ايڊيٽوريل

اياز جي انوکي ڏات واري واٽ تي هلندڙ بلاول ڀٽو کان رياست کي به سبق وٺڻ گهرجي

شيخ اياز کي مڃتا ڏيندي جڏهن فيض احمد فيض اهو چيو ته ڪاش! جيڪڏهن مان به اياز وانگر پنهنجي مادري ٻولي ۾ اهڙي شاعري ڪري سگهان، جهڙي اياز ڪري ٿو.! اها سنڌ جي انمول شاعر کي پنجاب جي فرزند جي ڀيٽا هئي. ملڪ ۾ عدم برداشپ، نفرت جهڙي جڙيل ماحول کي ختم ڪرڻ لاءِ شيخ اياز تي ٿيندڙ حيدرآباد ۾ ميلو وقت گذرڻ سان گڏ مڃتا ماڻي رهيو آهي. اياز ميلو 9 سال پهرين حيدرآباد ۾ شروع ڪيو ويو هو. هي حيدرآباد جي اها منفرد تقريب آهي، جيڪا ملڪ ۾ ۽ دنيا ۾ پڻ مڃتا ماڻي چڪي آهي. انهيءَ ميلي جي انتظاميه کي واڌايون. هن سال اياز ميلي جو افتتاح پيپلز پارٽي جي چيئرمين نوجوان اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري نوجوان وزير خارجه هوندي دنيا ۾ نه صرف ملڪ جو، پر پنهنجو به تعارف بهتر طريقي سان ڪرائي چڪو آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي تربيت جو اثر اسين هن نوجوان اڳواڻ ۾ ڏسي رهيا آهيون. هن وقت هي واحد پارٽي اڳواڻ آهي، جنهن پوري ملڪ ۾ سياسي جلسا ڪيا آهن ۽ انهن جلسن ۾ ڪيل تقريرن کي ٻڌجي ۽ ڏسجي ته هن جي سوچ، خيال ۽ پختگي سندس عمر کان وڌيڪ نظر اچي ٿي. اهڙو ئي اظهار هن اياز ميلي جي افتتاحي تقريب جي دوران ڪيل تقرير ۾ ڪيو. جيئن اياز چيو: “مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سين”. بلاول ڀٽو چيو: “A Pen is Mightier than sword” قلم تلوار کان طاقتور آهي. پوري دنيا کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ته مسئلا ٽيبل تي ويهي ڳالهين سان حل ٿيندا آهن، نه ڪي جنگ جي ميدانن ۾، ۽ انهي ۾ قلم جو ۽ قلمڪار جو ڪردار هوندو آهي ته پوري دنيا ۾ ٿيندڙ جنگون ختم ٿي وڃن. مسئلن جو حل ڳالهه ٻولهه ذريعي ڪڍي سگهجي ٿو. انهيءَ تي پوري دنيا متفق آهي، پر خبر ناهي ڪجهه ماڻهو انهيءَ ڳالهه تي عمل ڇو نٿا ڪن ۽ هو هر مسئلي جو حل طاقت ذريعي ڪرڻ چاهين ٿا. جنهن سان انتشار بجاءِ گهٽجڻ جي وڌي ٿو. ملڪ جي سڀني صوبن ۾ اهڙي قسم جون تقريرون نوجوان اڳواڻ بلاول ڀٽو ڪري رهيو آهي. عوام کي ۽ طاقتور حلقن کي ٻڌائي رهيو آهي ته برداشت ڪرڻ سکو. لفظن جي حرمت کي پامال نه ڪيو ۽ ماڻهن کي مخالف راءِ جو حق ڏيو. جيڪڏهن رياست نوجوان اڳواڻ جي انهن ڳالهين تي غور ڪري ته پنهنجي ملڪ ۾ جيڪو انارڪي جو ماحول آهي. اهو بنهه ختم ٿي سگهي ٿو. سياسي منارفت، مذهبي نفرت، نسلي تضاد ۽ ڪمزورن جي حق تلفي انهن سڀني ڳالهين جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو. انهن مسئلن کي صرف طاقت جي ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته پوءِ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ بلوچ عورتن ۽ ٻارن جي پُرامن مارچ کي رياست جي سختي سان ختم ڪرڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هوندو ۽ انهن عملن جي ڪري ملڪ جي سالميت ڪمزور ٿيندي. ماڻهن جي هڪ حصي ۾ نفرتون وڌنديون. ڇا ٿي پوي ها جيڪڏهن بلوچستان مان شروع ٿيل لانگ مارچ اسلام آباد پريس ڪلب آڏو پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي ها ۽ انهي جي جائز مسئلن کي رياست ۽ ان جا نمائندا انهن سان ڳالهين جي ذريعي مسئلي جو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن ها! رياست جي انهيءَ ڏاڍ وارو عمل ملڪ لاءِ دنيا ۾ نيڪ نامي جو سبب نه بڻيو آهي. دنيا چوندي ته اسين ڪهڙي منهن سان ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڀارتي جبر لاءِ آواز اٿاريون ٿا يا اسرائيل طرفان فلسطين تي ٿيندڙ ظلم جي لاءِ دنيا کي پنهنجو هم آواز ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. جڏهن ته انساني حقن جون تنظيمون اسان جي ڪيل حڪومتي قدمن تي آڱريون کڻنديون رهن ٿيون. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته رياستي نمائندا بلاول ڀٽو زرداري جهڙن نوجوان اڳواڻن سان گڏ ويهن، بلوچ نمائندن کي پاڻ سان گڏ ويهارين ۽ پوري ملڪ ۾ جتي به عوام جي حق تلفي ٿئي ٿي، اتان جي نمائندن سان ڳالهيون ڪري مسئلن جو حل ڪڍن، انهن جي حقن جي حفاظت ڪن، انهيءَ ۾ ملڪ جي ۽ عوام جي ڀلائي آهي. رياست کي پڻ برداشت ۽ سياڻپ واري پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. طاقت جي هٿيار سان زمين ته حاصل ڪري سگهجي ٿي، پر ماڻهن جون دليون کٽي نه ٿيون سگهجن. ماڻهن جي دلين کٽڻ جي لاءِ انهن کي حق ڏيڻا پوندا، انهن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻو پوندو، انهن سان آئيني ۽ قانوني اختيارن تحت ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. پُرامن احتجاج ڪرڻ ملڪ جي هر ماڻهو جو آئيني حق آهي اهو ان کان ڪير به کسي نه ٿو سگهي، جي نه ته پوءِ شيخ چواڻي: “ٿا تنهنجا ڀاري برج لُڏن، تون هيڻو آن هٿيارن سان”.