ادبنئون

ڊائري جا ورق

جڏهن آئون پيار ۾ گم ٿي وڃان ٿو، ته زمان ۽ مڪان جي لامحدود حدن کي ڇهان ٿو.
***
مون چيو: ”منهنجي هن پوري ڪائنات مان توکي ڇا ڇا گهر جي؟“
هن چيو: ”فقط هڪڙي شئي“
”بس فقط هڪ؟“ مون حيرت مان پڇيو
”ها فقط هڪ“ هن چيو ”جي ڏيئي سگهين ٿو ته فقط محبت ڏي“
مون چيو: ”ڪيڏي نه سادگي سان تو منهنجي سموري ڪائنات گهري ورتي“
***
سوچ سدائين ساڳي نٿي رهي ۽ اُها وقت ۽ حالتن سان تبديل ٿيندي رهي ٿي. حتاڪه ذهن ته مسلسل سوچيندو رهي ٿو.
ته پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين ته تنهنجي سوچ/خيال/فڪر سڀني کان مقدم ۽ مقدس آهي؟ ۽ هر دور تي حاوي رهندو؟
***
جنهن دل ۾ پيار آهي اُن لاءِ هر ڏينهن ويلنٽائن ڊي آهي. جنهن دل پيتا عشق دا جام او دل مست و مست مدام (ويلنٽائن ڊي تي لکيل)
***
درد آ، ڪرب آ… نيئن پئرا پر زندگي ۾ ڪو ته سرور ۽ ڪجهه ته حيران ڪن آهي ۽ پاڻ ڏي ڇڪيندڙ آهي، جو ماڻهو کي سڪرات ۾ به موت سان مزاحمت لاءِ اُتساهي ٿو.
***
مون کي انهن ماڻهن تي حيرت ٿيندي آهي، جيڪي شين جو ته سائنسي بنيادن تي تجزيو ڪندا آهن. مثلن ريڊئي جو آواز ڪنن تائين پهچڻ، ريڊيائي لهرن جي ذريعي کي مڃيندا آهن، پر ڀٽائي جي ڪلام مان ڪرامتن ۽ معجزن جا ڍيرا ڳولي ڪڍندا آهن.
***
هر حال ۾ شڪر ڪرڻ. اهو اسان کي وڏڙن سيکاريو آهي. جي ان تي عمل ڪجي ته انسان ڪڏهن به هٿ پير نه هڻندو ۽ نه ئي ترقي ڪري سگهندو ۽ نه ئي نئين دنيا کي کوجي سگهندو.
***
جيڪڏهن اوهانجي من ۾ ڪا سوچ پيدا ٿئي ته، بر وقت اُن جي ڳالهه ٻڌو ۽ اُن تي عمل ڪريو. درگذر ڪرڻ سان آهستي آهستي من تي ڪٽ چڙهڻ شروع ٿئي ٿو ۽ اڳتي هلي انسان بلڪل بي حس ٿيو پوي ۽ پوءِ ڪو وڏي ۾ وڏو حادثو به انسان جي ضمير کي بيدار نٿو ڪري سگهي. پوءِ ڀلا بنا حساسيت ۽ ضمير جي جيئڻ به ڪهڙو؟ اهو جيئڻ به ڇا معنيٰ رکي ٿو، جنهن ۾ زندگي جي رواني نه هجي؟ تنهنڪري سدائين من جي ڳالهه ٻڌو ۽ جيئن دل چوي تيئن ڪريو.
***
خواهش منزل لاءِ اتساهي ٿي ۽ منزل جي تڪميل/حاصلات خواهش کي ختم ڪري ڇڏي ٿي ۽ پوءِ زندگي مان نواڻ ختم ٿي وڃي ٿي ۽ زندگي يڪسانيت جو شڪار ٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ جيئڻ جو ڪو خاص سبب/مقصد نٿو رهي.
پر جي خواهشن کي ٻين جي لاءِ ارپي ڇڏجي ته زندگي جو ڪينواس ڦهلجي وڏو ٿي وڃي ٿو ۽ زندگي يڪسانيت جو شڪار نٿي رهي ۽ بي معنيٰ نٿي بڻجي.
***
استاد بخاري جي سنڌ ميوزيم ۾ ملهايل ورسي ۾ ڪنهن چيو ته ”اُستاد بخاري حسن پرست نه پر سنڌ پرست شاعر هو“
مان اُن کان پڇان ٿو ته ”سنڌ پرستي حسن پرستي ناهي ڇا؟“
***

ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته، ”هر ڌرم ۾ پيار آهي، پر پيار جو ڪو ڌرم ناهي“
مان ٿو چوان ”ڀلا پوءِ پيار ڪرڻ وارن خلاف ڌرم وارن جي فتوا ڇو؟“
***