پاڪستاني عوام ايران جي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو
1947 کان وٺي ايران پاڪستان جو هڪ پرامن پاڙيسري ملڪ رهيو آهي، جيڪو پاڻ هن وقت ڪيترن مشڪل حالتن ۽ معاشي پابندين کي منهن ڏئي رهيو آهي، پر بدقسمتيءَ سان 16 جنوري، 2024 تي سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڙيسري حقن کي نظرانداز ڪندي، پنهنجي دوست ملڪ پاڪستان جي سرزمين تي بلوچستان ۾ ڪوهه سبز جي علائقي ۾ پنجگور جي مقام تي اهو الزام هڻي ميزائل حملو ڪري جارحيت جو ثبوت ڏنو آهي ته اتي جيش العدل جا دهشتگرد تربيت حاصل ڪري رهيا هئا، انهيءَ جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. ايران نه صرف اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، پر برادر اسلامي ملڪ پڻ آهي. ايران اهو ملڪ آهي جنهن پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين هڪ رياست طور پاڪستان کي قبول ڪيو ۽ پاڪستان جو پهريون سفارتخانو ايران اندر کوليو ويو. ايران ۽ پاڪستان جا لاڳاپا تاريخي طور هميشه دوستاڻه رهيا آهن. جڏهن کان ايران ۾ بادشاهت جو خاتمو آيو ۽ اتي هڪ مذهبي حڪومت قائم ٿي ته دنيا ايران تي بندشون هڻي ڇڏيون. ان جي باوجود پاڪستان جا ايران سان لاڳاپا خراب نه ٿيا. پاڪستان جو عوام پنهنجي ملڪي ادارن سان گڏ بيٺل آهي ۽ هو سمجهي ٿو ته پاڪستان جي فوج وٽ ايتري طاقت آهي جو ايران جي جارحيت جو سخت جواب ڏئي سگهي، انهيءَ جي باوجود پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪستاني فوج صبر جو مظاهرو ڪندي ايراني جارحيت جي جواب ۾ سفارتي رد عمل ڏيندي ايران جي سفير کي وزارت خارجه طلب ڪري سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي ته مستقبل ۾ ٻيهر نه صرف اهڙي عمل جي مذمت ڪئي ويندي، پر ان جو سختيءَ سان جواب پڻ ڏنو ويندو. ايران وٽ جيڪڏهن ڪي اهڙا اطلاع هئا ته پاڪستان جي سرحدن اندر دهشتگردن جون ڪيمپون آهن، جتي دهشتگردن جي تربيت ايران خلاف ٿي رهي هئي ته هو پاڪستان جي سيڪيورٽي ايجنسين سان ڳالهيون ڪري انهن کي ثبوت ڏئي ها ته جيئن پاڪستان ايران جي مدد ڪري سگهي ها. ڇو ته ايران ۽ پاڪستان ٻه رياستون آهن ۽ رياستن جي وچ ۾ ان قسم جون شڪايتون ڳالهين ٻولهين وسيلي طئي ڪيون وينديون آهن، نه ڪي ميزائلن جا حملا ڪري. گڏيل حڪمت عملي تحت اهڙين ڪيمپن جي خلاف ڪارروائي ڪجي ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها. ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن تي ڪوبه منفي اثر نه پوي ها. جنهن جو بار هن وقت نه ايران کڻي سگهي ٿو ۽ نه ئي پاڪستان. هر سال لکين پاڪستاني زائرين ايران ويندا آهن، جيتوڻيڪ دنيا جي بندشن لڳائڻ سبب پاڪستان ۽ ايران جا ملڪي سطح تي واپاري لاڳاپا نه آهن، ان جي باوجود به انفرادي طور تي ٻطرفو واپاري سلسلو هلندو رهي ٿو. ايران انهن سڀني ڳالهين جو خيال نه رکندي هڪ سخت قدم کنيو جيڪو شايد ايران جي حق ۾ نه ويندو. هن هڪدم پاڪستان جي مٿان حملو ڪري جارحيت جو ثبوت ڏنو آهي، انهيءَ حملي سبب ٻه معصوم ٻارڙيون پنهنجي زندگي وڃائي ويٺيون آهن ۽ ايران پاڪستان جي اندر زميني دخل اندازي به ڪئي آهي ته اسانجي فضائي حدن جي اندر به دخل اندازي ڪئي آهي جيڪا نه صرف هڪ دفعو پر ڇهه دفعا ڪئي وئي آهي. جيڪا ڪنهن به هڪ آزاد رياست جي لاءِ قابل قبول نه هوندي. ائين ٿو لڳي ته ايران به افغانستان وانگر ڀارت جي هٿ ۾ باضابطه طور کيڏڻ شروع ڪيو آهي ۽ ڀارت جيڪو پاڪستان جو فطري مخالف ملڪ آهي ۽ هو مختلف ملڪن جي مدد سان پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ۾ رڌل آهي. ڪجهه وقت کان ايران طرفان بلوچستان اندر دهشتگرد تنظيمن جي پٺڀرائي جا ثبوت پڻ ملي رهيا آهن ۽ ڀارتي جاسوس ايران جي ذريعي بلوچستان اندر اچن ٿا، جاسوسي ڪارروايون ڪن ٿا ۽ واپس موٽي وڃن ٿا. ڪلڀوشن ياديو انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪو هن وقت پاڪستاني اختيارين جي قبضي ۾ آهي. ايران کي سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان هڪ ائٽمي ملڪ آهي، ان جي فوج ڀارت جهڙي طاقتور ملڪ سان مهاڏو اٽڪائي سگهي ٿي ته ڀارت جي سامهون ايران جي فوجي قوت ڪيتري مضبوط هوندي جو اها پاڪستان سان سڌي ويڙهه وڙهي سگهي. هو صرف پنهنجي ملڪ جي عوام جو ئي خيال ڪري ته ڇا هر طرف جنگي جهيڙو سندس عوام جي لاءِ فائديمند ٿيندو ۽ ڇا هو پنهنجي دوست ملڪ کي دشمن ۾ تبديل ڪندو ته ان جو کيس فائدو ٿيندو؟ ايران کي انهيءَ جارحيت جي باضابطه معذرت ڪرڻ گهرجي. وزارت خارجه پاڪستان پڻ اهڙي قسم جو پيغام ايراني حڪومت تائين پهچايو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته پاڪستان جي صبر کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. ڇو ته پاڪستاني عوام سمجهي ٿو ته پاڪستاني فوج وٽ ايتري طاقت آهي جو هو پنهنجي سرحدن جي بهتر حفاظت ڪري سگهي ۽ هر انهي دشمن سان وڙهي سگهي ٿي جيڪو ميري اک سان پاڪستان طرف نهاريندو، پر پاڪستان جي فوج ڪڏهن به ڪنهن ملڪ يا ڪنهن پاڙيسري تي اڳڀرائي ڪري حملو ناهي ڪندي، پر جيڪڏهن مٿس اهڙو حملو ڪنهن برادر اسلامي ملڪ کان ٿئي ٿو ته پوءِ هڪ دفعو ته هو اکيون بند ڪري ان کي نظر انداز ڪري سگهي ٿو، پر ٻيهر نه ٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن اهو جهيڙو وڌيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي ڪمزور معاشي حالتن کي اڃا وڌيڪ ڪمزور ڪندو. پاڪستاني عوام ڪڏهن به نه چاهيندو ته پاڪستاني ۽ ايران حڪومتن جي وچ ۾ ايتري ڪشيدگي اچي جو هڪ سافٽ بارڊر هارڊ بارڊر بڻجي وڃي. ايراني حڪومت کي عقل کان ڪم وٺڻو پوندو.

