سنڌ جي امن امان تي 155 ارب خرچ ٿيڻ باوجود امن امان ڇو نه ٿو ٿئي؟
سنڌ جي تازي صورتحال مان خبر پوي ٿي ته سنڌ پوليس امن امان جي صورتحال کان لاتعلق بڻجي چڪي آهي. سنڌ پوليس جي ڪارڪردگيءَ تي جيترو به افسوس ڪجي گهٽ آهي، سنڌ جي عوام جي ٽيڪسن جو وڏو حصو 155 ارب رپيا هر سال سنڌ پوليس ۽ رينجرز تي خرچ ڪيا وڃن ٿا، گذريل ڪجهه سالن کان ايف سي به ان ۾ حصيدار ٿي آهي، پر امن امان جي حالت ڏينهو ڏينهن خراب کان خراب ٿيندي پئي وڃي. گذريل 5 سالن ۾ سنڌ ۾ جنهن پارٽي جي حڪومت رهي آهي، اها پارٽي پنهنجي ڪاميابين جو جشن هن وقت پوري ملڪ ۾ جلسا ڪري ملهائي رهي آهي. انهيءَ حڪومت دوران سنڌ ۾ امن امان کي برقرار رکڻ جي لاءِ پوليس تي 504 ارب، رينجرز تي 27 ارب خرچ ٿي چڪا آهن، پر انهن جي ڪارڪردگي تسلي بخش نظر نه ٿي اچي. ٻهراڙين کي ته ڇڏيون ٿا، پر وڏن شهرن ۾ به ماڻهو پنهنجو پاڻ کي گهرن ۾ ۽ روڊن رستن تي محفوظ نه ٿا سمجهن. پوليس جي پنهنجي رپورٽ مطابق سال 2023 ۾ 1700 قتل جا واقعا ٿي چڪا آهن، عورتن سان زنا بي الجبر جا 55 واقعا رپورٽ ٿيا آهن. اها رپورٽ ته پوليس جي آهي، انهن واقعن جي ايف آئي آر داخل ٿي آهي، جن واقعن جي ايف آئي آر داخل نه ٿي ٿئي، انهيءَ جو انگ تمام گهڻو آهي. مستند سروي موجب سنڌ ۾ روزانو سراسري 12 ڇوڪرن سان جنسي ڏاڍائي ٿئي ٿي. جن جي ايف آئي آر داخل نه ٿي ٿئي. ڦُر، ڌاڙو، چوري، ڪار چوري، موٽر سائيڪل چوري جا واقعا هزارن ۾ آهن، موبائل ڦُر ته هاڻي ڏوهه ئي نه ٿو سمجهيو وڃي! شهرن اندر بدامني جي دانهن ميڊيا تي اچڻ باوجود ان جو تدارڪ نه ٿو ٿئي. ايستائين جو موٽرسائيڪل چوري ڪندڙ سي سي ٽي وي ۾ به اچي وڃن ٿا، پر پوءِ به پوليس انهن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي، جنهن منجهان واضح ٿئي ٿو ته پوليس انهن ڏوهن ۾ حصيدار آهي. ٻهراڙين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، اتي ته ڏوهه ناسور جي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن، انهن جي دانهن ميڊيا تائين به نٿي پهچي، رهي سهي ڪسر پوليس پاڻ پوري پئي ڪري، هاڻي ته سڌا سوان ڌاڙا ۽ ڦُرون ڪري رهي آهي. ڪراچي ۾ ڊي ايس پي ڌاڙو هنيو، سي ٽي ڊي اهلڪار پنهنجي ئي پٽي ڀائي جي گهر ۾ گهڙي ڦُر ڪري رهيا آهن يا سڪرنڊ پوليس ڪرڪيٽ جي قومي رانديگرن کان رشوت جي نالي تي وچ رستي تي ڦُر ٿي ڪري، اهي ڳالهيون روز جو معمول آهن. جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ قانون ٽوڙيندا ته پوءِ قانون تي عمل ٿيڻ مشڪل نه، پر ناممڪن ٿي پوي ٿو. سبب واضح آهن، پوليس جون ڀرتيون ميرٽ تي نه، پر پئسن تي ٿين ٿيون. انهن جي ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ سياسي طور ٿين ٿا. جنهن جي ڪري ضلعي جو ايس ايس پي بجاءِ عوام جي اڳيان جوابده ٿيڻ جي حڪومتي پارٽي جي وزيرن ۽ ايم پي ايز جي اڳيان جوابده آهي، ڇو جو انهن جي پوسٽنگ اهي ڪرائن ٿا. جنهن جي ڪري رشوت جو بازار گرم آهي. پوءِ امن امان ڪيئن ٿيندو؟ جيڪڏهن حڪومت سنجيدگي سان ڪوششون ڪري، پوليس جي ڀرتي نج ميرٽ تي ڪري، ميرٽ تي ڀرتي ٿيل اهلڪارن ۽ پوليس آفيسرن جي ٽريننگ جديد دور جي ٽيڪنالاجي جي حساب سان ڪرائي وڃي، ايف آئي آر داخل ٿيڻ ۾ دير نه ٿئي، پوءِ انويسٽيگيشن ۾ فيصلو ڪيو وڃي ته ايف آئي آر درست هئي يا نه ته بهتري اچي سگهي ٿي. ٿيڻ ائين کپي ته عوام کي قانون جي سُڌ ڏيڻ لاءِ پوليس طرفان شهرن، ٻهراڙين ۽ ننڍن ڳوٺن ۾ سيمينار ڪرايا وڃن. جنهن ۾ خاص طور تي عورتن جي شرڪت يقيني بڻائي وڃي، ڇو ته ٻهراڙي جي عورت گهريلو تشدد کي ڀوڳي ٿي، پر ان جي دانهن نه ٿي ڪري، ڇو ته سندس دانهن ورنائڻ وارن آفيسرن جو عورت سان رويو رُکو هوندو آهي. ميرٽ تي چونڊجڻ کانپوءِ به اهلڪارن ۽ آفيسرن جي نفسياتي ٽيسٽ ضرور ٿيڻ کپي، جنهن مان خبر پوندي ته انهن جي ذهن ۾ ڪٿي ڪو ڏوهاري انسان ته پلجي نه رهيو آهي، جيڪو اڳتي هلي پوليس کاتي جي طاقت حاصل ڪري بجاءِ عوام کي امن ڏيڻ جي بدامني پکيڙڻ جو سبب بڻجي. هن وقت اسان جديد دور ۾ زنده آهيون. سال 2024 کي ڀليڪار چئي رهيا آهيون، پر جڏهن هتي انگريز سرڪار جو راڄ هو، اهي به پوليس کاتي ۾ ڀرتي ڪرڻ کان پهرين اهلڪارن جي ۽ آفيسرن جي پوري ڇنڊڇاڻ ڪندا هئا ۽ سندن نفسياتي ٽيسٽ پڻ وٺندا هئا. پوليس اندر ڏوهن جو رجحان وڌي رهيو آهي، انهيءَ جي لاءِ هاڻي جيڪي به ڀرتيون ٿين، انهن آفيسرن جا نفسياتي ٽيسٽ وٺڻ لازمي قرار ڏنا وڃن. انهن ڪجهه تجويزن تي عمل ڪرڻ سان پوليس ۾ بهتري اچڻ جا امڪان آهن، جنهن سان امن امان بهتر ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن امن امان بهتر هوندو ته معاشري ۾ معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو ۽ ملڪ خوشحال ٿيندو.