ايڊيٽوريل

سنڌ اندر لا قانونيت، اغوا، قتل، ڦُرون روز جو معمول

ڪنهن به شهر، صوبي يا ملڪ جي پهرين ضرورت اتي جي امن امان جي صورتحال جو بهتر هجڻ آهي. امن امان جي صورتحال بهتر نه هوندي ته سماج جو هر فرد خوف ۾ ورتل هوندو ۽ زندگيءَ جو ڪوبه ڪاروهنوار سڌي طريقي سان نه ٿي سگهندو. هن وقت سنڌ صوبي اندر هر ماڻهوءَ جي خوف واري ڪيفيت آهي. جنهن جو سبب امن امان جي صورتحال بدترين آهي. ٻهراڙي هجي يا شهر جو ڪو رستو، ڪو گهر، ڪو علائقو، ڪنهن به ريت سان امن ۾ ناهي. هر طرف بدامني جو واسو آهي. حڪومت ۽ قانون تي عمل ڪرائڻ وارا قانون لاڳو ڪرائيندڙ ادارا جنهن ۾ پوليس ۽ رينجرز اچي ٿا وڃن، اهي ڪٿي به نظر نه ٿا اچن. جڏهن ته عوام سندن پگهارون ٽيڪسن مان هر حال تي ڏيڻ لاءِ مجبور آهي. پوليس تي ته ڪرپشن جا الزام عام جام هوندا آهن. ان لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته پوليس ڌاڙيلن سان، ڦورن سان ٻانهن ٻيلي هوندي آهي ۽ ڦورو ڌاڙيل جرم پوليس جي طاقت تي ئي ڪندا آهن، پر گذريل 30 سالن کان رينجرز جي روپ ۾ وفاقي سيڪيورٽي فورس سنڌ اندر امن امان جي حوالي سان ڪهڙو ٻوٽو ٻاريو آهي. جڏهن ته رينجرز مرڪز کان پگهارون کڻي ٿي ۽ سنڌ سرڪار کان پڻ سالانه اربين رپيا سيڪيورٽي جي مد ۾ فنڊ وصول ڪري ٿي. انهيءَ جي باوجود جڏهن ڏسون ٿا ته سنڌ ۾ امن امان ڪٿي به نظر نه ٿو اچي ته پوءِ آخر عام ماڻهو ڪنهن جي در دانهيندو؟ دڪاندارن کان زبردستي ڦر ڪئي ٿي وڃي. ٿورڙي به مزاحمت ڪرڻ تي انهن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ٿو وڃي، اهڙو افسوسناڪ واقعو لاڙڪاڻي شهر اندر ٿيو آهي، جنهن کي پيپلز پارٽي پنهنجو ڳڙهه چوندي آهي ۽ گذريل 15 سالن کان سنڌ اندر پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي. هڪ دڪاندار پيءَ کي سندس 10 سالن جي پٽ جي اڳيان ڦورن طرفان قتل ڪيو ويو. ماڻهن مڙسي ڪري هڪ ڦورو کي پڪڙي ورتو آهي، پر اسان کي اها پڪ آهي ته پوليس ۽ اسانجو مدِخارج ڪورٽن جو انصاف انهن ڦورن کي قرار واقعي سزا نه ڏيندو ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ انهن کي شڪ جي بنياد تي آزاد ڪيو ويندو ۽ اتان جا ننڍا وڏا وڏيرا سردار، مقتولن وٽ ميڙ منٿ وٺي ايندا ۽ قاتل آزاد ٿي ويندا. اهڙي لاقانونيت جي سماج ۾ خوف جو ڦهلجڻ فطري عمل آهي. سنڌ جو ڪهڙو علائقو آهي، جتي اغوا جون وارداتون نه پيون ٿين؟ ڇا انهيءَ علائقي جي ايس ايڇ او کان ڪير پڇاڻو ڪندو؟ هي عام ماڻهو، هي سفيد پوش ماڻهو جيڪو نه صرف سرڪار نامدار کان پنهنجي جان جو تحفظ چاهي ٿو، هو چاهي ٿو ته هن کي پنهنجو ننڍو وڏو ڪاروبار بنا ڪنهن خوف جي ڪرڻ ڏنو وڃي، پر ائين ٿئي نه ٿو. ڦورن جا گروهه پوري صوبي اندر ڏوهن ۾ مصروف آهن، جن جي سرپرستي پاٿاريدار ڪن ٿا ۽ اهي پاٿاريدار وري حڪومتي ميمبرن جا، وزيرن جا خاص ماڻهو آهن. انهيءَ ڪري قاتل، ڦورو، اغوا ڪار، بي خوف ٿي قهري ڪارروايون ڪري رهيا آهن. عوام ويچارو صرف ميڊيا جي ذريعي پنهنجون دانهون ڪوڪون ڪري رهيو آهي، پر حڪومتي ايوانن ۾ ويٺل ماڻهو بجاءِ انهن جي دانهن ڪوڪن تي ڌيان ڏيڻ جي صرف پنهنجي تحفظ ۽ پروٽوڪول طرف ڌيان ڏئي رهيا آهن، جڏهن پاڻ نڪرن ٿا ته پوليس اسڪواڊ انهن جي اڳيان پويان هلي ٿو. جڏهن صاحبان روڊن تي اچن ٿا ته انهن سان پوليس پروٽوڪول گڏ هوندو آهي، ته پوءِ عام ماڻهوءَ کي بنهه مايوسي وڪوڙي وڃي ٿي ته انهن جو ڌڻي ڪير ٿيندو؟ قانون انهن سان ٻانهن ٻيلي ڪڏهن ٿيندو؟ ڏوهارين کي قانون جو خوف ڪڏهن ايندو؟ انهي خوف کان ڊڄي ڏوهن کي ختم ڪن. ڪورٽن ۾ ويٺل جج صاحبان ڪڏهن انهي طرف ڌيان ڏيندا. عام ماڻهوءَ کي اهي سڀ طاقت وارا ڪڏهن هڪ انسان سمجهي انصاف ڏيندا ۽ هن کي به پاڻ جهڙو ماڻهو سمجهي، انهن جي تڪليفن جو احساس ڪري انهن جو ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. شايد نه ڪندا! انهيءَ ڪري جو اهي سڀ مسئلا انهن وڏن ماڻهن ۽ سهولت يافته طبقي لاءِ ناهن بلڪه انهن سڀني جو مقابلو هڪ عام ماڻهو ڪري رهيو آهي. انهن جي تحفظ جي لاءِ انهن جي بنگلن تي پوليس جا گارڊ موجود آهن، انهن جا پنهنجا ذاتي گارڊ موجود آهن، هن وقت اهي ئي سردار، وڏيرا، پير وي-8 گاڏين ۾ چڙهي اڳيان پويان ويگو ۾ پنهنجا گارڊ کڻي رات جو دير تائين اليڪشن ورڪ ڪري رهيا آهن، پر مجال آهي ڪنهن ڦورو جي جو انهن جي قافلي اڳيان اچي ۽ اچي به ڇو؟ ڇو ته اهي ڦورو انهن جي ئي در جي آنڪي ڀرڻ وارا آهن. جيڪڏهن انهن کي ڪا تڪليف آئي ته ڦورن جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو، بس ڦورن کي اجازت آهي ته خلقِ خدا کي آزاريندا وتو. هاڻي خلقِ خدا گهٽ ۾ گهٽ اهو سوال اچڻ وارن اميدوارن کان ڪري ته امن امان ڏيڻ ڪنهن جي ذميواري آهي؟