ته وڌيڪ سٺو ٿيندو. اسين سمجهون ٿا ته هي ٻه صاحب جيڪڏهن واقعي به سنڌ جي مريضن جو درد رکن ٿا، انهن کي اها وڏي رقم بجاءِ ٻه ٽي روبوٽن تي خرچ ڪرڻ جي سنڌ جي سڀني اسپتالن جي حالت بهتر بنائڻ لاءِ خرچ ڪرڻ گهرجي، باقي جيڪڏهن جهيڙو حصي پتي جو آهي ته پوءِ اسان اهو سمجهنداسين ته هي نگران حڪومت به گذريل حڪومت جي “سسٽم” جو تسلسل آهي.