جيئن ته موجوده دور سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس اڄ جي دور جي نوجوان جي علم جا ۽ سائنسي تحقيق جا اهم ميدان آهن. اسان جو ملڪ به انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مختلف شعبن ۾ اڳڀرو ٿي رهيو آهي. ايئن به آهي جو انفارميشن ٽيڪنالاجي جي برآمد ۾ به اسين پرڏيهي ناڻو ڪمائي رهيا آهيون، جنهن جي اسان کي ضرورت آهي.
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ئي اهو شعبو آهي جنهن ۾ ترقي جي ڪري اسين پنهنجي سڀني شعبن ۾ ترقي ڪري سگهون ٿا. زراعت جي شعبي کان وٺي صنعت جي شعبي تائين، صحت جي ادارن کان وٺي تعليم جي دانش گاهن ۾ اسان کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۾ تڪڙي ترقيءَ جي گهرج آهي، جيئن اسين دنيا سان مختلف شعبن ۾ وک سان وک ملائي هلي سگهون. هاڻوڪي سنڌ جي گورنر پنهنجي عهدي تي مقرري کانپوءِ شروعاتي ڪمن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي ترجيح ڏني ۽ هن انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ نوجوان شاگردن جي تربيت لاءِ ڪورسن جو اعلان ڪيو. گورنر سنڌ پنهنجي اعلان ۾ حيدرآباد لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪورسن جو اعلان به ڪيو آهي. ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد ٻيو شهر آهي جتي اها سائنسي سرگرمي شروع ٿي آهي. گورنر سنڌ چيو آهي ته حيدرآباد ۾ 12، 13 ۽ 14 جولاءِ تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪورسن لاءِ ٽيسٽ ورتا ويندا جنهن لاءِ نوجوان پنهنجي رجسٽريشن ڪرائين. گورنر سنڌ جو اهو احسن قدم آهي جو هن سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪورسن لاءِ چونڊيو آهي. هونئن به سنڌ جو گورنر لڳي ٿو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان دلچسپي رکي ٿو ۽ کيس يقين آهي ته صوبي جي نوجوانن جو مستقبل نئين دريافتن ۽ ايجادن جو علم حاصل ڪرڻ آهي. ڪجهه وقت اڳي جڏهن گورنر هائوس ۾ آءِ. ٽي شعبي ۾ تعليم وٺندڙ شاگردن ۾ هن ليپ ٽاپ تقسيم ڪيا، تڏهن هن اها ڳالهه ڪئي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دائرو وسيع ڪنداسين. گورنر هائوس ڪراچي ۾ شاگردن لاءِ ڪُڻن ذريعي ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب ۾ گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي کانسواءِ ترقيءَ جو ٻيو ڪو گس ڪونهي ۽ اسين سنڌ جي نوجوانن کي جديد تعليم ڏينداسين ته جيئن اهي پنهنجو مستقبل بهتر ڪري سگهن ۽ سنڌ صوبو ۽ ملڪ ترقي جي راهه تي هلي پئي. اسين سنڌ جي صوبائي سرڪار ۾ به اها اميد ٿا رکون ته وفاقي سرڪار ۾ به ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم هر تعليمي اداري ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ ترجيح بنيادن تي ڏني وڃي. جڏهن ان تقريب ۾ 25 نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا ويا ته ساڻس گڏ معروف بزنس مين تنوير احمد خان به موجود هو، جنهن جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ مختلف يونيورسٽين کي مالي مدد ڏيڻ عالم آشڪار آهي. گورنر سنڌ اها خواهش به ظاهر ڪئي ته کيس اميد آهي ته اسان جي نوجوان شاگردن مان اڳتي هلي اهي گوگل ۽ ياهو جا سي اوز ٿيندا.
سندس اميد سٺي آهي اسين به ملڪ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم جي حق ۾ آهيون. خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي تعليم کي ضروري سمجهون ٿا. انهيءَ کان پهرين ڪراچيءَ ۾ گورنر سنڌ چيو ته حيدرآباد جي 50 هزار شاگردن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جا ڪورس ڪرايا ويندا. گورنر سنڌ جو چوڻ آهي ته هن پروگرام ۾ نوجوان شاگرد پنهنجي روزگار ۾ خود ڪفيل هوندا ۽ لکين رپيا ڪمائڻ جي قابل ٿي ويندا. هن اهو به چيو ته 50 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تعليم ۽ تربيت جو هي پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ اسان کي ڊونرز ملي ويا آهن. گورنر سنڌ چيو آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهڙي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ نوجوان 15 کان 20 لک رپيا مهينو ڪمائيندا. حيدرآباد جي نوجوان شاگردن کي ادارو صلاح ٿو ڏئي ته اهي پنهنجو پاڻ کي انهيءَ پروگرام لاءِ رجسٽر ڪرائين ۽ 12، 13، 14 جولاءِ تي نياز اسٽيڊيم ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي سلسلي ۾ ٿيندڙ امتحانن ۾ وڏي انگ ۾ شريڪ ٿين.