ڊائري جا ورق

منهنجا پڙهندڙ چون ٿا ته: ”ڪڏهن ڪڏهن تنهنجيون لکڻيون ورجاءُ جو شڪار هونديون آهن!؟“

”مان چوان ٿو، خوشبوءِ جو روح ته هڪ آهي، پر مختلف قسمن جا گل اُنهن جو ورجاءُ آهن، نديون، آبشار، پربت ۽ خوبصورت چهرا سونهن جو ورجاءُ آهن. زندگي کانپوءِ موت ۽ موت کانپوءِ وري جنم وٺڻ زندگي جي بقا جي تسلسل جو ورجاءُ آهي. سج جو روز اُڀرڻ، لهڻ ۽ وري اُڀرڻ ڪائنات جي حسين تسلسل جو ورجاءُ آهي. انسان جو آدرش هڪ آهي، پر اُن کي پائڻ ۽ جيون کي جلا بخشڻ لاءِ الڳ الڳ خواب ڏسڻ، اُن آدرش جو ورجاءُ آهي. انهي ڪري مان چوان ٿو ته اي منهنجا پڙهندڙو! منهنجون لکڻيون ڪلهه جي سچ، اڄ جي حقيقتن ۽ آئيندي جي آدرش جا حسين خواب ڏسندڙ اُنهن سڀني قلمڪارن جي لکڻين جو ورجاءُ آهن، جيڪي مون کان اڳي ٿي گذريا آهن، يا جيڪي مون سان هلندڙ دور ۾ گهارين ٿا، يا جيڪي مون کانپوءِ جنم وٺندا“

***

تون چوين ٿو ته ”محبت سڀ ڪجهه ته ناهي!“

”ها…. پر محبت ۾ ڪا ته اهڙي شئي (شڪتي) آهي، جا جسم ۽ روح جي پوري ڪائنات کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري رکي ٿي“

***

جڏهن ڪپڙا ميرا يا پراڻا ٿين ٿا ته، اُنهن کي لاهي ڦٽو ڪجي ٿو يا اُڇلي ڇڏجي ٿو… ته پوءِ جڏهن نظريو/عقيدو وقت ۽ حالتن تي پورو نٿو لهي يا مدي خارج ٿي وڃي ٿو ته اُن ۾ ترميم آڻي يا رد ڪري ڇو نٿو سگهجي؟ اُن کي رد ڪرڻ يا اُن ۾ ترميم ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، پر ماڻهو اُن لاءِ مرڻ مارائڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي. آخر ڇو؟ ذرا سوچيو، ممڪن آهي. سوچڻ سان ڪو رستو نڪري پوي ۽ اسانجو ڇوٽڪارو ٿي پوي.

***

پيار جي هڪڙي رتي ۽ مئه جي هڪڙي چڪي جيون جي سڦلتا ۽ امرتا لاءِ ڪافي آهي.

***

هڪ قلمڪار جي نجي توڙي ڏات جي ڏيهه جي دنيا به ٿر جيان آهي. جڏهن اُن ۾ ڏڪار جي موسم هجي ٿي ته، اُنجي پيڙا ۽ درد هو اڪيلو ڀوڳي ٿو ۽ جڏهن پلر جي پالوٽ (ڪوتا جو جنم) ٿئي ٿي ته اُن مان سارو جڳ اُڃ اُجهائي ٿو.

***

جيڪڏهن اسانجي اڌ زندگي ٻين کي نيچ ڏيکارڻ ۽ باقي اڌ زندگي ٻين جي حيثيت کي قبول ڪرڻ ۾ گذري وڃي ته اهڙي زندگي مان ڪهڙو فائدو؟

تنهنڪري اچو ته اسان پنهنجي زندگي جا ڪجهه پل پاڻ سنوارڻ تي ڏيون، ائين ڪرڻ سان اسان ماڻهن جي نظرن ۾ ڪڏهن به نيچ نظر نه اينداسين ۽ ماڻهو اسانجي حيثيت کي قبول ڪري وٺندا.

***

سوڙهي گهٽي سپرين، گونگا ٿي گڏيام،

سندي لوڪان لڄ کان، ڪڇي ڪونه سگهيام

نهارين ويام، کني آسائتيون اکڙيون. (شاهه لطيف)

شاهه لطيف جو هي بيت قبائلي سماج ۾ پيار جي جذبن جي عڪاسي/نمائندگي ڪري ٿو، پر جيڪڏهن شاهه لطيف هڪ لبرل سماج ۾ جنم وٺي ها ته شايد هو مٿيون بيت هن نموني چوي ها.

سوڙهي گهٽي سپرين وڏي واڪ مليام،

نه لوڪان لڄ ڀانئي، نه ڪي ڀئو ٿيام،

موڪلائيندي چيام، وري ملندين ڪڏهين؟

***

هڪ لطيفو آهي ته زال مڙس جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو، زال مڙس کي چيو:

”مئا تو جيترا منهنجا ڄنڊا پٽيا آهن، اوترو جي ڄانڀو پٽي اچين ها ته ڪر هڪ ويلي جو ٻوڙ ٿي پوي ها“

ڇا ته لوڪ ڏاهپ آهي، ان لطيفي ۾.

ڪاش! اسانجو سنڌي ماڻهو اُن ڳنوار عورت؟ جي چيل لفظن مان ڪو سبق حاصل ڪري

***

اهڙي ڪا ڪائنات هجي جتي مرڪن کي موت نه هجي ۽ لڙڪن کي زندگي نه هجي.

***

توکي اسر ويل ماٽي ۾ جهرڻو هلائيندڙ نار جي ٻانهن ۾ پاتل چوڙن جي ڇڻ ڇڻ ۾ سندرتا جو آلاپ محسوس ٿئي ٿو ۽ مون کي ان ردم تي درد ۽ پيڙا جو آلاپ محسوس ٿئي ٿو، جيڪو اندر ئي اندر ۾ وڍ وجهندو رهي ٿو ۽ جيڪو صدين کان چپن تي صدا بڻجي اچي ناهي سگهيو.

سچو تون به آهين، سچو مان به آهيان، سنڌ آهي به ائين ئي (اهڙي) جنهن ۾ سندرتا جي مڌرتا به آهي ته دردن جو ساگر به.

***

هونئن ته ڪاري رات ظلم ۽ بربريت جي نشاني آهي، پر پرين جي گود ۾ سندس لٽڪندڙ ڪارا وار پناهه گاهه (ڇپر) محسوس ٿين ٿيا.

***

هن چيو: ”مان توکي ڪونه سڃاڻان“

مون چيو: ”ان ۾ تنهنجو ڏوهه ناهي. تون جيڪر پنهنجي جسم جي خول مان نڪرين ته ڪر روح کي پائين؟“

***

ٻار ڪائنات جي سموري سونهن جو مظهر آهي، جنهن ۾ فطرت جا سڀ رنگ ۽ روپ سمايل آهن. مان سمجهان ٿو ته جيڪو ماڻهو ٻارن کي گولين جو کاڄ بڻائي يا تشدد ڪري ٿو اُن جو عقيدو/فڪر/نظريو معنيٰ وڃائي ويهه ٿو. ڇاڪاڻ ته جيڪو ماڻهو ڪائنات جي سموري سونهن جي مظهرن ۽ فطرت جي سڀني رنگن روپن کي نه سمجهي سگهي، اُهو فڪر جي ڦرهي ڇا پڙهي سگهندو؟ ۽ هن جڳ کي ڪيئن روشن ڪري سگهندو؟

(16 ڊسمبر، 2014ع تي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ دهشتگردن جي ٿيل خوني حملو جنهن ۾ 132 کان مٿي ٻارڙن جي جان ورتي ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. اُنهن جي ياد ۾ لکيل).

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments