اليڪشن 2024 سڀني سياسي جماعتن جي ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ جي شڪايت، پر ڪنهن کان؟
اصول طور ٿيڻ ته ائين کپي ته ملڪ جون سياسي جماعتون پنهنجي طاقت جو اظهار عوام جي ووٽ ذريعي ڪن ۽ انهيءَ ۾ يقين رکن. عوام جي ووٽ جو قدر ڪن، ووٽ کي ئي طاقت سمجهن، پر سڀ جون سڀ ملڪ جون سياسي جماعتون شروع کان ئي عوام کي ڇڏي طاقتور حلقن جي پويان لڳل هونديون آهن، عوام کي ته جلسن ۾ پاور شو طور پيش ڪيو ويندو آهي. طاقتورن کان ئي حڪومت ۾ اچڻ جو رستو گهرندا آهن. اهڙو ماحول هن وقت به جڙي رهيو آهي، هر سياسي جماعت ميڊيا جي سامهون اچي چئي رهي آهي ته ان کي ليول پليئنگ فيلڊ نه ٿي ملي. خبر ناهي ته سياسي جماعتون اها ليول پليئنگ فيلڊ ڪنهن کان گهرن ٿيون ۽ ڪير انهن کي ليول پليئنگ فيلڊ ڏيندو. انهيءَ جو اظهار به واضح نه ٿا ڪن. ڪاش ملڪ جون سڀ سياسي جماعتون ملڪ جي عوام کان ووٽ جي صورت ۾ ليول پليئنگ فيلڊ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. هاڻي جڏهن هو چون ٿا ته اسان کي ليول پليئنگ فيلڊ نه ٿي ملي ته واضح طور ان ڳالهه جو اظهار ٿي رهيو آهي ته هي نظام عوام جي ووٽ سان نه، پر ڪنهن ٻي طاقت جي وسيلي هلي رهيو آهي ۽ سياستدان اليڪشن کان پهرين ان ڳالهه کي کولي بيان ڪري رهيا آهن ته انهن کي ان طاقت وٽان ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي رهي آهي. جن اڄ تائين حڪومتون ٺاهيون ۽ ڊاهيون آهن، پر سياستدان جيڪي هر وقت انهن تي ڏوهه ڏيندا رهندا آهن، جڏهن به هنن کي طاقت جي زور تي حڪومت کان ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي، ته پوءِ انهن کي ووٽ جي عزت ياد اچي ويندي آهي، پر جڏهن انهن جي لاءِ طاقت جي ايوانن جا دروازا کلندا آهن، جن مان گذري حڪومت جي ايوانن تائين پهچندا آهن ته اهي ئي سياستدان طاقتور ماڻهن ۽ طاقتور ڌرين جون تعريفون ڪندي ٿڪبا نه آهن. اهڙو ئي مثال اسان پي ڊي ايم جي گذريل دورِ حڪومت ۾ ڏٺو. جتي پارليامينٽ جي اندر تقريرون ڪري واضح طور چيو ويو ته معيشت جي بهتري هجي، ٻاهرين دنيا کان قرض حاصل ڪرڻو هجي، سياسي استحڪام آڻڻو هجي، انهي بهتر ڪم جو سڄو اعزاز طاقتور ادارن کي آهي، تان جو پنجاب ۾ هڪ پُل ٺاهڻ جو اعزاز به انهن طاقتور ڌرين جي حوالي ڪيو ويو. اسانجي ملڪ ۾ مذاق اها ٿيندي آهي جو هارائيندڙ جماعت ته الزام هڻندي آهي ته کيس چونڊن ۾ هٿ وٺي هارايو ويو، ان کي ليول پليئنگ فيلڊ نه ڏني وئي، پر کٽندڙ جماعت پڻ اهڙا الزام هڻندي رهي آهي، هو پنهنجي گريبان ۾ جهاتي نه پائندا آهن ته سندن ڪردار ڇا رهيو آهي. اها سياستدانن جي ڪمزوري آهي جنهن جي ڪري طاقتور ڌريون حڪومتي ڪاروهنوار ۾ حصو وٺن ٿيون ۽ سياستدانن کي پنهنجي ڊڪٽيشن تي هلائن ٿيون. هن وقت جڏهن اليڪشن جو ماحول جڙي چڪو آهي ته اليڪشن کان پهرين سڀ سياسي پارٽيون اليڪشن جي شفاف هجڻ تي سوال اٿاري رهيون آهن. جيڪا جماعت کٽي ويندي ته چوندي ته اليڪشن بهتر هئي ۽ جنهن جماعت کي سندس مرضي منشا مطابق حصو نه مليو ته اها اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو الزام هڻڻ شروع ڪندي، جيڪو راڳ هنن هن وقت ليول پليئنگ فيلڊ جي نالي سان شروع ڪري ڇڏيو آهي. عوام سمجهي ٿو ته انهن جي ڳالهين ۾ صداقت ضرور آهي، پر انهي سڄي ڏوهه جا جيڪڏهن مڪمل ڏوهاري سياستدان نه آهن ته به وڏي حصي جو ڏوهه انهن جي کاتي ۾ آهي، ڇو ته عوام انهن کي ووٽ ڏئي پارليامينٽ ۾ پهچائي ٿو، انهيءَ آسري سان ته اسيمبلين ۾ ويهي اهي عوام جي مسئلن جو حل ڪڍندا، عوام جي فائدي جا فيصلا ڪندا، جمهوريت کي مستحڪم ڪندا، پر جڏهن هو ايوانن ۾ پهچن ٿا ۽ حڪومت جو حصو بڻجن ٿا ته انهن کان عوام وسري ٿو وڃي، صرف پنهنجا فائدا ياد رهن ٿا، جيڪي هو حاصل ڪن ٿا، انهيءَ ڪري انهن جا فائل کلن ٿا ۽ ضرورت وقت اهي فائل انهن سياستدانن جي سامهون آندا وڃن ٿا، پوءِ انهن جي اخلاقي حيثيت ڪنهن به صورت ۾ اهڙي نه ٿي رهي جو هو ڪنهن اصولي موقف تي بيهي سگهن، پوءِ ووٽ کي عزت ڏيڻ وارو نعرو هڪ پاسي رکي، خدمت جو سلو ڏيو جو نعرو هڻي حڪومت جي ايوانن ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. 21 صدي جو چوٿون حصو گذارڻ کانپوءِ ۽ دنيا جي ترقي ڏسڻ کانپوءِ ڇا اسان جا سياستدان انهيءَ فرسوده نظام کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا يا نه؟