بلاگخاصنئون

سنڌ جي نگران حڪومت سرڪاري ملازمن جون پگهارون روڪي مايوسي ڇو ٿي پکيڙي؟

هڪڙو دور هو جو سرڪاري ملازمن کي چاهي اهو ڪهڙي به اداري ۾ ڪم ڪندو هجي، ان ڳالهه جو يقين هوندو هو ته کيس پهرين تاريخ تي سندس پگهار ضرور ملندي، پر وقت تبديل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي هن مهانگائي جي دور ۾ جڏهن مهانگائي ماڻهن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي ته سرڪاري ملازمن سان اها جُٺ آهي جو کين سرڪار ٻن ٻن مهينن کان ڪٿي ڪٿي ٽن ٽن مهينن جون پگهارون وقت تي ادا نه ٿي ڪري. سرڪاري ملازم مهيني جا 30 ڏينهن انهيءَ آسري تي نوڪري ڪندو آهي ته پهرين تاريخ کيس پگهار ملندو ۽ هو پنهنجي زندگي جو ڦيٿو جيئن تيئن ڦيرائيندو رهندو. هڪ طرف پگهارون وڌن ڪونه ٿيون، ٻئي طرف مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي ٿي. کاڌي پيتي جي شين کان وٺي بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ ماهوار واڌاري سرڪاري ملازم جي بجيٽ غير متوازن ڪري ڇڏي آهي. مٿان وري سرڪار جون مهربانيون جو 6/6 مهينا پگهارون بند ڪيون وڃن ته پوءِ سرڪاري ملازمن وٽ سواءِ احتجاج جي ڪهڙو رستو بچي ٿو. اهڙو اظهار بدين انڊس اسپتال جي ڊاڪٽرن، نرسن ۽ هيٺئين عملي احتجاج جي روپ ۾ ڪيو آهي. گذريل 6 مهينن کان بدين اسپتال جي بجيٽ روڪي وئي آهي، اهو به واضح ڪيون ته ان وقت حڪومت پيپلز پارٽي جي هئي، پر هاڻي جڏهن نگران اچي ويا آهن ته انهن جو به عمل ساڳيو نظر اچي ٿو. 6 ارب رپين جي بجيٽ مان صرف 1 ارب 20 ڪروڙ جي بجيٽ رليز ڪئي وئي آهي. انهيءَ چيڪ تي به صوبائي سيڪريٽري صحيح نه ٿو ڪري، جهڙوڪ اهي پئسا صوبائي سيڪريٽري جي کيسي مان خرچ ٿيندا هجن. هڪ صحيح نه ڪرڻ جي ڪري پگهارن جي آس ۾ ويٺل غريب ملازم فاقاڪشي تي مجبور آهن، هن وقت انهن او پي ڊي جو به بائڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي. اسين سمجهون ٿا ته او پي ڊي بند ٿيڻ سان بدين جي غريب مريضن کي انتهائي تڪليف جو منهن ڏسڻو پوندو، گهٽ ۾ گهٽ او پي ڊي هلڻ گهرجي، پر ٻئي طرف اسان جون همدرديون بدين اسپتال جي ملازمن سان پڻ آهن، جن جون 6 مهينن کان پگهارون بند ڪيون ويون آهن، جنهن جي ڪري هو ۽ هنن جا ٻچا فاقاڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ٻئي طرف ڪراچي ۾ رٽائرڊ ملازم پنهنجون جائز مراعتون نه ملڻ سبب بُک هڙتال تي ويٺل آهن. رٽائرڊ ملازمن جو مطالبو آهي ته سنڌ حڪومت انهن کي گروپ انشورنس جي ادائگي نه پئي ڪري، جيڪو انهن جو حق آهي ۽ جنهن جي ڪٽوتي دوران سروس انهن جي پگهارن مان ڪئي وئي آهي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هڪ طرف 30/30 ارب جا نوان منصوبا زير غور آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهي صحت جا منصوبا ايندڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ منظور پڻ ڪرايا وڃن، ٻئي طرف صحت کاتي جا ئي ملازم 1 ارب 20 ڪروڙ جي منظوري باوجود صوبائي سيڪريٽري جي هڪڙي صحيح نه ڪرڻ جي ڪري پريشان ٿين پيا، ان جو ازالو ڪير ڪندو؟ ڪامورا شاهي جي انهيءَ آپيشاهي کي ڪير روڪيندو؟ ائين نظر ٿو اچي ته انهن جائز مسئلن کي حل ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ناهي جيڪي سندن صرف هڪ صحيح سان حل ٿي سگهن ٿا. انهيءَ جڳهه تي نوان نوان منصوبا کڻي عوام جو ناڻو فضول منصوبن تي خرچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جڏهن سرڪاري ملازم کي پنهنجو جائز اجورو ماهوار پگهار جي صورت ۾ نه ملندو ته پوءِ هو ناجائز ذريعن سان پئسا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ پوءِ ويچارو عام ماڻهو سندس انهيءَ ڪاوڙ جو شڪار ٿيندي نظر ايندو، اهو سرڪاري ملازم رشوت جي روپ ۾، دوا جي فيس جي روپ ۾، غلط طريقن سان پئسا گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ جڏهن هڪ دفعو هو انهيءَ غلط ڪاروهنوار ۾ ملوث ٿي وڃي ٿو ته پوءِ هن کان جائز ۽ ناجائز جي تفريق وسري ٿي وڃي ڇو ته ان کي پنهنجي بُک جو وڌيڪ احساس ٿئي ٿو، پوءِ هو به انهيءَ شيطاني چرخي جو حصو بڻجي وڃي ٿو، جنهن جو شڪار پاڻ ٿئي ٿو. انهيءَ جي لاءِ ضروري آهي ته حڪومت هڪدم ايڪشن وٺي، بدين جي انڊس اسپتال جي ملازمن کي رهيل پگهارون ۽ ماهوار پگهار بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ملندي رهي ۽ جيڪي رٽائرڊ ملازم ڪراچي ۾ بُک هڙتال تي ويٺا آهن، انهن کي پنهنجو گروپ انشورنس پڻ هڪدم ملڻ گهرجي، جيڪو سندن حق آهي. حڪومت سرڪاري ڪامورن کي پابند ڪري ته هنن وٽ جيڪي چيڪ صحيح ٿيڻ لاءِ اچن ٿا يا فائل انهن جي ٽيبلن تي پيا آهن، انهن کي هڪدم اڪلائن، انهن جي مٿان چڙهي نه ويهن. محسوس ائين ٿو ٿئي ته حڪومتون ڪهڙيون به هجن، چونڊيل هجن توڙي نگران هجن، پر انهن جي ذهن ۾ عام ماڻهوءَ کي ۽ ننڍي سرڪاري ملازم کي پنهنجي جائز حق ڏيڻ جو احساس ڪٿي به نظر نه ٿو اچي، اها روش ختم ٿيڻ گهرجي.