بلاگنئون

سنڌ جي سهڻي شهر حيدرآباد جو مصروف آٽوڀان روڊ نڌڻڪو ڇڏيل

ڪلهوڙن جي دورِ حڪومت ۾ نيرون ڪوٽ جي نالي مان تبديل ٿي حيدرآباد ٿيڻ واري هن شهر کي مچائڻ ۾ ڪلهوڙا دور جي نامياري حاڪم غلام شاهه ڪلهوڙي جو وڏو هٿ آهي. جنهن هن شهر کي تعمير ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. پڪو قلعو به انهيءَ دور ۾ ٺهيو. سنڌو درياهه جي ڪپ تي موجود هي زرخيز علائقو جنهن جي موسم هميشه معتدل رهي ٿي. ڏينهن گرم ٿيڻ کانپوءِ شامون ٿڌيون ٿين ٿيون. گرمي جي ڏينهن ۾ درياهه کان ايندڙ هوائون گرمي جي زور کي ٽوڙينديون آهن. ميرن جي زماني ۾ ڪنهن حد تائين هن شهر کي ترقي نصيب ٿي، پر اصل ترقي هتان جي رهندڙ هندو برادري انگريزن جي دورِ حڪومت ۾ هن شهر کي وٺرائي. شاهي بازار، گاڏي کاتو، هيرآباد ۾ موجود اهي گهر حيدرآباد جي تاريخي اوج جا اهڃاڻ آهن. هر گهر ۾ منگهه هوندو هو. جنهن ڪري حيدرآباد کي منگهن جو شهر پڻ چيو ويندو هو. انگريزن ٿڌي سڙڪ ٺهرائي، راڻي باغ ٺهرايو. حسين آباد ۾ درياهه جي ڪپ تي پارڪ پڻ جوڙايو. ملڪ ٺهڻ کانپوءِ به حيدرآباد جي حيثيت منفرد رهي. گهٽ آدمشماري، ويڪرا روڊ، هر طرف وڻڪار حيدرآباد جي شام ته ماڻهن کي موهي وجهندي هئي، پوءِ هن شهر کي ڪنهن جي نظر لڳي جو اڄ هي شهر روڊن رستن جي حوالي سان کنڊرن جو ڏيک ڏئي ٿو. اها ٿڌي سڙڪ هجي، شهر جون گليون هجن، جڏهن بارشون پونديون آهن ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته سنڌو درياهه پنهنجو رستو مٽائي حيدرآباد شهر مان وهڻ شروع ڪيو آهي. ائين ناهي ته ڪو سرڪاري بجيٽ هن شهر تي خرچ نه ٿي آهي. يقينن هن شهر تي هزارين ارب رپيا گذريل 50 سالن ۾ خرچ ڪيا ويا آهن ته جيئن هن شهر جي خوبصورتي برقرار رهي ۽ شهر ترقي ڪندو رهي، پر اهي سڀ پئسا ڪجهه ماڻهن جي کيسن ۾ هليا ويا آهن ۽ جيڪي روڊ رستا ٺهيا آهن، انهن جو ڪم انتهائي ناقص نموني ٿيو آهي. انهيءَ ڪري صرف 6 مهينن جي وقت کانپوءِ اهي رستا کڏون بڻجي چڪا آهن. هتي اسان ٻن رستن جو خاص طور ذڪر ڪنداسين هڪ رستو علمدار چوڪ قاسم آباد کان سٽي اسڪول سحرش نگر تائين وارو آهي، جيڪو جون 2023 ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ جولاءِ جي هڪ بارش انهيءَ روڊ کي پاڻ سان گڏ وهائي وئي. ڪنهن سرڪاري عملدار کي اعتراض هجي ته اهو اڄ به انهي رستي تان گهمي پنهنجو اعتراض دور ڪري سگهي ٿو. هڪ مهيني جي اندر روڊ تباهه ٿي ويو. نه ٺيڪيدار کان پڇاڻو ڪيو ويو، نه انجنيئر تي ڪو ڪيس داخل ڪيو ويو، ۽ نه ئي وري ٽيڪس ڏيندڙ عوام پنهنجي حقن جي لاءِ اٿي بيٺي ته سندن ٽيڪسن مان ٺهيل روڊ ايترو جلدي ڇو ڊهي ويو. ان جا ذميدار ڪير آهن؟ ان ۾ عوام جو وڏو به ڏوهه آهي جو اها پنهنجي حقن جي لاءِ وقت سر نه ٿي اُٿي. صرف انهيءَ جي ڪري ته انهي ۾ سياسي ماڻهن کان وٺي سرڪاري ڪامورن تائين ۽ ٺيڪيدار سڀ ملوث هئا، جن پنهنجا پيٽ ڀريا ۽ کيسا ڀريا. ٻيو اهم روڊ آٽوڀان روڊ حيدرآباد آهي. آٽوڀان جرمن لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي موٽروي خبر ناهي ته هن روڊ جو نالو آٽوڀان ڇو رکيو ويو. دنيا ۾ آٽوڀان روڊن تي ٽريفڪ ايمرجنسي لائن تي 200 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار کان مٿي هلندي آهي. هن آٽوڀان تي ٽريفڪ 2 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندي آهي. صرف 5 ڪلوميٽر ڊگهو هي روڊ کڏن کُٻن جي ڪري ۽ گهڻو ڪري ٽريفڪ جام جي ڪري ٻن ڪلاڪن ۾ طئي ٿيندو آهي. جڏهن ته هي روڊ ڪمرشل روڊ آهي. هتي ڪيترائي مهانگا برانڊ، آئوٽليٽس موجود آهن جنهن جي ڪري شهر جا سرندي وارا ماڻهو هتي اچي شاپنگ ڪن ٿا ۽ يقينن ٽيڪس ڏيندڙ به آهن، پر انهن کي حيدرآباد انتظاميه جي نااهلي سبب ان قسم جون حالتون ڀوڳڻيون پون ٿيون. انهن مهانگن دڪانن مان ايڇ ڊي اي کي هر سال ڪروڙين رپين جو ٽيڪس ملي ٿو ۽ پارڪنگ جي نالي تي پڻ هر مهيني لکين رپيا ايڇ ڊي اي ڪمائي رهيو آهي. جيڪڏهن انهن پيسن کي هن روڊ تي خرچ ڪيو وڃي ته انهيءَ جي حالت بهترين ٿي سگهي ٿي، پر هن وقت هي روڊ ڪنهن شهر جو روڊ نه، پر ٻهراڙي جي ڪنهن ڏورانهين علائقي جو تباهه شده روڊ نظر اچي رهيو آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ روڊ تان روز حيدرآباد جا روز ڪيترائي سياستدان، سٽي جو ميئر، ڪائونسلر، سرڪاري ڪامورا جن ۾ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي، ڊي آئي جي سڀني جو گذر ٿئي ٿو، پر انهن کي به هن روڊ جي حالت تي رحم نه ٿو اچي. هن وقت انهيءَ روڊ جي پاسي ۾ برساتي پاڻي جي لاءِ وڏو نالو ٺهي رهيو آهي، جنهن کي ٺهندي 6 مهينا گذري ويا آهن ۽ جنهن جي ٺهڻ جي ڪري اتي رهندڙ هزارين ماڻهو روز پريشانيون ڀوڳي رهيا آهن. انهيءَ نالي جي بهاني روڊ تي موجود قديم وڻن کي ڪاسائين وانگر ڪُهي پٽ تي اڇلايو ويو، پر انهن سڀني ماڻهن جي ڪن تي جون به ڪونه ٿي سُري. شايد اهي هن شهر کي پنهنجو نٿا سمجهن. صرف هن شهر کي ڪمائي جو ذريعو سمجهن ٿا ۽ پنهنجون ملڪيتون ڊي ايڇ اي، بحريه ٽائون يا وري دبئي ۾ ٺاهي رهيا آهن. افسوس ته عوام تي به آهي جيڪو روز موٽرسائيڪل تي چڙهي انهن روڊن تان گذري پنهنجن ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ وڃي ٿو، آفيس وڃي ٿو، پاڻ کي چيلهه جي سور جو مريض بڻائي ٿو، ڇا اهو ايندڙ اليڪشن ۾ پنهنجي ووٽ جي طاقت وري ته اهڙن اميدوارن کي نه ڏيندو جن ۾ شهر جي ترقي ڪرائڻ جي نه اهليت ۽ نه ئي نيت هجي. هو سياسي طاقت وٺي صرف پنهنجو پيٽ ڀريندو هجي. دل ته چوي ٿي ته هن شهر جون اوجون وري موٽي اچن، روڊ رستا صاف سٿرا ۽ ڀلا هجن، صفائي جو نظام بهتر هجي، ٿي ته سگهي ٿو، پر اهو سڀ آخر ڪنهن جي ذميواري آهي؟ عوام کي ان جو جواب ملڻ گهرجي.