بلاگنئون

برطانوي هاءِ ڪمشنر کي چيف جسٽس جو جواب ته پاڪستان هاڻي آزاد آهي

پاڪستان ملڪ جو وجود 14 آگسٽ 1947ع تي ٿيو. اها تاريخي حقيقت آهي ته ان کان پهرين اسين برطانيه جي ڪالوني هئاسين. برطانيه وائيس راءِ مقرر ڪندي هئي جيڪي هندستان تي حڪومت ڪندا هئا، پر اها ڳالهه آزاديءَ کان پهرين جي آهي. اها به حقيقت آهي ته هندستان مان وجود وٺندڙ ڀارت پنهنجي سياسي پاليسين کي آزاد رکيو ۽ ٻاهرين مداخلت کي برداشت نه ڪيو. ساڳيو ڪم 1971ع کانپوءِ بنگلاديش ڪندو رهيو، پر پنهنجي ملڪ پاڪستان جا اڳواڻ برطانيه جي اثر کان ٻاهر نه نڪتا آهن.
جيڪڏهن ڪنهن سياسي اڳواڻ کي سياسي پناهه وٺڻي آهي ته هو برطانيه پهچي ٿو. سياسي گڏجاڻيون ڪرڻيون آهن، اهي به برطانيه ۾ ٿين ٿيون، اهو ئي سبب رهيو جو برطانيه اسان جي مٿان حڪمران نه هوندي به اڻ سڌي حڪمراني ڪندو رهيو آهي. هن وقت به لنڊن پلان جو آواز هر هنڌ ٻڌو ٿو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو برطانيه جا سفارتڪار سمجهن ٿا ته شايد اڃان به هو پاڪستان جا حڪمران آهن. اهڙو ئي اظهار اسان کي برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جو عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ تقرير ڪرڻ دوران نظر آيو. جڏهن هن پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي آڱريون کنيون ان وقت هو برطانيه جي هاءِ ڪمشنر نه پر پي ٽي آءِ جي سفير نظر اچي رهي هئي. ان تقرير دوران هن چيو ته پي ٽي آءِ کي چونڊ وڙهڻ لاءِ برابريءَ جو حق نه مليو، پي ٽي آءِ کان سندن چونڊ نشان ڪورٽ سڳوري کسيو ۽ اهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي ڳالهيون پي ٽي آءِ جي مفاد ۾ ڪيون. ظاهر آهي پي ٽي آءِ ته ان ڳالهه کي تمام گهڻو ميڊيا تي آندو، پر حڪومت بنهه خاموش رهي. حڪومتي ايوانن مان ڪنهن به ماڻهو يا پرڏيهي آفيس جي ڪنهن به آفيسر احتجاج نه ڪيو ته هڪ ٻاهرين ملڪ جي سفير کي ملڪي معاملن تي ڳالهائڻ جي اجازت ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي. نيٺ اهو ڪم به چيف جسٽس سپريم ڪورٽ قاضي فائز عيسيٰ کي ڪرڻو پئجي ويو. قاضي فائز عيسيٰ سمجهيو ته هيءَ ملڪ جي ڪمزوري ٿيندي ته ڪو ٻاهريون سفير اسان جي ملڪ جي معاملن ۾ مداخلت ڪري اسان جي انصاف تي آڱريون کڻي، هن جو ڪم ته سفارتڪاري آهي سفارتڪار ملڪي ليول جي ٻاهرين معاملن تي ڳالهائيندا آهن، ملڪن سان رابطا بهتر بنائيندا آهن ۽ ملڪ ۾ جيڪا به حڪومت هوندي آهي ان سان ئي ڳالهيون ڪندا آهن، پر گورا گورا آهن! اڄ به شايد اهي پاڻ کي اسان جا حڪمران سمجهن ٿا.
چيف جسٽس انهن کي خط لکي نه صرف اهو جواب ڏنو آهي ته اوهان کي ڪوبه حق ناهي جو اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪريو ان سان ملڪ جي عزت تي آڱر کڄي ٿي. توهان جيڪڏهن ايترائي انصاف پسند آهيو ته پوءِ پنهنجي ملڪ جو خيال ڪيو. هن کين مثال پڻ ڏنا ته اوهان جو ڪم دنيا جي ملڪن ۾ حڪومتن کي سازشن ذريعي ڪمزور ڪرڻ ۽ هٽائڻ رهيو آهي. ايران جي حڪومت جو حوالو ڏنو ويو، اسرائيل کي غير قانوني طور تسليم ڪيو ويو ۽ اسرائيلي جارحيت تي برطانيه ڪڏهن به آواز بلند نه ڪيو. مهرباني ڪري پنهنجي سيني اندر به جهاتي پائي ڏسو. ٻين تي آڱريون کڻڻ کان پهرين پنهنجن پاليسين تي به غور ڪيو. هاڻي پي ٽي آءِ يقينن ان ڳالهه تي ناراض ٿيندي ته چيف جسٽس جو سفارتڪاري ۾ ڪهڙو ڪم آهي، حقيقت ۾ ته ان سفارتڪار کي جواب حڪومت کي ڏيڻ گهرجي ها، پر پر چيف جسٽس اهو ڪم ڪري اظهار ڪيو آهي ته ملڪ جي عزت، سالميت ۽ خود مختياري ۾ ٻاهرين ماڻهو جو عمل دخل برداشت نه ڪبو. ٻئي پاسي ڏسون ٿا ته جڏهن چيف جسٽس جي مٿان راولپندي جي هڪ ڪمشنر ذاتي تنقيد ڪندي بي بنياد الزام لڳايا ته ان وقت چيف جسٽس ان جي خلاف ڪوبه ايڪشن نه ورتو. اهو عمل اهو انسان ڪري سگهي ٿو جنهن کي يقينن پنهنجي ذات کان وڌيڪ ملڪ سان پيار هجي ۽ ملڪ جي ادارن جي وقار جو خيال هجي، چيف جسٽس اصولن کي اوليت ڏئي ٿو، اصولن کي پنهنجي ذات کان مٿانهون سمجهي ٿو. اهو جواب حڪومت کي ڏيڻ کپندو هو، پر حڪومت پي ٽي آءِ جي خوف کان ٻاهر نڪري ئي ڪونه ٿي. اسين پاڪستان جي عوام جي حيثيت سان چيف جسٽس جي لکيل خط جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا. برطانيه کي سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان هاڻي سندس ڪالوني نه آهي.