”يو ٽو بابا“ بلاول جي سياسي ميدان ۾ آيل هڪ نئين رڪاوٽ
طاقت جو دين، ڌرم، ايمان، اخلاق، اصول نه هوندو آهي، طاقت وٽ رشتن جو تقدس پڻ بلڪل نه هوندو آهي. تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي، طاقت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پٽن پنهنجي پيئرن کي مارايو، ڀائرن، ڀائرن کي مارايو، صرف انهيءَ ڪري جو طاقت صرف هڪ وٽ رهي. انهي طاقت ۾ ٻيو ڪير به شامل نه هجي. اهو گذريل دور هو. بادشاهن جو، آمرن جو، پر سياسي طاقت عوام جي ووٽ ذريعي حاصل ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ عوام پڻ شريڪِ طاقت سمجهيو ويندو آهي. اسان وٽ ائين ٿي نه سگهيو آهي. انهيءَ ڪري 60 کان 65 سيڪڙو نوجوانن جي اڳواڻي 70 سال جا بابا ڪري رهيا آهن. ڀلي 70 سالن جي بابن وٽ تجربو هجي، پر انهي تجربي پنهنجي ملڪ ۽ ان جي نوجوانن کي ڪوبه فائدو نه ڏنو آهي. ڇو ته هنن بابن صرف سمجهوتا ڪيا آهن ۽ سمجهوتا به انهيءَ ڪري ته طاقتور ڌرين کان ڪجهه طاقت پنهنجي مفاد لاءِ حاصل ڪن، نه ڪي پوري قوم لاءِ. نوجوان قيادت طرفان اهڙي قسم جون شڪايتون ۽ دانهون ڪجهه وقت کان ٻڌڻ ۾ اچن پيون، جڏهن پارليامينٽ ۾ بقول آصف زرداري (زير تربيت) سابق وزير خارجه بلاول ڀٽي تقرير ڪندي آصف زرداري ۽ نواز شريف کي اپيل ڪئي ته نوجوانن جي سياست کي رستو ڏيو، اوهان جي سياست نوجوانن جي لاءِ رستو بند ڪري رهي آهي، ڇو ته انهن جي سياست ۾ صرف سمجهوتا آهن، نواڻ ۽ رستا بلڪل نه آهن. حڪومت وڃڻ کانپوءِ هن وقت واحد جماعت ٽي (PPP) واري پاڪستان پيپلز پارٽي آهي، جنهن جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آهي، جيڪو پوري ملڪ ۾ جلسا ڪري سياست کي خاص طور نوجوانن کي متحرڪ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته باقي پارٽين جا بابا ڊرائنگ رومن جي سياست کي ترجيح ڏئي رهيا آهن، طاقتورن سان سمجهوتو ڪري پنهنجو حصو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. انهن ۾ چار (PPPP) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو صدر آصف زرداري به شامل آهي. بلاول ڀٽو هن وقت عمر جا 35 سال پورا ڪري چڪو آهي، ان کي سندس والد زيرتربيت سياستدان ڪوٺي ٿو. شايد کيس اندازو نه آهي ته سندس اهو بيان بلاول ڀٽو جي بيانيئي کي ڪيترو نقصان پهچائيندو، يا ڄاڻي واڻي هن جي سياست کي نقصان پهچائن جي ڪوشش ڪري ٿو، اهو وقت ٻڌائيندو. نوجوان قيادت جي حوالي سان ويجهي ماضي جون ڪجهه ڳالهيون آصف زرداري کي ياد ڪرائجن ته پاڪستان جو سڀ کان مقبول ترين ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو شهيد هو، جنهن جو اعتراف مخالف سياسي اڳواڻ پڻ ڪن ٿا. جنهن جي نالي سان ووٽ وٺي (PPPP) جون حڪومتون ٺهن ٿيون. ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جڏهن وزير خارجه هو ته ان جي عمر به بلاول ڀٽي وانگر 34 سال هئي، 1967 ۾ جڏهن هن پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو ته سندس عمر صرف 39 سال هئي. محترمه بينظير ڀٽو شهيد جڏهن پارٽي جون واڳون سنڀاليون ته سندس عمر 30 سال هئي ۽ جڏهن دنيا جي پهرين مسلمان وزيراعظم ٿي ته سندس عمر 35 سال هئي. نوجوانن پاڪستان جي سياست ۾ پاڻ ملهايو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن کي ملڪ جي سياسي نظام هلڻ نه ڏنو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو شهيد هجي يا محترمه بينظير ڀٽو شهيد ۽ هاڻي بلاول جي راهه ۾ رڪاوٽون پئدا ڪيون پيون وڃن. ملڪ جي نوجوان نسل جون ڪجهه اميدون پيپلز پارٽي جي نوجوان قيادت سان جڙيون آهن ته ان وقت بلاول ڀٽو جي سياست کي سياسي مخالفن ته تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، پر جڏهن سندس پيءَ ان جي عمر تي ۽ ان جي سياست تي تنقيد ڪري ته تاريخ پنهنجو مثال ورجائي ٿي ته “طاقت وٽ ڪوبه جذبو نه هوندو آهي ۽ ڪوبه رشتو نه هوندو آهي”، پر هي وقت 2023 جو آهي. نوجوان قيادت پوري دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائي رهي آهي. برطانيا جو وزيراعظم ڏسو يا ڪينيڊا جو وزيراعظم جڏهن انهن اسريل ملڪن جا اڳواڻ نوجوان ٿي سگهن ٿا، ته پوءِ پاڪستان بابن جو ٺيڪو ته نه کنيو آهي. يقينن نوجوان قيادت وٽ سمجهوتا گهٽ هوندا آهن، هي مدي خارج اصول ختم ڪري، سياست کي نئون رخ ڏئي، ملڪ کي جديد دنيا سان ڳنڍڻ جي لاءِ نوان خيال ۽ عمل ضرور هوندا آهن. جنهن جو عملي مظاهرو بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي 16 مهينن جي وزير خارجه جي حيثيت سان ڪارڪردگي ڏيکاري ڪيو. عوام پڻ چاهي ٿو ته سندن مسئلن جو حل نڪري. ان لاءِ نوجوان قيادت ضروري آهي. بابا ته مسئلن کي هلائيندا رهن ٿا ته جيئن انهن مسئلن کي بنياد بڻائي عوام کان ووٽ وٺي حڪومتن ۾ اچن، پر مسئلا حل نه ڪن. عوام ويچارو مسئلن جي مونجهاري ۾ ڦاٿل رهي. بلاول ڀٽو جو اصل امتحان هاڻي شروع ٿي رهيو آهي. جڏهن پنهنجي گهر مان ئي سندس لاءِ مخالفت ظاهر ٿي رهي آهي، کيس سياسي مخالفن سان گڏ پنهنجي پارٽي اڳواڻ ۽ سندس پيءَ سان به سياسي مهاڏو اٽڪائڻو پوندو ۽ کيس ثابت ڪرڻو پوندو ته سندس رڳن ۾ محترمه شهيد جو رت ڊوڙي پيو، جنهن شهادت ماڻي، پر ڪمپرومائز نه ڪيو. عوام جون اميدون ۽ نيڪ تمنائون نوجوان قيادت سان گڏ آهن. فيض چواڻي:
دیکھا جو کھا کے تیر کمیں گاہ کی طرف
اپنے ہی دوستوں سے ملاقات ہو گئی