ادبنئون ڊائري جا ورق April 15, 2024 Zahida Abro 1 مارچ، 2016 68 سال عمر ٿي آهي، ۽ ائين پيو لڳي هاڻ معاملو ختم آهي. بدن ۾ نه طاقت نه سڪت آهي، ٿورو پنڌ ڪر ته ٽنگن ۾ سور ۽ سهڪو شروع ٿيو وڃي. ڪمزوري اهڙي جو هڪدم اُٿي بيهي ته چڪر اچيو وڃي. دل جي دوري کانپوءِ ميڊيسن، مادي جي سور جي گوري، گوڏن جي سور جي ٽيبليٽ، ڊسپرين جي گوري ۽ پيٽ جي سور ۽ موشن جي لاءِ فليجل وغيره مطلب ته اٺ کن گوريون روز پيا کائون، انهن جا سائڊ افيڪٽس ٿين پيا. جسم جي طاقت ۽ مدافعت بلڪل ختم آهي. لڳي ٿو ته بس هڪ جهٽڪي جي ضرورت آهي. هر جاندار جيئڻ جي جستجو ڪندو آهي. مان به اڃان جيئڻ چاهيان ٿو. اڃان ته گهڻو ڪم رهيو پيو آهي. حالانڪه مون ڪافي ڪجهه لکيو آهي، پر ڇپايو ڪونهي. هاڻ پهريون ڪتاب، آتم ڪٿا جو تياري جي مرحلي ۾ آهي، اميد آهي مهيني کن ۾ اچي ويندو، پر مونکي اڃا ٽي چار ڪتاب ڇپائڻا آهن… مون وقت وڃايو آهي، اهو ڪم اڳ ڪرڻ گهرجي ها، پر مون وٽ وسيلا به ڪونه هُئا، پر هاڻ وسيلا مهيا ٿيا آهن ته مون به ڪم شروع ڪيو آهي. ڪوشش جاري آهي، بس صحت و سلامتي رهي ته پنهنجا ٽي چار ڪتاب ضرور آڻيندس. *** 9 مارچ، 2016 ساجن لنڊن مان رات جو ڏيڍ بجي فون ڪيو. خير خبرن کانپوءِ چيائين، بابا اسانکي توهان جهڙي عظيم پيءُ تي فخر آهي، جنهن اسانکي سچ ۽ حق جو رستو ڏيکاريو. اسان نوجواني جي جوش ۾ غلط رُخن ڏانهن ٿي وياسين، توهان اسان کي سچ ۽ ڪوڙ، غلط ۽ صحيح جو فرق سمجهايو. ساجن چيو بابا پندرنهن سال اڳ جڏهن مان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هئس، شوخ رنگين ۽ پرجوش ماحول ۾ جتي هر ڪو پيو پاڻ ترقي ڪرڻ، اڳتي وڌڻ، مال ڪمائڻ ۽ عيش ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي، پر بابا توهان وري ان جي بلڪل خلاف ڳالهه ڪندا هئا، توهان ان ترقي جي مخالفت ڪندا هئا، تڏهن توهان کي غلط سمجهندا هئاسين، پاڻ ڇتا بحث ڪندا هئاسين، توهان اسان کي ليڪچر ڏيندا هئا ته سچائي، ايمانداري ۽ نيڪيءَ جا، قوم وطن ۽ انسانيت جي ڀلائي جا، پر اُن وقت اسانکي سمجهه ۾ ڪونه ايندا هئا، اسان خار کائيندا هئاسين، سوچيندا هئاسين ته هي پوڙها پراڻي دور ۾ پيا رهن، ڪتابي ڳالهيون پيا ڪن. دنيا تمام اڳتي نڪري چڪي آهي، هي اڃا اُتي ئي بيٺا آهن…. پر بابا پوءِ جڏهن آئون لنڊن آيس، دنيا ڏٺم، تڏهن بابا قدم قدم تي توهان جون چيل ڳالهيون سچ ثابت ٿيڻ لڳيون. بلڪه توهان جي ڏنل تاريخ تي ليڪچرن اسانجي رهنمائي ڪئي. توهان چيو هو ته زندگيءَ ۾ هميشه سچ، حق، علم عقل، عمل ۽ عشق جو دامن جهلي رکجو، اهي عظيم اصول اسان کي هر قدم تي ڪم آيا آهن، اسانجا دل ۽ دماغ روشن آهن. ساجن چيو بابا توهان اسانجي باري ۾ فڪرمند ٿيندا آهيو ته ڪٿي ڀٽڪي نه وڃن. نه بابا توهانجي تعليم ۽ تربيت ايڏي گهٽ يا ڪمزور ته ڪونهي جو اسين ڀٽڪي وڃون، هاڻ سچ ۽ حق، علم ۽ عقل، عمل ۽ عشق جي راهه تي ايڏو ته اڳتي اچي ويا آهيون جو هاڻ، لهر نه ڪو لوڏو. بابا توهان پريشان نه ٿيندا ڪريو. انشاءَالله اسان توهان جو نالو روشن ڪنداسين. ساجن چيو بابا توهان پنهنجا لکيل ڪتاب جلدي ڇپرايو سڀ خرچ آئون ڏيندس، بس توهان اهو ڪم جلد از جلد ڪريو. مون چيو ها پٽ انشاءَالله ائين ڪنداسين. *** 27 جون 2016 ان ڏينهن پهرين تاريخ هئي، مان پنهنجي ننڍي پوٽي سرمد کي کڻي گهران نڪتس ته سامهون رستي تي هڪ پوڙهو، اڀرو مڙس بيٺو هو. مونکي ڏسي چيائين صاحب سئو رپيا ڏي مان دوا وٺان، ٺيڪ ڪونه آهيان، بيمار آهيان. مون به فورن هن کي سئو رپيا ڏئي ڇڏيا، هن صرف هڪڙي دعا ڪئي “مولا خوش رکي” مان هليو ويس، هو به هليو ويو. وري جڏهن پهرين تاريخ ٿي ته ان ساڳئي پوڙهي در کڙڪايو، مون دروازو کوليو ته پوڙهو بيٺل هو، ساڳي ڳالهه چيائين مون کي سئو رپيا ڏيو مان دوا وٺان، بيمار آهيان. مون ڏئي ڇڏيا. هن ساڳي دعا ڏني، پوءِ هو هر مهيني جي پهرين تاريخ جو صبح ساڻ اچي در کڙڪائي اهو ئي جملو چوندو هو. سئو رپيا وٺي اها ساڳي دعا ڏيندو هو. مولا خوش رکي. تقريبن سال گذري ويو، هو مسلسل ايندو رهيو، مون گهروارن کي به چئي ڇڏيو هو، مان نه هجان ته هن پوڙهي بابا کي سئو رپيا ضرور ڏجو. هڪ ڀيرو مون هن کان پڇيو ته بابا، تون پاڻ ڪير آهين؟ تنهنجو گهر ۽ ٻار وغيره آهن؟ ڪو لمحو خاموش رهيو. چيائين، بس هڪڙو پٽ آهي، مان مزدور هئس، پر پٽ کي پڙهايم، هن کي به پڙهڻ جو شوق هو سو پڙهي وڏي ڊگري ورتي ته هن کي دبئي جي ڪمپني ۾ سٺي نوڪري ملي وئي، تڏهن منهنجي زال حيات هئي، پٽ وڃي نوڪري جوائن ڪئي، اسان پوڙهو پوڙهي پرائي گهر ۾ رهياسين. پوءِ هن دبئي ۾ شادي ڪئي، اسان وٽ آيو هو ۽ ٻڌائين ته شادي پيو ڪريان، توهان دبئي نٿا هلي سگهو مجبوري آهي. بس دعا ڪريو. اسان کوڙ دعائون ڏئي هن کي روانو ڪيو. ماءُ کي ارمان هو ته پٽ کي گهوٽ بنايان لاڏا ڳايان، ڪنوار گهر آڻيان، پر پوءِ روز پئي لاڏا ڳائيندي هئي، لاڏا ڳائيندي پٽ کي دعائون ڏيندي گذاري وئي. پٽ کي پاڙي وارن اطلاع ڏنو، پر هو اچي نه سگهيو، پاڙي وارن تدفين ڪئي. پئسا هو هر مهيني موڪليندو هو، رشيد دڪان واري وٽ جيڪو اسان کي ڏيندو هو. هاڻ مان بلڪل اڪيلو ٿي پيس رشيد ميمڻ دڪان وارو ڀلو ماڻهو آهي، جيڪو سار لهندو آهي، منجهند جي ماني ڏيندو آهي، رات جو مان کير ڊبل روٽي کائيندو آهيان. پٽ کي فون تي نياپو ڪرايم ته هو آيو. ماڻس لاءِ ڏاڍو رنو قبر تي ويو خيرات ڪئي. مون کي چيائين مون کي هڪ پٽ هڪ نياڻي آهي، آئون بابا توکي دبئي نٿو وٺي هلي سگهان، مجبوري آهي. چاچا رشيد کي مان چيو آهي ان وٽ پئسا به موڪليندو رهندس، ڪنهن به شئي جي ضرورت هجي مون کي ٻڌائجان. سو هاڻ هو پئسا موڪليندو آهي، مان دوا وٺندو آهيان، پر پٽ مون وٽ پئسا پيل آهن، تڏهن توهان کان اچي گهرندو آهيان. آئون سوچان ٿو ته انهي شخص جي آکاڻي دبئي وغيره پٽ کان پئسا ملڻ جي باوجود مون وٽ اچڻ ۽ پنهنجي ضرورت بيان ڪرڻ منهنجي لاءِ ڪنهن ڳجهارت کان گهٽ ناهي. *** Post Views: 188