ايڊيٽوريل

سماج اندر اخلاق جي کوٽ، سپريم ڪورٽ طرفان توهين عدالت جي ڪارروائي

بااخلاق هجڻ ۽ بداخلاق هجڻ ۾ صرف هڪ اکر جو فرق آهي. اسان جو سماج روايتي طور بااخلاق رهيو آهي، ڳالهائڻ جو انداز، سامهون واري کي مخاطب ڪرڻ جو انداز ايستائين جو جهيڙي جهڳڙي دوران به لفظن جو توري تڪي استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ اسان جي سماج جو حصو رهيو آهي، پر اها خوبي هن وقت اسان جو سماج لڳ ڀڳ وڃائي چڪو آهي. خاص طور تي پي ٽي آءِ جي سياست ۾ اچڻ کانپوءِ، جيتوڻيڪ انهيءَ روش جي شروعات 60ع واري ڏهاڪي کان ٿي هئي، ناميارا سياستدان انهن جا نالا نٿا کڻون، پنهنجي تقريرن ۾ پنهنجن مخالفن لاءِ خراب زبان استعمال ڪندا رهيا ۽ پوءِ اهو ٻج آهستي آهستي وڌندو ويو ۽ وڌي وڻ ٿي چڪو آهي. هاڻي ماڻهو ڳالهائين ٿا ته انهن جي زبان مان لفظن جي بجاءِ ڪنڊا نڪرن ٿا جيڪي سامهون واري جي دل آزاري ڪن ٿا ۽ باقي ماڻهو تماشائي بڻجي تاڙيون وڄائين ٿا، ان کي پروان پي ٽي آءِ جي چيئرمين چڙهايو آهي. وٽس سڀ کان وڌيڪ ويجهو ۽ قابل قدر ڪارڪن يا اڳواڻ اهو هوندو هو جيڪو لفظن جي استعمال سان سامهون واري جو پٽڪو لاهي، پوءِ ڳالهه ايستائين وڃي پهتي جو پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ٽاڪ شوز ۾ ويٺل ٻي پارٽي جي اڳواڻن کي گارگند کان هٽي ڪري مارڪٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي.
ٻڌايو ٿو وڃي ته جڏهن اهي ڳالهيون شڪايتي انداز ۾ باني پي ٽي آءِ وٽ ڪيون وينديون هيون ته هو خوش ٿيندو هو ۽ چوندو هو ته هاڻي ڏسجو ته اها وڊيو ڪيتري وائرل ٿئي ٿي. سندس ئي پارٽي جي اڳواڻن مان هڪ اڳواڻ فيصل واوڊا به آهي جنهن جي تربيت پڻ باني پي ٽي آءِ جي هٿ هيٺ ٿيل آهي ۽ هو جنهن به ٽاڪ شو ۾ ويهندو هو، هن جو انداز جارحانه، ڪاوڙ ڀريو ۽ سندس لفظ اخلاق کان ڪريل هوندا هئا. شايد ان ڪري هو باني پي ٽي آءِ کي تمام گهڻو ويجهو هو. هاڻي جڏهن هو پي ٽِي آءِ کي ڇڏي آزاد حيثيت سان سينيٽر بڻجي چڪو آهي، تڏهن به سندس انداز ساڳيو آهي. ڇو ته کيس ٻڌايو ويو هو ته هن وقت سماج اندر جنهن انداز کي وڌيڪ پذيرائي ملي ٿي انهيءَ ۾ اخلاق نالي ڪا شيءِ هئڻ نه گهرجي. سندس انهيءَ روش کيس اڄ توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس ڏياريو آهي جنهن جي شنوائي 5 جون تي سپريم ڪورٽ ۾ رکي وئي آهي.
ان پريس ڪانفرنس ۾ جيتوڻيڪ سندس اٿاريل سوال انتهائي اهم هئا، پر سندس انداز، سندس لفظن جي چونڊ ۽ ڌمڪين کي ڪنهن به صورت ۾ ڀلو نٿو چئي سگهجي نه ئي چوڻ گهرجي. واوڊا ان وقت به طاقتور پارٽي سان گڏ هو ۽ اڄ به چيو ٿو وڃي ته طاقتور سندس پٺيان آهن جن کيس سينيٽر چونڊرايو آهي، پر شايد هن دفعي سندس واسطو هڪ ٻئي طاقتور اداري سان پيو آهي جنهن جي لاءِ هن واضح چيو هو ته اسان جا پٽڪا لاٿا ويندا ته اوهان جي پٽڪن کي فوٽ بال بڻائي ڇڏينداسين. فيصلو ڪهڙو به اچي ٿو، پر هاڻي جيڪي به ساڃاهه وند ماڻهو آهن انهن کي انهيءَ ڳالهه تي يقينن غور ڪرڻ گهرجي ته ڇا پنهنجو موقف نرم لفظن ۾ ۽ بااخلاق انداز ۾ رکي نٿو سگهجي؟ صرف انهيءَ ماڻهو جي ڳالهه ٻڌي ٿي وڃي جيڪو وڏي آواز سان، تميز جي دائري کان نڪري ڳالهيون ڪري ۽ ڌمڪيون ڏئي ته پوءِ سندس شنوائي ٿيندي. ان کي ويجهو ويهاريو ويندو. ان روش جي حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي. سماج کي تربيت جي ضرورت آهي، تربيت ميڊيا ڪري، استاد ڪن، بااخلاق ماڻهو ڪن، وڪيل ڪن، جج ڪن يا پارليامينٽ ۾ ويٺل عوام جا چونڊيل نمائندا، پر ٿيڻ ضرور گهرجي. جيڪي ماڻهو با اخلاق نموني سان بهتر انداز ۾ پنهنجي ڳالهه رکڻ چاهين ٿا انهن جي ڳالهه کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي بجاءِ انهن جي جيڪي جارحانه انداز ۽ اخلاق جي دائري کان نڪري پنهنجي موقف جي پرچار ڪن ٿا. هاڻي اسان جو سماج بداخلاقي جي بار کي وڌيڪ برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿو رکي، ان لاءِ سماج جي اخلاقي تربيت ڪرڻ ضروري آهي.