مهر فقير جي ڊائري
اها شاعري ڪهڙي ڪم جي جيڪا ڪنهن کي سمجھه ۾ نه اچي ۽ ڪو فائدو نه ڏي.
ڪمال جي شاعري ڪجھه به نه ڪندي آهي، ڪمال ته ماني ڪندي آهي جيڪا بکايل جو پيٽ ڀريندي آهي.
منافق دوست جي محبت کان سچي دشمن جي نفرت ڪيترائي ڀيرا بهتر آهي.
ڪتا ڀل پاليو، پر ڪتن کي گهر جو مالڪ نه بڻايو.
جيڪي پاڻ کي ٺاهڻ لاءِ ٻين کي ڊاهيندا آهن سي ڪڏهن به ٺهي نه سگهندا آهن.
سمهي خواب سنڌين ڏٺا ۽ جاڳي تعبير ڌارين ماڻي آهي.
اسان سنڌي اها قوم آهيون جيڪي بي بنياد نفرتن عيوض هڪ ٻئي جو قتل ڪري نچندا آهيون.
اسان سنڌي آزاديءَ جا خواب ڏسي ڪري هاڻي ته غلام قوم ٿي ويا آهيون.
هر ماڻهو ميڪ اپ ڪيو ٿو هلي نت باقي اندران ڀڳو، ڀُريو ۽ ٽُٽو پيو آهي.
سنڌ کي شاعرن جي نه، پر ماهرن جي تمام سخت ضرورت آهي.
اچو ته سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ هڙان وڙان خرچ ڪري پنهنجي مدد پاڻ واري نعري هيٺ پرائمري کان يونيورسٽي تائين استاد ۽ شاگرد يونين جو تاحيات خاتمو آڻي بند پيل اسڪول کولي پرائيويٽ تعليمي نظام بند ڪري سنڌ ۽ سنڌي قوم کي دنيا جي نقشي تي تعليم يافته ۽ سڌريل قومن واري فهرست ۾ اول نمبر تي بيهاريون.
سنڌ ۾ لاتعداد قائد آهن، پر سنڌ ۽ سنڌي قوم کي قاعدن تحت ڪي به فائدا نه ڏئي سگهيا آهن.
جيڪڏهن اسان سنڌي شروع کان ئي پنهنجي مالڪي ڪريون ها ته هوند اڄ اسان سان اسان جي ئي ڌرتي تي ايئن ڪڏهن به نه ٿئي ها، سو سچ اهو آهي ته اسان پنهنجي تباهيءَ جا پاڻ ذميوار آهيون.
اسان جيترو ذاتي مفادن خاطر گروپ، ڌڙا، پينل، ٽولا، گروهه ٺاهي جدوجهد جستجو ويڙهه ڪري مطالبا يا حق مڃرائيندا آهيون، پر جي ايترو گڏجي سڏجي ايڪو اتحاد ڪري هڪ منشور هڪ آواز تحت هڪ راهه هڪ پليٽ فارم تي متحد ٿي ڪري سنڌ جي اجتماعي حقن ۽ وسيلن خاطر جاکوڙ ڪريون ها ته هوند هن وقت اسان پنهنجي ڌرتي تي ننڌڻڪا لاوارث ۽ دربدر نه بلڪه خودمختيار حاڪم هجون ها، پر افسوس جو اسان جي جدوجهد سدائين ڏيئي جي هيٺان اونداهي واري چوڻي تحت رهي آهي، سو خبر ناهي ته ڏيئي جي هيٺان روشني ڪڏهن جنم وٺندي.
اسان سنڌي سادڙا سٻاجهڙا اٻوجهڙا غريبڙا آهيون تڏهن ئي ته ڌارين جي دوڪانن ۽ درن تي نوڪري ڪندا ۽ انهن جي ئي گهرن ۾ مسواڙ تي رهندا آهيون ڇو ته اسان هيل تائين ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ سميت ڪنفرم ليزشده سنڌي نه ٿي سگهيا آهيون.
مئن جي دڙي جي کوٽائي مان نڪتل سنڌي قوم جي تهذيب ۽ شاهوڪارپ هاڻي پوري سنڌ ۾ نظر اچي رهي آهي .
لاڏائو قومن کي گهر نه هوندو آهي.
ان ٻلي کي ماري ڇڏجي جيڪو ڪوئن جو شڪار نه ڪري سگهي.
جتي تارازي انصاف نه ڪندي آهي، اتي هٿيار فيصلا ڪندو آهي.
چوڻ وارا چون ٿا ته سنڌ گدڙ کائي ويا، جيڪو گدڙن تي سراسر ئي بي بنياد الزام هڻي کين خوار ڪري گدڙن جي ساک کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ويو آهي، سو اسان گدڙن کان معافي وٺندي اهڙي الزام کي رد ڪريون ٿا، ها پر ايترو ضرور چونداسين ته سنڌ جي سونهن کي سوئرن تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو سوئرن جو نسل ڪنهن ٻي علائقي يا ملڪ جو نه، پر اسان جي سنڌ جو ئي آهي.
در جي تاڪين کي ٻيڪڙي تالو لڳائي ڇڏ ڇو ته رولو ڪتا، بکيارا بگهڙ ۽ ٿم مان نڪتل سوئر هاڻي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ آزاديءَ سان داخل ٿي ڪري نسلن ۽ فصلن کي تباهه ڪري رهيا آهن، پر بهتر اهو اٿئي ته هٿيار کڻي کين مارڻ شروع ڪر ته جيئن تنهنجو نسل بچي سگهي ۽ نسل جي واڌ ويجهھ خاطر فصل به بچي سگهي.
فقير جو فقيراڻو انداز دوستن لاءِ دارون ۽ منافقن لاءِ موت آهي .
سنڌ مان سوئرن جو خاتمو آڻيون جيڪي سنڌ جي معصوم مکڙين کي ٽاريءَ مان ٽوڙي کين پيرن هيٺان لتاڙي ۽ چيڀاٽي رهيا آهن.
جيڪڏهن آزادي / انقلاب بارود / جنگ سان اچي ها ته دنيا ۾ ڪٿي به علم / اسڪول جو وجود ئي نه هجي ها .
شاهه جي رسالي سان اختلاف رکندڙ قوم کي سنڌي ٻولي جيڪا اڃا تائين سرڪاري سطح تي قومي ٻولي نه ٿي سگهي، جون لاتعداد واڌايون هجن.
پنهنجي بقا جي جنگ پاڻ وڙهون ڇو ته ٻين تي ڀاڙيندڙن کي بزدل سڏيو ويندو آهي ۽ بزدل پنهنجي بقا جي حفاظت نه ڪري سگهندا آهن.
اسان وٽ قبيلائي / برادري ايڪو طاقتور ۽ قومي ايڪو ڪمزور آهي .
مان مئن جي دڙي جو ماڻهو آهيان .
هر اهو عاشق جيڪو پنهنجي محبوب کي بيوفا ٿو چوي سو واجب القتل آهي .
مان امن جو آواز آهيان .
منهنجي زبان ڪٽيل آهي تنهنڪري مان هٿن سان ڳالهائيندو آهيان .
جن جا ارادا اٽل ۽ نيت صاف هوندي آهي تن کي دنيا جي ڪا به طاقت منزل تي پهچڻ کان نه روڪي سگهندي آهي .
اڃان تون آزاد آهين اڃان به تو وٽ عياشيءَ جو سامان موجود آهي اڃان به تون ڪيترائي طعام کائي بچائي ٿو ڇڏين، اڃان به تون راتين جو سڪون سان ننڊ ڪري پنهنجي مرضيءَ تي ٿو اٿين، ها ڇو جو توکي آزاديءَ جو ذري برابر به احساس ناهي، ها توکي آزادي جي اهميت جو پتو ان ڏينهن ان وقت پوندو، جڏهن تون ماني کائي رهيو هوندين يا پاڻي پي رهيو هوندين ته پويان توکي زوردار ٿڏو لڳندو، جنهن سان تنهنجي وات ۾ چٻاڙجندڙ گرهه يا نڙيءَ مان هيٺ لهندڙ پاڻيءَ جو ڍڪ وات منجهان واپس ڪرندو، تنهنڪري ڇڙواڳ نه ٿي ڇڙواڳي تباهي آهي.
جنهن قوم جو شعور قتل ٿيل هوندو آهي سا قوم ڌٻڻ ۾ ڦٿڪي مرندي آهي.
مان اڄ به پنهنجو پاڻ کي ڳولهي رهيو آهيان .
مان ڪنهن آرٽ گيلري جي رنگين ديوار تي لٽڪندڙ ڪنهن مشهور مصور جو ٺاهيل خاموش پورٽريٽ ناهيان جو تون ڏسي ڪري ايئن ئي اڳتي هليو ٿو وڃين مان ته اڄ به زنده آهيان ها بس تون پنهنجي دل جي اندر جهاتي پائي ڏس ته دل جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ويٺل نظر ايندوسانءِ ڇو ته مان اڄ به تنهنجي ئي پوڄا ڪندو آهيان مون ته ازل کان ئي توسان عشق ڪيو آهي ها تون منهنجو معشوق محبوب آهين باقي ڀانئڻ نه ڀانئڻ تنهنجي وس آهي او منهنجا يار .
پنهنجو مستقبل بچايو ڌارين کي رهبر نه بڻايو پنهنجي مالڪي پاڻ ڪريو، پنهنجي مالڪي جو اختيار / حق ڪنهن غير کي نه ڏيو. ڪٿي ايئن نه ٿئي جو اوهان کان اوهان جو هر اختيار / حق کسيو نه وڃي ۽ پوءِ اوهان بي اختياري جي بازار ۾ حق جي امداد گهرڻ جي بين الاقوامي ڏوهه ۾ ڦاسيءَ تي نه چاڙهيا وڃو ان لاءِ بهتر رستو / عمل اهو ئي آهي ته پنهنجي مالڪي / وارثي ڪندي پنهنجو مستقبل بچايو / سنڌ بچايو .
اسان سنڌي انگريزن جي معرفت مئن جي دڙي منجهان کوٽي ڪڍيل مئل قوم آهيون .
مون هاڻي دل کي ايترو ته سخت بڻائي ڇڏيو آهي جيڪو به کيس ڌڪ هڻندو ته ان جا هٿ ئي ڀڄي پوندا .
جتي ڏاڍ جي انتها ٿيندي آهي، اتان انقلاب جو آغاز ٿيندو آهي .
جڏهن تون هيل تائين پنهنجا حق حاصل نه ڪري سگهيو آهين ته پوءِ ڀلا ٻين کي هنن جا حق ڪيئن وٺرائي ڏيندين .
سنڌي شاعرن اديبن دانشورن جو وس هلي ته قبر کوٽي اهو به معلوم ڪن ته سسئيءَ کي ان وقت ڪهڙا ڪپڙا پهريل هئا.
مرد جي مردانگي عورت تي جبر ڪرڻ تائين محدود آهي .
ڪنهن منافق، حرامي جي گاڏيءَ تي سفر ڪرڻ کان بهتر آهي ته اڪيلي سر پنڌ سفر ڪجي .
1986ع کان وٺي هيل تائين شاعريءَ ۾ منهنجو ڪو به باقاعده استاد ناهي.
1986ع کان وٺي هيل تائين منهنجي شاعري علم عروض کان بغير آهي.