مسئلو ڪيترو به شديد هجي انهيءَ جو حل ڳالهه ٻولهه ۾ ئي هوندو آهي. ڪي به مسئلا جنگ جي ميدان ۾ پوءِ اها جنگ هٿيارن جي هجي يا انائن جي طوفان جي، حل نه ٿيندا آهن. وري سياست ڳالهين جي فن جو نالو آهي، سياستدانن کي پنهنجو موقف با اخلاق ڳالهه ٻولهه ذريعي ٻئي جي اڳيان رکڻ جو فن اچڻ گهرجي. ڀلي کيس اختلاف ڇو نه هجي، پر ان اختلاف راءِ ۾ به لفظن جي چونڊ ڪرڻ جو فن کيس اچڻ گهرجي.
جيڪڏهن سياستدان پنهنجي انائن کي مقدم رکي مسئلا حل ڪرڻ چاهيندا ته نه مسئلا حل ٿيندا ۽ نه ئي کين عوام جي دلين ۾ مستقل عزت ملندي. بدتميزي ۽ بدڪلامي جي ذريعي پاڻ کي مڃرائڻ چاهيندو ته کيس عارضي مڃتا ته ملي سگهي ٿي، پر مستقل مڃتا ملڻ مشڪل آهي. پنهنجي ملڪ ۾ به ڪجهه سياستدان اهڙا آهن جن جي زبان تميزدار گهٽ نظر ايندي آهي، ان جو اثر عوام تي به پئجي رهيو آهي. اخلاقيات جو جنازو نڪري رهيو آهي. ملڪ جا مسئلا حل ٿيڻ بجاءِ وڌي رهيا آهن. عوام ۾ نفرتون پڻ وڌي رهيون آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ جا سڀئي سياستدان انهيءَ شيءِ کي مڃين ته ملڪ جي ۽ عوام جي مسئلن جو حل ڳالهين جي ذريعي نڪري سگهي ٿو. صدر پاڪستان محترم آصف علي زرداري پڻ اهڙو اظهار ڳڙهي خدا بخش ۾ تقرير ڪندي ڪيو آهي. هن اڻ سڌيءَ طرح پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان کي پيغام ڏنو آهي ته اچو سڀ گڏجي ملڪ جي ڀلائي لاءِ هڪ هنڌ ويهون ۽ ملڪ جن مشڪلاتن ۾ آهي ڪوشش ڪريون ته اهي مشڪلاتون ختم ٿين. هن وقت ملڪ ۾ ٽي وڏيون پارٽيون آهن. نون ليگ جنهن جو لهجو سخت نه هوندو آهي، ان پنهنجي غلطين مان ڪنهن حد تائين سبق حاصل ڪيو آهي.
پيپلز پارٽي پڻ پنهنجي لهجي کي درست نموني پيش ڪندي رهي آهي. البته اهو آهي ته اليڪشن ايندي آهي ته پ پ جي اڳواڻن جو لهجو پڻ سخت ٿي ويندو آهي، باقي ملڪ جي هن وقت جي سڀ کان وڏي پارٽي پي ٽي آءِ جو لهجو قابل تحسين نه رهيو آهي. چيئرمين کان وٺي ڪارڪنن تائين سندن لهجي ۾ تلخي، تنقيد ۽ ٻين جي لاءِ بيعزتي وارو عنصر شامل هوندو آهي. سندن ووٽر پڻ اڳواڻ جي راهه تي هلندي پنهنجي مخالفن لاءِ انتهائي غير اخلاقي جملا استعمال ڪندو رهندو آهي. ڇو ته ان جي تربيت پارٽي اڳواڻن ڪئي آهي، جيڪا يقينن سياسي ڪارڪن جي اعتبار کان بهتر ناهي. پي ٽي آءِ کي اهو سمجهه ۾ آيو آهي ته سندن اهڙي تلخ لهجي جي ڪري ئي ماڻهو کين مڃتا ڏين ٿا ۽ اها ڳالهه ڪنهن حد تائين درست به آهي، پر اها مڃتا مستقل نه ملندي. جڏهن به سندن ووٽر سوچڻ شروع ڪيو ته بدتميزي جي ڪري مسئلا حل ته نٿا ٿين ته پوءِ اهي ساڃاهه وند ووٽر پنهنجي پارٽيءَ کي خير باد چئي يا ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل ٿي ويندا يا وري خاموش ٿي ويهي رهندا، جنهن جو نقصان پارٽي کي پوندو. پي ٽي آءِ جي لاءِ هن وقت بهتر موقعو آهي ته ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين سان گڏ ويهي جيڪو سندس پارليامينٽ ۾ رول آهي ان کي ڀرپور نموني ادا ڪري. کيس اهڙي دعوت ملڪ جو صدر به ڏيئي رهيو آهي، پر باني پي ٽي آءِ جي فطرت اهڙي نظر اچي ٿي ته هو اسٽيبلشمينٽ سان ته ويهڻ لاءِ تيار آهي، پر سياسي پارٽين سان خاص طور تي پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ سان ويهڻ لاءِ تيار نه آهي. هو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن انهن ٻنهي پارٽين سان گڏ ويٺس ته پي ٽي آءِ جو ووٽر کانئس ناراض ٿي ويندو.
سو نظر نٿو اچي ته اهڙي قسم جي دعوت کي قبول ڪري. اسين سمجهون ٿا ته ملڪ جو عوام چاهي ٿو ته سياستدان گڏجي ويهن سياسي فيصلا ڪن، ان ۾ ئي عوام جو ڀلو آهي، پر اها ڳالهه باني پي ٽي آءِ کي ڪير سمجهائي، شايد ان وٽ بهتر مشورا ڏيندڙ اڳواڻن جي کوٽ آهي، پر وقت جي تقاضا آهي ته هو به ٻين پارٽين سان گڏ ويهي.