پاڪستان ۽ افغانستان تعلقات ۽ مولانا فضل الرحمان جو غير سرڪاري دورو
افغانستان ۾ صدر اشرف غني جي طويل اقتدار کانپوءِ 2001 ۾ دوحا مذاڪرات جي نتيجي ۾ طالبان سرڪار وجود ۾ آئي آهي. اهو صاف ظاهر آهي ته دوحا مذاڪرات جيڪي طالبان ۽ آمريڪي مذاڪرات ڪار ذلمي خليل زاد جي وچ ۾ ٿيا. انهيءَ ۾ پاڪستان جي مدد به شامل رهي آهي. اسانجي ملڪ افغانستان ۾ اقتدار جي انهيءَ تبديلي کي ويجهي نظر سان پي ڏٺو، انهيءَ اميد سان ته نئين حڪومت جا لاڳاپا اسان سان پوئين حڪومت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر هوندا، پر بدقسمتي سان ائين نه ٿيو ۽ طالبان حڪومت پاڪستان سان وڇوٽيون وڌائي ڇڏيون. تحريڪِ طالبان پاڪستان انهن وڇوٽين جو بنيادي سبب آهي. ٽي ٽي پي جيئن ته طالبان امير جي بيعت ڪندڙ تنظيم آهي، انهيءَ ڪري افغانستان جي حڪومت اهو چاهي ٿي ته تحريڪِ طالبان پاڪستان کي سهولتون ڏنيون وڃن ۽ انهن جي پاڪستان ۾ آبادڪاري ڪئي وڃي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اهي دهشتگرد جن کي ماضي جي اشرف غني حڪومت جيل ۾ وجهي ڇڏيو، انهن کي نئين طالبان حڪومت آزاد ڪري پاڪستان کان ڄڻ اهو مطالبو ڪيو آهي ته هزارين ماڻهن تي مشتمل انهن ويڙهاڪ جٿن کي پاڪستان ۾ پناهه ۽ شهري سهولتون ڏنيون وڃن. پاڪستان جي سرڪار هر ممڪن ڪوشش ڪئي، انهن سان مذاڪرات ڪيا، پر جڏهن انهن اسانجي ملڪ جي خودمختياري کي ڌڪ هڻڻ جهڙا مطالبا ڪيا. جن مان هڪ مطالبو اهو هو ته ٽي ٽي پي کي پنهنجي سرگرمين لاءِ خيبرپختونخواهه صوبي ۾ ڪجهه علائقو ڏنو وڃي. اهڙي مطالبي کانپوءِ ڪابه خودمختيار رياست مذاڪرات جاري نه ٿي رکي سگهي. پاڪستان انهيءَ موڙ تي مذاڪرات ختم ڪيا ۽ افغان حڪومت کي چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان اوهانجي اثر ۾ آهي، اوهانجي حڪم هيٺ آهي، انهيءَ کي روڪيو، انهن پاڪستان جي پُرامن شهرين جي خلاف دهشتگردي واريون ڪارروايون شروع ڪيون آهن، پر افغان حڪومت ان تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو. انهيءَ حقيقت جي باوجود ته افغانستان کي جيئن ته پاڪستان وٽان ئي رستا آهن. سامونڊي ۽ زميني رستن جون ٻئي سهولتون پاڪستان افغانستان کي ورهين کان فراهم ڪندو رهيو آهي ۽ پاڪستان سرڪار هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته افغانستان سان سٺا لاڳاپا رهن ۽ افغانستان جي عوام جي مدد ڪجي، پر انهيءَ جو صلو اسان کي اهو مليو ته 2021 کان آيل طالبان سرڪار جي زماني ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ ٻين ويڙهاڪ تنظيمن پاڪستان ۾ دهشتگردي واريون ڪارروايون ڪيون آهن. جنهن ۾ اسانجا شهري، پوليس ۽ فوجي جوان شهيد ٿيا آهن. پاڪستان طاقت رکڻ جي باوجود صبر کان ڪم ورتو آهي، انهيءَ موڙ تي مولانا فضل الرحمان جو افغانستان جو طويل دورو اهميت رکي ٿو ۽ هن افغانستان جي اهم وزيرن ۽ ٽي ٽي پي جي ويڙهاڪن جي ليڊرن سميت طالبان امير هيبت الله آخوندزاده سان قنڌار ۾ ملاقات ڪئي آهي. حڪومت پاڪستان پنهنجي وزارت خارجه ۽ وزارت اطلاعات معرفت مولانا صاحب جي دوري کي سندس ذاتي دورو قرار ڏنو آهي ۽ اهو چيو آهي ته ملڪ جي سرڪار جو انهيءَ دوري سان ڪوبه تعلق نه آهي. انهيءَ سڀ جي باوجود خطي ۾ تيزي سان خراب ٿيندڙ پاڪستان ۽ افغانستان تعلقات تي پاڪستاني حڪام سان گڏ عالمي رهنمائن کي به ڳڻتي آهي ۽ علائقي ۾ امن جا سڀ خواهشمند آهن. اسين به امن چاهيون ٿا، پر پاڪستان ۾ افغانستان جي زمين تان دخل اندازي بند ٿيڻ گهرجي. پاڪستان اهو چاهي ٿو ته افغانستان جي حڪومت تحريڪ طالبان پاڪستان جي مدد ڪرڻ بند ڪري ۽ پاڪستان سرڪار انهن دهشتگرد گروپن جي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي، جن تازو پاڪستان ۾ دهشتگردي واريون ڪارروايون شروع ڪيون آهن. اهو حالتن جو جبر آهي، جتي جنگ هوندي، اتي مذاڪرات به هوندا آهن. مولانا فضل الرحمان جو موجوده دورو به ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده ڪشيدگي جي باوجود انهي ڳالهه جو امڪان رکي ٿو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مذاڪرات جو هڪ جامع دور شروع ٿي سگهي ته جيئن افغانستان مان پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ختم ٿي سگهي. جيڪڏهن مولانا صاحب جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪشيدگي کي گهٽ ڪري سگهيو ۽ جامع مذاڪرات جو رستو کولي سگهيو ته اهو به بهتر آهي. ڇاڪاڻ جو پاڪستان افغان مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ چاهي ٿو. اسان وٽ جيئن ته ايندڙ مهيني جي شروع ۾ يعني 8 فيبروري تي عام چونڊون ٿي رهيون آهن، اسان کي انهيءَ ڏينهن تي امن گهرجي، پر حقيقت اها آهي ته انهيءَ کان پهرين به ۽ انهيءَ کانپوءِ به مستقل امن ئي ٻنهي ملڪن لاءِ اڪيلو ئي رستو آهي. مولانا فضل الرحمان پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته هن افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بهتر تعلقات قائم ڪرڻ لاءِ افغانستان جي رهنمائن سان ملاقاتون ڪيون آهن. افغانستان جيئن ته اسانجو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ اسانجا تاريخي تعلقات آهن ۽ خصوصن گذريل صدي کان وٺي مددگار رهيا آهيون. افغانستان جي سماج کي تعليم کان وٺي صحت تائين سڀني شعبن ۾ وڏا چئلينج درپيش آهن. اسين اميد ٿا ڪريون ته افغان حڪومت پنهنجي عوام جي بهتري لاءِ پنهنجي پاڙيسري ملڪ لاءِ جيڪو هميشه سندس خيرخواهه رهيو آهي، پنهنجن لاڳاپن کي دهشتگردن کي هٿ ور چڙهڻ نه ڏيندي ۽ ان جو ڳالهين ٻولهين سان حل ڪڍندي. انهيءَ ڪري موجوده وقت ۾ مذاڪرات جي ميز تي ويهي مسئلا حل ڪجن ۽ اسانجي ملڪ پاڪستان کي مجبور نه ڪيو وڃي ته اهو سخت قدم کڻي. انهيءَ ڪري اسين سمجهون ٿا ته مولانا فضل الرحمان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي بهتري لاءِ هڪ بهترين ڪوشش آهي.