بنگلاديش ۾ جاتيه سنگسد (نيشنل اسيمبلي) جون چونڊون عوامي ليگ وڏي اڪثريت سان ڪامياب
سن 1971 ۾ اسان کان ٽٽي ڌار ٿيل اوڀر پاڪستان جيڪو هاڻي بنگلاديش آهي، اتي 7 جنوري تي جاتيه سنگسد مطلب قومي اسيمبلي جون چونڊون ٿيون، جنهن ۾ حسينه واجد جي اڳواڻي ۾ عوامي ليگ 300 جي ايوان ۾ 223 سيٽون کڻي 3/2 جي اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي. عورتن جي لاءِ 50 سيٽون الڳ سان آهن. جيتوڻيڪ بي اين پي چونڊن جو بائڪاٽ ڪيو هو. جنهن جي ڪري چونڊن جي عمل ۾ ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو، پر پوءِ به اهو 40 سيڪڙو هو، جنهن جي ڪري انهن چونڊن کي عوام طرفان مليل پزيرائي سمجهي سگهجي ٿي. جڏهن ته 2018 ۾ ٽرن آئوٽ 80 سيڪڙو هو. حسينه واجد مسلسل چوٿون دفعو ۽ مجموعي طور پنجون دفعو بنگلاديش جي وزيراعظم چونڊجي آئي آهي. سندس دورِ حڪومت جيڪو مسلسل 15 سالن کان هلي رهيو آهي. بنگلاديش زندگي جي هر شعبي ۾ ترقي ڪئي آهي. غربت جي لڪير کان هيٺ آدمشماري گهٽ ٿي آهي، تعليم وڌي آهي، روزگار جا ذريعا بهتر ٿيا آهن. ملڪ جي ڪرنسي جيڪا ٽڪو آهي، اُها هن وقت لڳ ڀڳ 3 پاڪستاني رپين جي برابر آهي. بنگلاديش جي ايڪسپورٽ 64 بلين ڊالر کان وڌي وئي آهي. بنگلاديش جي ماڻهوءَ جي پر ڪيپيٽا انڪم (سالانه آمدني) 2646 آمريڪي ڊالر آهي، جڏهن ته پاڪستان جي پر ڪيپيٽا انڪم 1471.1 آمريڪي ڊالر آهي، جيڪا پاڪستان جي مقابلي ۾ لڳ ڀڳ ٻيڻي آهي. سڀ کان وڌيڪ ڪاميابي بنگلاديش جي حڪومت آبادي جي شرح ۾ گهٽتائي ڪري ماڻي آهي. جڏهن 1971 ۾ اوڀر پاڪستان مان تبديل ٿي بنگلاديش بڻيو ته ان وقت ان جي آدمشماري 7 ڪروڙ هئي ۽ اولهه پاڪستان جيڪو اڄ جو پاڪستان آهي ان جي آدمشماري 6 ڪروڙ هئي، پر هن وقت بنگلاديش جي آدمشماري ساڍا 16 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي ۽ اسين 25 ڪروڙ تي پهچي رهيا آهيون. جنهن جي ڪري وسيلن جو فقدان ٿي رهيو آهي، غربت وڌي رهي آهي، تعليم، روزگار، ايڪسپورٽ، اهي سڀ شيون اسان لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويون آهن ته اهو ملڪ جنهن وٽ وسيلا گهٽ آهن، پر ان جا انڊيڪيٽر اسانجي ملڪ کان بهتر آهن، جيتوڻيڪ اسان وسيلن جي حساب سان ان کان گهڻي قدر بهتر آهيون، ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ ان جو جواب اهو آهي ته اتان جو هر ادارو پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي اداري جي ڪم ۾ مداخلت نه ٿو ڪري. عدليه انصاف فراهم ڪري رهي آهي، قومي اسيمبلي قانونسازي ۽ ملڪ جون پاليسيون ٺاهي بهتر حڪمراني ڪري رهي آهي. ايستائين جو اتان جي فوج صرف سرحدن جي حفاظت ڪري رهي آهي ۽ ان جي وڏي پاڙيسري ملڪ ڀارت سان بهتر تعلقات هجڻ جي ڪري بنگلاديش کي سرحدن تي به ڪو خاص خطرو نه آهي. اها به حقيقت آهي ته بنگلاديش جو ماڻهو مذهبي ماڻهو آهي، پر اُن ۾ مذهبي ڪٽرپڻو ۽ نفرت نه آهي، جنهن جو رواج اسان وٽ وڌيڪ آهي يا ان کي نفرت جي لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي، ڇو ته اتان جي حڪومت مذهبي ڪٽرپڻي جي واڌ ويجهه کي روڪي ٿي، پر اسان وٽ مذهبي ڪٽرپڻو حڪومت جي سرپرستي ۾ هلي ٿو، جنهن جي ڪري ماڻهو هڪ ٻئي جي جانين جا دشمن ٿيندا رهن ٿا. ائين بلڪل نه آهي ته ڪو بنگلاديش ۾ رشوت جو آزار نه آهي، پر جهڙي رشوت پنهنجي ملڪ ۾ آهي اُهڙي نه آهي. اسان وٽ راشي آفيسر اربن جون ملڪيتون ٺاهي پاڻ کي بچائي وڃن ٿا، بنگلاديش ۾ ائين ناهي. اسان به 8 فيبروري 2024 ۾ چونڊن ۾ وڃي رهيا آهيون، جن جي لاءِ پوري ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ته غير يقيني ماحول کي وڌايو وڃي جيئن چونڊن جو ماحول جڙي نه سگهي، پر يقين سان چئون ٿا ته چونڊون ضرور ٿينديون ۽ جيڪڏهن چونڊن جي ذريعي جنهن کي عوام چونڊيو ۽ اهو وزيراعظم بڻجي آيو ته پاڪستان جو عوام اُن مان اها اميد رکي ته هو پاڪستان کي ڀلي يورپ جي ڪنهن ملڪ جي برابر نه آڻي، پر گهٽ ۾ گهٽ بنگلاديش جي برابري ۾ آڻي تڏنهن به عوام جي لاءِ گهڻو ئي ڪجهه ٿي سگهندو. بنگلاديش جي جي.ڊي.پي، بنگلاديش جو پر ڪيپيٽا انڪم، بنگلاديش ۾ ادارن جو پنهنجي پنهنجي حدن ۾ رهڻ، بنگلاديش وانگر آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ماڻهن ۾ ذهني شعور پيدا ڪرڻ، بنگلاديش وانگر پاڪستاني عورتن کي ملڪي معيشت ۾ اهم حصو ڏيڻ، امن امان ۽ روزگار جو بهتر موقعو ڏيڻ، پاڙيسرين سان تعلقات بهتر رکڻ. اهي سڀ شيون ڇا ايندڙ حڪومت پاڪستان ۾ ڪري سگهندي؟ ڪرڻ مشڪل ته آهي، پر ناممڪن ناهي. ان لاءِ صرف نيت جي ضرورت آهي، پر انهي نيت ۾ ڪنهن به قسم جي ڪرپشن نه هجي چاهي ناڻي جي ڪرپشن، چاهي پاور حاصل ڪرڻ جي ڪرپشن. پاڪستاني اڳواڻن کي جيڪڏهن ملڪ کي ترقي وٺرائڻي آهي ته اهي سڀ پاليسيون ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻيون پونديون، جنهن جي اسانجي ملڪ کي اشد ضرورت آهي ۽ ان جو واحد رستو چونڊون آهن جن کي ڪجهه شيطان فطرت ماڻهو چاهين ٿا ته نه ٿين، اهي ماڻهو ايتري قدر ته ضرور ڪامياب ٿيا آهن ته چونڊن جي عمل کي انهن غير يقيني بنائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ، جوڊيشري ۽ وڏين پارٽين جا اڳواڻ واضح ڪري چڪا آهن ته چونڊون ڪنهن به صورت ۾ ملتوي نه ٿينديون، انهيءَ ۾ ئي ملڪ جو فائدو آهي. پاڪستان جو ماڻهو به چاهي ٿو ته اسان وٽ به چونڊون وقت سر ٿين جنهن جي نتيجي ۾ چونڊيل حڪومت صرف ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري نه ڪنهن هڪ طبقي جي لاءِ.