ايڊيٽوريلنئون

زهران ممداني جي ڪاميابي آمريڪي سرمائيداراڻي نظام لاءِ هڪ وڏو چئلينج

زهران ممداني هڪ دانشور محمود ممداني ۽ فلم ڊائريڪٽر ميرا نائر جو فرزند، جوشيلو ۽ دلير، نظرياتي ۽ روايتون ٽوڙيندڙ نوجوان نيويارڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان ننڍي عمر ماڻيندڙ ميئر بڻجي ويو. جنهن چونڊن ۾ 56 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا، هن سياست ۾ اچڻ کان اڳ هائوسنگ ڪائونسلر ۽ اسٽوڊنٽ فار جسٽس ان فلسطين جو گڏيل باني رهيو. زهران ممداني جي چونڊ نه رڳو آمريڪا، پر سڄي دنيا ۾ هڪ وڏو ۽ مثبت رد عمل پيدا ڪيو آهي، خاص ڪري نوجوانن، مهاجرن ۽ ترقي پسند ڌرين ۾ هاڻي هو نوجوانن لاءِ هڪ رول ماڊل بڻجي چڪو آهي. پهريون ڀيرو نيويارڪ جي تاريخ ۾ مسلمان ۽ ڏکڻ ايشيائي ميئر چونڊجي آيو آهي، جيڪو نوجوانن جي لاءِ اميد آهي ته اهي به اهڙن اعليٰ عهدن تائين پهچي سگهن ٿا.

هن ڪاميابيءَ کانپوءِ پنهنجي تقرير ۾ واضح طور چيو ته هو جوان، مسلمان ۽ جمهوري سوشلسٽ هجڻ تي معذرت نٿو ڪري. سندس هيءَ تقرير عالمي سطح تي اقليتن ۽ ترقي پسند نوجوانن لاءِ حوصلي جو پيغام هئي. سندس ڪاميابيءَ ۾ سندس واعدا ۽ پاليسين جو وڏو هٿ آهي. سندس واعدو آهي ته هو 4 سال لاءِ نيويارڪ ۾ سڀني رينٽ ريگيوليٽيڊ اپارٽمينٽس جي مسواڙن کي فريز ڪندو ۽ انهن جي اضافي کي ڪنٽرول ڪندو ۽ شهر جي سمورين بس لائينن کي مسافرن لاءِ مفت ڪرڻ ۽ انهن جي رفتار وڌائڻ لاءِ مخصوص لائينون ٺاهيندو. ڇهن هفتن کان پنجن سالن جي سڀني ٻارڙن لاءِ مفت ۽ معياري سنڀال فراهم ڪندو. انهن سڀني پاليسين کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ هو شاهوڪارن تي ٽيڪس لڳائيندو ۽ عام شهرين تي خرچ ڪندو. شهر پاران هلندڙ گراسري اسٽورن جو نيٽ ورڪ قائم ڪندو ته جيئن منافعي جو مقصد ختم ٿي سگهي.

سندس ڪاميابيءَ جو سبب روايتي سياستدانن وانگر وڏن منصوبن تي ڳالهائڻ بدران ووٽرن جي روزاني زندگيءَ سان سلهاڙيل پيٽ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جو واضح روڊ ميپ پيش ڪرڻ آهي. ڪيترن ماڻهن جو خيال آهي ته هن ڪميونسٽ نعرو “روٽي ڪپڙا اور مڪان” لڳايو آهي. زهران ممداني پنهنجو پاڻ کي هڪ جمهوري سوشلسٽ ليڊر طور پيش ڪيو آهي. سوشلزم سرمائيداري جي مقابلي ۾ اڀريو، جيڪو عوام جي برابري ۽ گڏيل ڀلائي تي زور ڏئي ٿو. جنهن ۾ طبقاتي فرق کي ختم ڪرڻ، دولت جي منصفاڻي ورڇ لاءِ جدوجهد ڪئي وڃي ٿي. سندس چوڻ مطابق هو پنهنجن مقصدن کي جمهوري عمل، چونڊن ۽ قانونسازي ذريعي حاصل ڪندو. زهران پنهنجي تقرير ۾ پئسي وارن ماڻهن تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائي انهن کان فنڊ وصول ڪري غريبن ۽ عام ماڻهن تي خرچ ڪري هڪ وڌيڪ منصفاڻو معاشرو ٺاهڻ چاهي ٿو، پر آمريڪا ۾ اهو ايترو سولو ناهي جيترا هن سولائي سان واعدا ڪيا آهن. آمريڪا جيئن ته هڪ سرمائيداراڻي نظام سان هلندڙ ملڪ آهي، جنهن نه صرف آمريڪا ۾ ان نظام کي طاقت ڏني آهي، پر اهو نظام ٻين ملڪن تي به مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اتي زهران ممداني ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ هن نظام کي پنهنجي ئي گهر ۾ بيٺي بيٺي چئلينج ڪيو آهي.

کيس پنهنجن واعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ وڏي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو، ان جي نتيجي ۾ سرمائيدارن ۽ ميئر جي وچ ۾ سڌو سنئون ٽڪراءَ پيدا ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ اهي سرمائيدار پنهنجو بزنس ٻين رياستن ڏانهن به منتقل ڪرڻ جون هينئر ساڻ ئي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جتي زهران ممداني پنهنجي پاليسيءَ تحت اليڪشن کٽي آيو آهي، اتي اهي ماڻهو جيڪي زهران جي رٿائن جو شڪار ٿي سگهن ٿا، اهي به قانوني جنگ وڙهي سگهن ٿا، سياسي دٻاءُ وجهڻ لاءِ لابئنگ ڪري ٻين ميمبرن تي دٻاءُ وجهندا ته جيئن ممداني پنهنجين پاليسين کي عملي جامو پهرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي، جنهن سان سڄو نقصان نيويارڪ شهر جو ۽ اتان جي رهواسين جو ٿيندو.

ممداني کي تمام وڏا چئلينجز سامهون اچي سگهن ٿا، پر سندس ڪاميابيءَ جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو ته هو عام ماڻهن ۽ مزدور طبقي کي متحرڪ ڪري ۽ امير ۽ طاقتور لابئنگ جو مقابلو ڪري. چونڊ کٽڻ کانپوءِ ٽرمپ کيس “ڪميونسٽ” سڏيو آهي ۽ هڪ کلو پيغام ڏنو آهي ته زهران ممداني کي پنهنجو رويو درست رکڻو پوندو حڪومت سان بهتر رويو اختيار ڪري شهر کي ڪامياب بڻائي سگهي ٿو. زهران ممداني جي ڪاميابي ڪيترن ئي نوجوانن جي دلين ۾ جوش ۽ ولولو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. انهن نوجوانن کي گهرجي ته اهي پنهنجي تراش خراش زهران ممداني وانگر ڪرڻ لاءِ محنت ڪن، تعليم حاصل ڪن ۽ سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ هڪڙو مستقل سفر ڪن جيڪو کين اڳيان ڪاميابيءَ جي منزل تائين کڻي وڃي سگهي ٿو. دنيا ۾ ڪابه شيءِ ناممڪن ڪونهي، صرف تبديلي ئي هڪ اها واحد شيءِ آهي جنهن کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي. تبديليءَ کي ضرور اچڻو آهي، پر ان سان گڏوگڏ اسان جي نوجوان طبقي کي پنهنجو پاڻ کي ان قابل بنائڻو پوندو ته جيئن اهي به پنهنجي ڪمزور سياسي نظام کي طاقتور بڻائي انهن سڀني سياسي معاملن کي تبديل ڪري سگهن جن جي خواهش سندن دلين ۾ به پلجي رهي آهي.