ڊائري جا ورق
جيمز رسل جو قول آهي ته: ”بيوقوف ۽ مئل پنهنجي راءِ تبديل نه ٿا ڪن. زنده رهندڙن جي دنيا ته تبديلي سان ڀرپور هوندي آهي“.
پر مون کي اُنهن زنده رهندڙن تي تڏهن حيرت ٿيندي آهي، جڏهن هو وقت جي تهن ۾ دفن ٿيل ۽ هلندڙ سماج جي ترقي ۽ تسلسل سان نه ٺهڪندڙ عقيدن يا نظرين سان گڏ بيٺل هوندا آهن ۽ تڏهن هو مون کي بيوقوفن ۽ مُردن جيان لڳندا آهن، جيڪي پنهنجي راءِ تبديل نٿا ڪن.
***
مادي کي فنا ناهي، اُهو توانائي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. منهنجي شاعري ۾ به توانائي جو پرتو آهي، جنهن کي فنا ناهي.
***
هڪ اديب دوست مون کي پنهنجي ناول جي اعزازي ڪاپي موڪلي ۽ گڏوگڏ هڪ ٻي ڪاپي به موڪلي ۽ نياپو ڪيائين ته، جيڪڏهن ٻيو ڪو ادب ذوق سمجهو ته اُن کي پڙهڻ لاءِ ڏجو. اتفاق سان اُن وقت مون سان هڪ پروفيسر صاحب به گڏ هو. مون کيس اها ڪاپي آڇي، پر هن اهو چوندي وٺڻ کان انڪار ڪيو ته: ”ڇڏيو سائين ڪنهن کان ٿو پڙهڻ پڄي“
آئون سوچيان ٿو ته جيڪڏهن هڪ اُستاد جنهن جو پڙهڻ پڙهائڻ سان واسطو آهي، اُن جو جي اهو حال آهي ته باقي عام ماڻهو تي ڪهڙي ميار؟ شايد اسان چريا آهيون جو انهن ڊگري يافته ماڻهن کي پڙهيل ڳڙهيل سمجهون ٿا!
***
هن اسڪول کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو. چون ٿا ته هو پاڳل هو…. اخبار ۾ هڪ خبر.
هو ته پاڳل هو ئي، پر اسان به ته پاڳل ئي هئاسين، جيڪي پنهنجي آئيندي کي جلندي ڏسي خاموش تماشائي بڻيا ڏسندا رهياسين.
***
هزار خواهشن کان بهتر آهي ته هڪ اهڙي خواهش رکو، جيڪا اوهانجي زندگي تبديل ڪري ڇڏي ۽ زندگي جو ردم قائم رکي.
***
ڪنهن بزرگ جي اڇي مٿي ۽ چمڪندڙ چهري کي ماڻهو قابل تعظيم سمجهندي رشڪ ۽ حسرت ڀرين نگاهه سان ڏسي رهيا هئا.
پر جيڪڏهن ان بزرگ کان ان بابت پڇيو وڃي ته چوندو: ”هو پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ سندر ۽ جلا وارو شخص فقط جواني ۾ ئي محسوس ڪندو هو!“
***
ڪو ڪم نه ٿيڻ يا دير سان ٿيڻ جي حالت ۾ اڪثر چئبو: جيئن دير تيئن خير، يا وري چئبو: ان ۾ به ڪا چڱائي. پر آئون ان کي نااهلي يا ڪاهلي ۽ جهالت ئي چوندس.
***
هن آڪاش ڏي اکيون کڻي چنڊ ڏي منهن ڪري پنهنجي من جون آسون پچائڻ لاءِ اکوپائي سنکو ڊار ڪئي.
چنڊ مسڪرائي ڏنو ”اي انسان! تون ڪيڏو نه مورک آهين، جو پنهنجي آسن جي پورڻتا لاءِ پولارن ۾ واجهائين ٿو. جڏهن ته آئون هيٺ وشال ڌرتي جي سيني تي سامايل ڍنڍ ۾ پنهنجو اولڙو پسي گد گد ٿيان ٿو ۽ سڪون ماڻيان ٿو.
***
ڪنهن دوست جي موت تي تعزيت لاءِ ويٺاهئاسين ته اُتي ويٺل هڪ همراهه چيو: ”ڀڳوان پنهنجن پيارن ۽ نيڪ ٻانهن کي پاڻ وٽ جلدي گهرائي وٺندو آهي“. اُن تي مون چيو: ”ڀڳوان ڀلي پنهنجن نيڪ ٻانهن کي پاڻ وٽ گهرائي، اُن تي اسان کي ڪو اعتراض ناهي. باقي اسين پاپي هن ڌرتي تي ئي چڱا آهيون ۽ اسان کي اوڏانهن وڃڻ جي ايڏي جلدي به ڪانهي!“
***
”درياهه جي ٻيهر وهي اچڻ تي ساڃاهه وندن طرفان گلن جي ارپنا“ هڪ اخباري خبر. نه اسان اڳي ڀٽائي تي گل چاڙهي من جون مرادون ماڻي سگهيا آهيون ۽ نه ئي هاڻي درياهه کي گل ارپي پاڻي موٽائي سگهنداسين. اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي.
***
هن چيو: ”ڪائنات جي وشالتا ۽ من اندر جي گهرائي کي ماپي نٿو سگهجي“
مون چيو: ”ان ڪٿ مان ته آئون نٿو ڄاڻان، پر ايترو سو يقين سان چئي سگهان ٿو ته اُن کي پيار جي ڀاڪر ۾ سموئي ضرور سگهجي ٿو“.
***
هو چوي ٿو: جڏهن تون اکيون جهڪائين ٿي ته شام ٿي پوي ٿي ۽ جڏهن تون اکيون مٿي کڻين ٿي ته سورج اُڀري پوي ٿو“
او مدهوش! ڪاش! تون منهنجي بند اکين ۾ جهانڪي ان ۾ ڦهليل انڌيري جي ڪرب کي محسوس ڪري سگهين.!
***