بلاگنئون

سنڌ جي ڪورٽ ۾ لکين ڪيس فيصلن جا منتظر

پوري ملڪ جي ڪورٽن جو حال اسانجي سامهون آهي، جتي سياسي ۽ اشرافيه جا ڪيس ترجيحي بنيادن تي لڳايا وڃن ٿا، ٻڌا وڃن ٿا ۽ انهن تي فيصلا پڻ وقت سر اچن ٿا، پر عوام ويچارو انصاف وٺڻ لاءِ ڪورٽن جي درن تي ڌڪا کائيندو رهي ٿو، پر کيس انصاف نه ٿو ملي. انهيءَ صورتحال ۾ صوبي سنڌ جي ڪورٽن جي حالت اڃا وڌيڪ خراب آهي، جتي ڪورٽن طرفان وقت سر فيصلا نه ڏيڻ جي ڪري عام ماڻهوءَ جو عدالتي انصاف تان يقين ختم ٿي رهيو آهي ۽ ان جي ڪري پنچائتي فيصلن، قبيلائي جرڳن جي فيصلن کي واڌ ويجهه ملي رهي آهي. جيتوڻيڪ جرڳن جو قانون پنهنجو هوندو آهي. جيڪو ڪنهن حد تائين صرف ريتن ۽ روايتن تي منحصر هوندو آهي. انهن جي قانون جو ملڪ جي قانون سان ڪوبه واسطو نه هوندو آهي، جنهن جي ڪري خون خونن ۾ پاڙيا ويندا آهن. خونين کي سزا نه ملندي آهي، پر پوءِ به ماڻهو انهن جرڳن ۾ وڃڻ وڌيڪ پسند ڪن ٿا. انهيءَ ڪري ته عدالتي انصاف ملڻ مشڪل ٿي چڪو آهي. هن وقت صوبي جي ضلعي ڪورٽن ۾ لڳ ڀڳ پنجن لکن کان وڌيڪ ڪيس ٻڌڻ لاءِ موجود آهن، جن کي صرف 700 جج ٻڌي رهيا آهن. عدالتي انصاف نه ملڻ جو اهو پڻ وڏو سبب آهي. هيٺين ڪورٽن جا جج صاحبان ڪيسن جون صرف شنوايون ڏيندا رهن ٿا ۽ عام ڪيس به فيصلي تي پهچڻ لاءِ ٻه ٽي سالن جو ٽائيم وٺي ٿو. جنهن جو سبب جج گهٽ هجڻ، انهن جي نيت وقت سر فيصلا نه ڏيڻ، وڪيل صرف سائل کان فيون وٺي پوءِ پنهنجي آفيسن ۾ خاموش ٿي ويهن ٿا. پوليس جو پراسيڪيوشن سسٽم بنهه نه هجڻ جي برابر هجڻ، فوجداري ڪيسن ۾ مدي خارج تفتيش ڪرڻ ۽ واضح ثبوت هٿ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ سبب جنهن جي ڪري انصاف ملڻ ۾ دير ٿئي ٿي. ٻيو اسان وٽ اڄ به انگريز جي زماني جو ٺهيل قانون ڪورٽن ۾ هلي رهيو آهي. اڄ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ ڪابه قانونسازي نه ٿي ڪري ۽ پارليامينٽ جي اهم اِشو کي نظرانداز ڪرڻ سبب اهو پورو نظام عام ماڻهو کي انصاف نه ملي رهيو آهي. هيٺين ڪورٽن جا فيصلا ٻڌائجن ته دنيا کلندي نظر ايندي. هڪ ايڊيشنل سيشن جج 4 سال ڪيس هلائڻ کانپوءِ جوابدارن کي ڪلمو ڀرائي بيگناهه قرار ڏئي ڇڏيو. فريادي ويچارو جج جو مُنهن ڏسندو رهيو ۽ اهي جوابدار جڏهن ڪورٽ کان آزاد ٿي ٻاهر آيا ته انهن جي اکين ۾ فريادي جي لاءِ کِل هئي ۽ فريادي هيٺ ڪنڌ ڪري پنهنجي گهر روانو ٿيو. اهڙن فيصلن کانپوءِ عام ماڻهوءَ جو انصاف تي ڪيترو يقين ٿي سگهي ٿو اهو چوڻ جي ضرورت ڪونهي. ڏُک ته اهو آهي ته خلع ۽ ٻارن جي حوالگي جهڙن عام ڪيسن جو فيصلو جيڪو صرف 2 شنوائين تي ٿي سگهي ٿو اهڙن ڪيسن کي به سالن جا سال هلايو وڃي ٿو، هن وقت به سنڌ جي ڪورٽن ۾ 12 هزار کان وڌيڪ اهڙا ڪيس موجود آهن. فوجداري ڪيسن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي انهن جو انگ ته 65 هزار کان مٿي آهي. هيٺين ڪورٽن جي حالت جو تفصيل ته اسان ڪجهه ڏنو آهي، پر هاءِ ڪورٽ سڳوري ۾ 2 لک جي انگ کان وڌيڪ ڪيس فيصلن جا منتظر آهن، جنهن ماڻهو کي ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو هوندو، انهيءَ کي خبر هوندي ته ڪيئن ته ان جا پورا 2 ڏينهن پئسن خرچ ڪرڻ جي باوجود ذهني اذيت ۾ گذرندا آهن، ڇو ته هن کي هڪ ڏينهن پهرين پنهنجي وڪيل سان ملڻو پوندو آهي ۽ ٻئي ڏينهن هنن کي 8 بجي کان وٺي پهرين ڪورٽ ۾ حاضري ڏيڻي هوندي آهي، ڪورٽ ۾ فريادي به هڪ قسم جو جوابدار هوندو آهي ۽ ڪورٽ جي ڪارندن جو فرياديءَ سان رويو جوابدار کان بدتر هوندو آهي. هي آهي اسانجي 2024 ۾ ملڪ جي ڪورٽن جو حال. هن وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس عقيل احمد عباسي آهي ۽ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آهي، هنن ٻنهي ججن تي ذميواري به آهي ته فرض به آهي ۽ عوام جي ضرورت به آهي ته هو سياسي فيصلا ڀلي ڪندا اچن، پر ويچارو عوام جيڪو پنهنجي ڪيسن جي فيصلن جو منتظر آهي، انهيءَ کي تڪڙو انصاف ڏيڻ جي ڪوشش ڪن، جيڪو عوام جو حق آهي ۽ هنن ٻنهي صاحبن جو فرض آهي، حڪومت هيٺين ڪورٽن ۾ ججن جو تعداد پڻ وڌائي ته جيئن انهن تي گهڻي تعداد ۾ ڪيسن جو دٻاءُ نه هجي، ڪوبه معاشرو بغير انصاف جي ترقي ڪري نه سگهندو، اها ڳالهه اسان سڀني کي سمجهڻي پوندي.