بلاگنئون

جمهوريت جون پرچارڪ غير جمهوري سياسي جماعتون

پاڪستان ۾ هن وقت 100 کان وڌيڪ سياسي جماعتون اليڪشن ڪميشن وٽ رجسٽرڊ آهن. جن کي نشان به الاٽ ٿيل آهن. انهن سڀني وٽ پنهنجو پنهنجو آئين ۽ منشور پڻ آهي. انهن سڀني جماعتن جي آئين تي هڪ نظر وجهنداسين ته سڀئي جماعتون پنهنجي آئين مطابق تمام گهڻيون جمهوريت پسند نظر اينديون. ميمبر کان وٺي پارٽي جو اڳواڻ پوءِ ان جو عهدو صدر جو هجي يا چيئرمين جو انهن کي چونڊجڻ جو هڪ طريقي ڪار موجود آهي، سوال اهو آهي ته پنهنجي آئين مطابق اهي سڀئي سياسي جماعتون پارٽي اندر چونڊون ڪرائين ٿيون، عام ميمبر کي انهيءَ ۾ شامل ڪن ٿيون يا صرف ڪاغذي خانه پوري ٿي رهي هوندي آهي. جيڪڏهن اسين ملڪ جي ڪجهه وڏين سياسي جماعتن جي ڳالهه ڪريون جنهن ۾ نون ليگ، پيپلز پارٽي، پي ٽي آئي، جي يو آئي ايف، اي اين پي، ايم ڪيو ايم، بي اي پي، جماعت اسلامي ۽ کوڙ ٻيون سياسي جماعتون اهڙيون آهن جن ۾ جماعت اسلامي کانسواءِ سا به ڪنهن حد تائين، پارٽي اندر باقاعده اليڪشن جو مظاهرو نه ٿيندو آهي. جڏهن ميان نواز شريف کي نااهل ڪيو ويو ته هڪدم شهباز شريف کي صدر طور پارٽي جي اڳيان آندو ويو، انهيءَ جي ڪابه اليڪشن نه ٿي هئي، ائين ئي جڏهن پيپلز پارٽي پرويز مشرف جي دور ۾ عتاب جي هيٺ هئي ته ان وقت محترمه بينظير ڀٽو هڪ نئين پارٽي جوڙي مخدوم امين فهيم کي ان جو صدر ٺاهيو هو، جنهن پارٽي جو صدر هن وقت آصف علي زرداري آهي. انهيءَ ۾ به ڪٿي اليڪشن نظر نه آئي ۽ هاڻي تازو مثال پي ٽي آئي جو آهي، جڏهن سندس چيئرمين کي سزا ٻڌائي نااهل ڪيو ويو ۽ اليڪشن ڪميشن پي ٽي آئي کي سختي سان چيو ته 20 ڏينهن اندر اليڪشن ڪرايو، نه ته اوهان جي رجسٽريشن معطل ڪري اوهان جو نشان جيڪو بيٽ آهي، اوهان کي نه ڏينداسين. اها اليڪشن سڀني جي سامهون اچي وئي. اڌ ڪلاڪ جي اندر هڪ نئون چيئرمين چونڊيو ويو. روپوش ۽ جيل ۾ پيل ليڊر صوبن جا صدر چونڊجي ويا اهو به واضح نه ٿي سگهيو ته انهن عهدن جي لاءِ فارم ڪهڙي طريقي ڪار سان ڀريا ويا. اهو ساڳيو ئي طريقو سڀني جماعتن ۾ رائج آهي. اهو اسانجي سياست جو الميو آهي، جو هتي سياسي جماعتون ذاتي ملڪيت طور هلايون وڃن ٿيون. انهيءَ ۾ جمهوريت ڪٿي به نظر نه ٿي اچي. عام ڪارڪن صرف نعرن هڻڻ جي حد تائين انهيءَ ۾ شامل آهن. اهو سياسي جماعتن جو غير جمهوري رويو آهي، جنهن جي ڪري اسانجي ملڪ ۾ جمهوريت هميشه ڪمزور رهي آهي ۽ ايندڙ ويجهي مستقبل ۾ به اها مضبوط ٿيندي نظر نه ٿي اچي. بس پوءِ سياسي جماعتن جو هڪ ئي آسرو هوندو آهي ته ڪنهن به نموني طاقتور ڌرين سان ٺاهه ڪري حڪومت ۾ حصي داري حاصل ڪريون ۽ جڏهن ان طاقتور ڌرين سان حصي داري ڪري حڪومت حاصل ڪندا آهن ته پوءِ انهن کي طاقتور ڌرين سان سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي، ۽ پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻا هوندا آهن. عوام جي سامهون اچي جمهوريت جا ڀلا راڳ ٻڌائي ماڻهن کي خوش ڪندا آهن. انهن جي ذهني تربيت، تعليم ۽ معيشت تي سندن ڪوبه ڌيان نه هوندو آهي، ڇو ته سڀ جون سڀ سياسي جماعتون غير جمهوري انداز سان پنهنجي جماعتن جا اڳواڻ چونڊين ٿيون يا اڳواڻ پارٽي ٺاهي پوءِ ان جي مٿان حڪومت ڪندا نظر اچن ٿا. جيستائين اهو ڪاروهنوار ملڪ ۾ هلندو رهندو، ان وقت تائين سياسي جماعتون مضبوط نه ٿينديون، سياست مضبوط نه ٿيندي ۽ جيڪڏهن سياست مضبوط نه ٿيندي ته پوءِ جمهوريت جا حال اهڙا ئي رهندا جيڪي اسانجي ملڪ ۾ آهن. اسان جي سياسي جماعتن کي هاڻي اهو سمجهڻو پوندو ته جيستائين هو پنهنجي جماعتن ۾ جمهوريت نه آڻيندا، ان وقت تائين ملڪ ۾ جمهوريت جو اچڻ ناممڪن ته نه، پر مشڪل ضرور آهي.