بلاگخاصنئون

مودي سرڪار ۽ گودي ميڊيا جا چڪنا چور خواب

دنيا جي وڏي ۾ وڏي جمهوري ملڪ ڀارت ۾ چونڊون ستن مرحلن ۾ ٿي گذريون، جتي 97 ڪروڙ ووٽر رجسٽر ٿيل هئا، جن مان 66 سيڪڙو ووٽرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. مودي جي انتها پسند سوچ کي ناڪامي ملي. انتها پسنديءَ کي جيڪڏهن هڪ جملي ۾ سمجهڻ چاهيون ته ايئن چئي سگهجي ٿو ته هيءَ سوچ جيڪا صرف پنهنجو پاڻ کي درست سمجهي ٿي ۽ ٻين کي ڪوڙو ۽ سواءِ سندن سوچ سان سهمت ماڻهن کان ٻين کان جيئڻ جو حق کسڻ چاهي ٿي. هاڻي انهيءَ سوچ ۾ ورتل ماڻهو ان جو پرچار مختلف روپن ۾ ڪندا رهندا آهن. ان سان هو معاشري ۾ نفرت ۽ متڀيد جو زهر پکيڙي سماج کي ننڍبن ننڍن ٽڪرن ۾ ورهائيندا رهندا آهن. اها سوچ مذهبي هجي، نسلي هجي، طبقاتي برتري جي هجي يا صنفي هجي، ان سوچ جا مختلف روپ آهن. بدقسمتي اها آهي ته اهو قابلِ نفرت زهر سماج اندر جلد ئي پکڙجي وڃي ٿو ۽ پوءِ سماج معذور بڻجي وڃي ٿو.
نفرت جو پرچارڪ ڪندڙ هزارين سالن کان ڌرتيءَ کي انهيءَ باهه ۾ جلائيندا رهيا آهن. اهو چورن اڃان به مارڪيٽ ۾ وڪامجي پيو. هٽلر ويجهي ماضيءَ ۾ نفرت پکيڙي نسلي برتري جي سوچ کي اڀاريو. هلندڙ دور ۾ ڊونلڊ ٽرمپ کان وٺي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو نالو ڳڻائي سگهجي ٿو. نالو ته پي ٽي آءِ جي بانيءَ جو به انهيءَ لسٽ ۾ شامل آهي. نريندر مودي جڏهن گجرات جو وزيراعليٰ هو ان وقت گجرات ۾ هندو، مسلم فساد شروع ڪرائڻ جو الزام سندس مٿان لڳو. جنهن ۾ هزارين بيگناهه مسلمان مارجي ويا. ڇو ته اهي ڪمزور هئا. اها به حقيقت آهي ته انهيءَ نفرت واري پرچار جو کاڄ ڪمزور انسان ٿئي ٿو. نريندر مودي گذريل ڏهن سالن کان ڀارت جو وزيراعظم رهيو آهي ۽ تازي ٿيل اليڪشن ۾ پڻ ٽيون دفعو وزيراعظم ٿيندي نظر اچي ٿو. ڇو ته بهرحال حڪمران اتحاد ڀارت ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ سادي اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي. سندن لوڪ سڀا ۾ سيٽن جو تعداد 294 تي پهچي ويو آهي. جڏهن ته ڀارت ۾ حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ لوڪ سڀا اندر 272 ميمبرن جي ضرورت آهي. انهيءَ طرف ڌيان ڪجي ته مودي جي اليڪشن ۾ ڪاميابي ٿي آهي ڇو ته هو ٽيون دفعو حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويو آهي. ٻئي پاسي ڏسجي ته جنهن انتها پسند سوچ جي نريندر مودي ڀارت ۾ پرچار ڪري رهيو هو جنهن سبب هو هندو اشرافيه وٽ ائين ئي قابل قبول هو جيئن آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ آهي. انهيءَ سوچ جي ناڪامي نظر اچي ٿي. هن دفعي مودي سرعام مسلمانن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو رهيو. جيتوڻيڪ ڀارت اندر 25 ڪروڙن کان وڌيڪ مسلمان آباد آهن. ان کانسواءِ سک، مسيحي برادري. ڀارت ۾ رهندڙ هيٺئين ذات جا هندو خانابدوش قبيلا سندس تنقيد جو نشانو هئا. سندس سياسي نعرو “اب ڪي بار چار سئو پار” ناڪام ٿيو. مودي جي سامهون مخالف ڌر جو اتحاد جنهن پنهنجو نالو I.N.D.I.A رکيو، جنهن جي اڳواڻي راهول گانڌي ڪري رهيو هو. راهول گانڌي جي لاءِ مودي جيڪي لفظ استعمال ڪري رهيو هو اهڙا ئي لفظ اسان کي باني پي ٽي آءِ جي واتان سندس مخالفن لاءِ عام ٻڌا ويا آهن. ڪانگريس انفرادي طور 99 سيٽون حاصل ڪيون آهن، اها راهول گانڌي جي فتح آهي. ڇو ته گذريل اليڪشن ۾ ڪانگريس کي صرف 50 سيٽون مليون هيون. راهول گانڌي چوي ٿو ته مودي ميڊيا ۽ جوڊيشري بشمول ڪامورا شاهي جي پوري ڪوشش باوجود حڪمران اتحاد ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري نه سگهيو، ڀارت ۾ ميڊيا جو هڪ طرفو ڪردار نظر اچي ٿو، ان ڪري اتان جي اپوزيشن ان ميڊيا جو نالو “گودي ميڊيا” رکيو آهي، ان گودي ميڊيا دعويٰ ڪئي هئي ته هن دفعي حڪمران اتحاد 400 کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪندو، پر کين ناڪامي ٿي. جيڪڏهن حڪمران اتحاد ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ڪامياب ٿئي ها ته ڀارت جي آئين ۾ تمام گهڻيون تبديليون ڪري ها، جنهن سان ڀارت جي طاقت ختم ٿي وڃي ها، ڀارت جي طاقت سندس آئين آهي، جيڪو هر ڀارتي شهري جي بنيادي حقن جو ضامن آهي. ان ۾ طاقتور ۽ ڪمزور کي هڪ ئي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. اهو سڄو منظر ڏسڻ کانپوءِ جنهن ۾ هڪ انتها پسند سوچ کي ناڪامي ملي آهي. اسين پنهنجي ملڪ طرف نظر ڦيرايون ٿا جتي پڻ انتها پسندي کي هٿي ڏني وئي آهي. اها انتها پسندي مذهبي رهنمائن ۽ سياسي رهنمائن سماج اندر پکيڙي ماڻهن کي غلط رستي طرف وٺي وڃي رهيا آهن.
هتي پڻ ميڊيا جي، جوڊيشري جي، ڪامارا شاهي جي ڪردار تي اڱريون کڄن ٿيون ته اهي پنهنجي ذميواري سان انصاف نٿا ڪن. ڇا اسان جي ملڪ جا ماڻهو ان انتها پسندي واري سوچ کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا؟ جتي اڄ به ايم ڪيو ايم جهڙي سياسي جماعت نسلي متڀيد جي ڳالهه ڪري ٿي. جتي مذهبي رهنما مذهب کي هڪ هٿيار طور استعمال ڪن ٿا. باني پي ٽي آءِ جهڙا اڳواڻ ڪوڙ ۽ الزام تراشي کي ڪاميابي جو رستو سمجهن ٿا. اسان جي ادارن پاڻ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. ڀارت اندر چونڊون ستن مرحلن ۾ ٿيون، پر اليڪشن ڪميشن جي مٿان ڪنهن به سياسي پارٽي الزام نه هنيو آهي. اهو به ڏسڻو آهي ته اسان جا ادارا پاڻ کي ڪڏهن مضبوط ڪندا جو مٿن ڪڏهن به ڪا آڱر کڄي نه سگهي.