سنڌ جو نوجوان هنري تعليم سان ئي بهتر روزگار حاصل ڪري سگهي ٿو صرف سرڪار توجهه ڏئي
هنر بادشاهه آهي، پر بدقسمتي سان اسانجي جاگيردارانه معاشري ۾ هنر کي ڪمتر سمجهيو ويو آهي ۽ هنرمند ماڻهو کي ڪمي ۽ ڪاسبي جي نالي سان سڏي ان جي بي عزتي ڪئي وئي آهي، انهيءَ جي ڪري اسان جو نوجوان بجاءِ هنر سکڻ جي صرف عام رواجي تعليم حاصل ڪري ٿو، پر هنري تعليم حاصل ڪرڻ ۾ عيب سمجهي ٿو. جيتوڻيڪ هنر سکڻ لاءِ به تعليم جو حاصل ڪرڻ ضروري آهي، پر هو صرف تعليم انهيءَ ڪري حاصل ڪري ٿو ته جيئن کيس سرڪاري نوڪري ملي سگهي، پر اهو ممڪن نه آهي ته سڀني پڙهيل نوجوانن کي سرڪار نوڪري ڏئي سگهي، پر هڪ ڳالهه يقيني آهي ته ڪو هنرمند نوجوان پنهنجي هنر جو بهتر استعمال ڪري پنهنجي لاءِ عزت ڀريو روزگار حاصل ڪري سگهي ٿو، چاهي پنهنجي ملڪ ۾، چاهي ملڪ کان ٻاهر. سندس هنر مان معاشرو ۽ ملڪ فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. انگريزيءَ ۾ هنري تعليم کي ٽيڪنيڪل تعليم چيو وڃي ٿو. هن وقت پوري دنيا ٽيڪنيڪل تعليم جي وڏي مارڪيٽ آهي. سنڌ جي نوجوان کي به انهيءَ مارڪيٽ ۾ پنهنجو حصو حاصل ڪرڻ لاءِ هنري تعليم ڏانهن توجهه ڏيڻو پوندو. هن وقت سنڌ صوبي ۾ ننڍا وڏا 249 سرڪاري ٽيڪنيڪل ادارا موجود آهن، جن تي سرڪار ساليانو اربين رپيا خرچ ڪري رهي آهي. ان جي باوجود اسان وٽ هنرمندن جي کوٽ آهي. سبب اهو آهي ته انهن ادارن مان نوجوانن کي غير معياري تعليم ڏئي سرٽيفڪيٽ ڏنا وڃن ٿا، جنهن جي ڪري هو مارڪيٽ جو مقابلو ڪرڻ جي قابل نه هوندو آهي. سبب صرف اهو آهي ته سرڪار ٽيڪنيڪل تعليم جي لاءِ اڃا تائين خود ايتري سنجيدگي سان ڪا پاليسي نه جوڙي آهي ۽ نه ئي انهن جي لاءِ ڪو ڊيٽابيس ٺاهيو آهي، نه وري هيومن ريسورس کي ڪٿي استعمال ڪرڻو آهي، ان جي لاءِ ڪا پلاننگ ڪئي آهي. جيڪي نالي ماتر پروجيڪٽ شروع ڪيا وڃن ٿا، اهي صرف سياسي مقصدن جي لاءِ جوڙيا وڃن ٿا ۽ انهن ۾ انهن ماڻهن کي فنڊز ڏنا وڃن ٿا، جن جو پارٽي سان سياسي واسطو هوندو آهي بلڪه ائين چئي سگهجي ٿو ته انهن نالي ماتر ٽيڪنيڪل ادارن ۾ نه ته سٺا استاد ڀرتي ڪيا وڃن ٿا، نه ئي انهن جا ذميدار سربراهه چونڊيا وڃن ٿا. پوءِ اسان اتان پيدا ٿيندڙ هيومن ريسورس جي معياري هجڻ جي اميد ڪيئن ڪري سگهون ٿا؟ اهو نتيجو اسانجي غير سنجيده پاليسين جو ئي ثمر آهي جنهن کي سنجيدگيءَ سان پاليسيون ٺاهي ۽ ان جا جوڳا نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ اهو ڪم يقينن چونڊجي آيل سرڪار ئي ڪري سگهي ٿي. ادارن ۾ ميرٽ تي اهل ماڻهو مقرر ڪيا وڃن. سوين قسم جا هنر آهن، نوجوانن کي سيکاري انهن کي ان قابل بڻائي سگهجي ٿو ته جيئن هو ٻاهر وڃي بهتر روزگار حاصل ڪن. نه صرف پنهنجي لاءِ، پر پنهنجي ملڪ لاءِ پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهن. هن وقت باورچي شيف بڻجي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ لکين رپيا ماهوار ڪمائي رهيا آهن، پر اسان وٽ اهڙا ادارا نٿا ڏسجن جيڪي نوجوانن جي انهي رجحان کي ڏسندي انهن جي تربيت ڪري انهن کي سرٽيفڪيٽ ڏئي دنيا جي ملڪن ۾ هيومن ريسورس جي طور تي اماڻي سگهن. هن وقت ڪمپيوٽر جو دور آهي. ڪمپيوٽر جي تعليم پرائمري اسڪول کان شروع ڪري ٻارن کي ان ۾ مهارت ڏئي آن لائن ڪاروبارن لاءِ تربيت ڏئي گهر ويٺي لکين رپيا ڪمائڻ جي سکيا ڏئي سگهجي ٿي ته جيئن اهي گهٽ سرمائيڪاري سان گهر ۾ ويٺي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي معاشي مدد ڪري سگهن. هن وقت چونڊن جي لاءِ مختلف سياسي پارٽيون متحرڪ آهن ۽ مختلف طريقن سان ووٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ سرگرم آهن، پر ڪابه پارٽي نوجوانن جي لاءِ منصوبه بندي ڪندي نظر نه ٿي اچي. ان جي باوجود شاگرد مختلف پرائيويٽ ادارن مان ڪمپيوٽر جي تعليم حاصل ڪري پنهنجو روزگار پوري دنيا ۾ تلاش ڪري رهيا آهن. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته جنهن ملڪ ۾ 60 کان 62 سيڪڙو نوجوانن جي آبادي هجي ان ملڪ ۾ وقت جي ضرورت مطابق هڪ اهڙو نئون شهر اڏيو وڃي، جيڪو مستقبل ۾ سليڪان ويلي بڻجي وڃي ۽ اتان کان سڄي دنيا ۾ نوجوان ڪم ڪرڻ جي لاءِ جتي چاهين، اهي وڃي سگهن ۽ سٺين پوسٽن تي هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان ڪم ڪري سگهن، جيئن اسانجي پاڙيسري ملڪ جا ماڻهو دنيا جي وڏين وڏين ڪمپنين ۾ سي اِي اوز جي پوسٽن تي ڪم ڪري رهيا آهن. پاڪستان دنيا جو ٻيو نمبر وڏو ملڪ آهي، جتي ڪمپيوٽر جا فريلانسر پوري دنيا ۾ گهر ويهي روزگار حاصل ڪري رهيا آهن. جنهن صوبي ۾ غربت جي لڪير آبادي جي 40 سيڪڙو کان هيٺ هجي ۽ اتي 249 ٽيڪنيڪل ادارا به هجن جن تي اربين رپين جو خرچ به ايندو هجي ۽ انهيءَ مان ڪي خاص نتيجا به حاصل نه ٿي سگهيا هجن، ته پوءِ ڏوهه ڪنهن کي ڏجي. سرڪار سڳوري کي جيڪي صرف خانه پوري جي حد تائين انگ ٻڌائين ٿا ته اسين هر سال هيترا هيترا هنرمند نوجوان پيدا ڪري رهيا آهيون، انهن جو معيار ڪهڙو آهي. اهو اسان جي سامهون آهي. ڪهڙي به صنعت هجي ان کي هلائڻ وارو ٽيڪنيڪل ماڻهو ئي هوندو آهي. اهو فورمين جي روپ ۾ هجي يا ڪنهن وڏي اسپتال جي آپريشن ٿيٽر جي پيراميڊيڪل ٽيڪنيڪل جي روپ ۾ هجي. ٽيڪنيڪل ماڻهو جي هر هنڌ سخت گهرج آهي. هاڻي جڏهن اسين خرچ به ڪريون پيا، اسان وٽ نوجوانن جو انگ آبادي جي 60 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي ۽ پوري دنيا ۾ نوجوان هنرمند ماڻهن جي ضرورت آهي ته پوءِ اسانجي ڪم عقلي آهي جو اسان انهيءَ ايڏي وڏي آباديءَ جي انگ کي نظرانداز ڪري ان جي لاءِ ڪابه منصوبه بندي نٿا ڪيون ۽ ائين اهو نوجوان معاشي ضرورتن جي تلاش ۾ غلط ماڻهن ۽ غلط گروهن جي هٿ چڙهي ٿو وڃي جنهن سان هو پنهنجو پاڻ کي، پنهنجي خاندان کي ۽ پنهنجي ملڪ کي نقصان پهچائي ٿو، ان جو ڏوهه يقينن پاليسي سازن ڏانهن وڃڻ گهرجي. حڪومت وقت جيڪڏهن چاهي ته نوجوانن کي بهتر ٽيڪنيڪل تعليم ڏئي، انهن کي پوري دنيا جي مارڪيٽ ۾ موڪلي سگهي ٿي ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ ۾ انهن کي ڀرپور حصو وٺرائي پرڏيهي ناڻو به ڪمائي سگهي ٿي.