ملڪ جي آئنده سال لاءِ معاشي واڌ جي شرح جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. سالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ايندڙ مالي سال لاءِ جي ڊي پي جو ٽارگيٽ 3.6 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي. منصوبابندي واري وزارت جو اهو ٽارگيٽ ملڪ جي ترقيءَ جي شرح ۾ بهتري ظاهر ڪري ٿو. جڏهن ته گذريل سالن ۾ اسان جي سالياني جي ڊي پي گهٽ رهي آهي. هي انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ايندڙ مالي سال ۾ جي ڊي پي ۾ اضافو ٿيندو، تڏهن پلاننگ ڪميشن اهو فيصلو ڪيو آهي ته جي ڊي پي جو ٽارگيٽ ايندڙ سال 3.6 هوندو.
ڪنهن به ملڪ جي ملڪي پيداوار ان جي ترقيءَ جي شرح کي طئي ڪري ٿي. اسان وٽ بنيادي طرح زراعت جو شعبو اسان جي جي ڊي پي جي واڌ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن سال زراعت جي شعبي ۾ اسان جي رڪارڊ پيداوار يقينن اسان جي جي ڊي پي کي بهتر ڪيو آهي. اسان جو صنعتي سيڪٽر جنهن ۾ کنڊ جي صنعت ۽ ڪپڙي جي صنعت اهم صنعتون آهن، جن جو به اسان جي ملڪ جي ترقي جي واڌ ۾ اهم ڪردار آهي. ملڪ جو صنعتي ۽ زراعتي سيڪٽر اسان جي ترقيءَ جا بنياد آهن. هاڻي به کنڊ جي واڌو پيداوار پرڏيهه موڪلڻ متعلق فيصلا ٿي رهيا آهن. ٽيڪسٽائل جي مصنوعات جي پرڏيهه موڪلڻ به ان سلسلي ۾ اهم آهي. هڪ طرف انهيءَ جو اسان جي جي ڊي پي تي اثر آهي ۽ ٻئي طرف سڌو اسين انهيءَ مان پرڏيهي ناڻو ڪمايون ٿا، جنهن جي اسان کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي. مالي سال 22-2021 ۽ 23-2022 اسان جي واڌ جي شرح ۽ اسان جي زرعي ۽ صنعتي ترقي بهتر هيون، پر لڳي ٿو ته هلندڙ مالي سال ۽ ايندڙ مالي سال 25-2024 اسان جي ترقيءَ جا اشارا اڃان وڌيڪ بهتر ٿي رهيا آهن، تڌهن پلاننگ ڪميشن مطمئن آهي جو انهيءَ اسان جي جي ڊي پي جو هدف 3.6 مقرر ڪيو آهي. اسان جي ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي هڪ وڏو سفر درپيش آهي. جڏهن ته پاڙيسري ملڪن جي جي ڊي پي اسان کان گهڻي بهتر آهي. انهيءَ ڪري اسين سرڪار ۽ پاليسي ساز ادارن کي اهو چونداسين ته اهي ملڪ جي زرعي ۽ صنعتي ترقي لاءِ نيون رٿائون جوڙين. اسان وٽ نوجوان آبادي ملڪ جو 60 سيڪڙو آهي. نوجوان آبادي کي ملڪ جي ترقيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار تڏهن ئي ڪري سگهبو جڏهن اسان وٽ زراعت جي شعبي ۾ وڌيڪ سگهه، تحقيق ۽ پيداوار هوندي. اهو مڃجي به ٿو ته موجوده سرڪار جو زراعت تي گهڻو ڌيان آهي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون آبادگارن کي سهولتون فراهم ڪري رهيون آهن جيئن زراعت جي شعبي ۾ اسان جي پاڻ ڀرائي برقرار رهي ۽ اسين زرعي اسمن جي پرڏيهي واپار مان پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهون، ايئن ئي صنعتي شعبي ۾ کنڊ ۽ ڪپڙي جي پرڏيهه واپار ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ جو اسين ڪپهه ۽ ڪمند جي فصل جا بهتر اپائيندڙ آهيون.
پلاننگ ڪميشن جو نئين مالي سال لاءِ هدف جيتوڻيڪ ايترو وڏو ناهي، پر اميد افزا آهي ته اسين پنهنجي ترقي جي طرف وک کڻي رهيا آهيون. اسين اهو به سمجهون ٿا ته اسان جو ملڪ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ به اڳڀرو ٿي رهيو آهي ۽ اسان جي گهرو صنعت يعني ڪاٽيج انڊسٽري جو اسان جي ترقي ۽ اسان جي جي ڊي پي جي واڌ ۾ اهم حصو آهي. ساليانه پلاننگ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ايندڙ سال لاءِ زراعت ۾ جي ڊي پي جو 2 سيڪڙو ۽ وڏين صنعتن لاءِ 4.4 سيڪڙو رٿيو آهي. هتي اسين اها ڳالهه ڪنداسين ته صنعتي سيڪٽر اڃان به وڌيڪ ترقي ڪري، پر وفاقي ۽ صوبائي سرڪارن کي زراعت تي وڌيڪ توجهه ڏيڻو پوندو جيئن ايندڙ سال اسان جو جي ڊي پي 3.6 سيڪڙو کان به اڳتي وڃي سگهي.