ڊائري جا ورق
24 اپريل، 2002
افسوس امان اسانجي هٿن مان نڪريو پئي وڃي ۽ اسان بي وس لاچار بڻجي صرف هن کي ڏسندا ٿا رهون. اڄ ڊاڪٽر مشتاق ۽ وسيم جعفري اسان کي صاف صاف ٻڌايو ته امان کي سئو سيڪڙو خطرناڪ ڪينسر کاڌي جي نالي ۽ معدي تي آهي، جيڪو ايڏي ته تيزيءَ سان وڌي ۽ پکڙجي پيو، جو هاڻ انهيءَ جو ڪوبه علاج نه آهي. بس صرف سور جي انجيڪشن ۽ ننڊ جي دوا آهي. امان ڪجهه به کائي نٿي سگهي، هاڻ ته پاڻياٺ به هضم نٿي ٿئي، فورن اُلٽي ٿيو پوي. صرف گلوڪوز جي ڊرپ لڳل آهي ۽ امان تيزي سان ڪمزور ٿيندي پئي وڃي. ڊاڪٽر چون ٿا ته هاڻ جيئن پوءِ تيئن طبيعت وڌيڪ خراب ٿيندي ويندي ۽ مهيني ڏيڍ جي مهمان آهي. سچ ته اسان سڀني ڀائر ۽ ڀينرن جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي آهي. اسان بس انتهائي ڏک ۽ اذيتناڪ رنج و غم ۾ افسوسناڪ لاچاري و بيوسي ۾ مسلسل ڳوڙها ڳاڙهي رهيا آهيون. اسانجي عظيم ماءُ، اسانجي معصوم نيڪ ۽ سخي دل ماءُ اسانجي انتهائي پيار ڪندڙ ماءُ، اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي رهي آهي ۽ اسين ڪجهه به نه پيا ڪري سگهون.
اسان سڀ زندگيءَ ۾ اهڙو ڏک، اهڙي لاچاري ۾ اهڙي اذيت پهريون ڀيرو پيا ڀوڳيون. سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا ڪريون. منصور تمام گهڻو شاڪ ۾ آهي، منصور کي يقين نٿو ٿئي، حالانڪه آغا خان اسپتال جي چئن وڏن ڊاڪٽرن جي بورڊ اڄ اهو فيصلو اسان کي صاف صاف ٻڌايو ته بدقسمتي سان هي بيماري تمام تيزي سان ڦهلجي اهڙي اسٽيج تي پهتي آهي جو هاڻ هن جو ڪوبه علاج ڪارآمد نه آهي، بس هاڻ صرف سور جي انجيڪشن ۽ ڊرپ آهي، ٻه ٽي هفتن جي مهمان آهي. کائي ۽ پي نٿي سگهي. پاڻي پيئڻ سان به اُلٽي ٿيو پوي. ڊاڪٽر موڪل ڏني آهي ته علاج گهر ۾ وڃي ڪريو، پر اسان جا دل و دماغ ان بي وسي کي قبول نه پيا ڪن. خاص طور تي منصور اڄ سڄو ڏينهن ڪراچي جي ڪيئي وڏن وڏن سرجن، ڊاڪٽرن سان مليو آهي ۽ سڀاڻي به مختلف ڊاڪٽرن سان ملڻ جو ٽائيم ورتو اٿس ته من ڪو اُميد جو ڏيئو روشن ٿئي.
***
26 اپريل، 2002
امان چوندي آهي ابا الائي ڇا آهي، بيماري وڌي پئي. منهنجي حالت خراب پئي ٿئي، ڊاڪٽر الائي ڇا پيا ڪن. امان ڪيڏي مهل چوندي آهي ته هلو حيدرآباد مونکي پنهنجي گهر وٺي هلو. جڏهن امان ٿوري دير لاءِ ڪلاڪ ڏيڍ لاءِ سور بلڪل دٻجي ويندو آهي، تڏهن اسين کل ڀوڳ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته امان کلندي به آهي.
منصور ٻڌايو ته رات هڪ ٻين بجي تائين ٻه ڪلاڪ امان اهڙي مطمئن ۽ خوش هئي جو اسان سان چرچا ڀوڳ ڪيائين، ٽهڪ ڏئي کلندي رهي. منصور چيو ان کانپوءِ جڏهن سمهي رهي ته مونکي خيال آيو ته امان اهڙي حالت ۾ قطعن ڪونه ٿي لڳي ته هوءَ ڪا چند ڏينهن جي مهمان آهي، ڪٿي ڪا غلطي ته ڪونه پئي ٿئي؟ هي ڊاڪٽر غلطيون ڪندا آهن، منصور سوچيو ڪٿي ڪا غلطي نه ٿي هجي، ان لاءِ هن رات جو ٽين بجي حيدرآباد فون ڪري ڊاڪٽر نوشاد ۽ ڊاڪٽر اقبال کي صبح جو اچڻ لاءِ چيو، هو آيا. فرزانه، نيوين به گڏ آيون، هنن ٻنهي ڊاڪٽرن، هتي جي ڊاڪٽرن سان بحث ڪيو، ڊاڪٽر نوشاد، ڊاڪٽر جعفري کي هڪ نقطي تي لاپرواهي ڪرڻ جو چيو، پر مجموعي طرح ڪيس واقعي ئي ناقابل علاج بڻجي چڪو هو، ٻن ڏينهن ۾ امان جي جسم ۾ تيزي سان ايندڙ تبديليون ٻڌائن پيون ته هر ڪلاڪ ۾ امان جي جسم اندر خرابيون وڌن پيون، ساوڪ به وڌي پئي، امان جو ذهن اڃا بلڪل درست حالت ۾ آهي. بلڪه وڌيڪ تيز ۽ حساس ٿيو آهي. امان ڳالهائيندي آهي تڏهن به تمام سٺو ۽ درست ڳالهائيندي آهي. امان جي سوچ ۾ وسعت آئي آهي. هاڻ ڪنهن سان به ناراض ڪونهي، سڀني کي جن سان ٿوريون گهڻيون ناراضگيون هيون، تن کي به کليل دل سان معاف ڪري تمام گهڻين دعائن سان پئي نوازي. اسپتال ۾ امان سڀني ڌيئرن ۽ پٽن کي پيار ۽ دعائن جي خزانن سان امير ڪري ڇڏيو آهي. سال ٻن کان امان مونکي منصور کان به وڌيڪ ڀانيو ۽ پيار ڪيو آهي. هنن آخري ڏينهن ۾ به امان مونکي وڌيڪ پيار، همدردي پئي ڏي. اسپتال ۾ مريض جو کاڌو، سوپ، جوس يا جيلي جيئن ته پاڻ نٿي کائي سگهي. زوري چوندي ته گُلان تون کاءُ. ضد ڪري مون کي سڀ کارائيندي آهي. اڄ صبح جو آئون ٿوري دير سان ويس، صبح وارو جوس ۽ سوئٽ مون لاءِ رکرائي ڇڏيو هئائين. آئون آيس ته چيائين تو دير ڇو ڪئي آهي، تون هي جوس پي، جيلي کاءُ.
امان کي اسان ٻڌايو ڪونهي ته هن کي خطرناڪ بيماري آهي ۽ هوءَ صرف ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي، پر هوءَ جڏهن سُئي جو اثر گهٽجي ٿو ڪجهه هوش ۾ ايندي آهي ته چوندي آهي ته هيڏا ڏينهن ٿيا آهن، اڃا منهنجو علاج ڪونه پيو ٿيئي. هي سڀ ڊاڪٽر ڪن ڇا پيا، سور وڌندو وڃي اڄ چيائين لڳي ٿو هي مئو سور مونکي ماريندو، الاءِ ڪهڙو اچي مرض لڳو آهي. امان خود چيو ته آئون کاڌو به نٿي کان پوءِ به پيٽ وڏو ٿيندو وڃي، پير به سڄندا وڃن. منهنجي حالت خراب پئي ٿئي. امان رات چيو ته مونکي حيدرآباد پنهنجي گهر وٺي هلو. اڄ شام جو چيائين ته توهان سڀ ڪمري کان ٻاهر وڃي ڇا پيا ڳالهايو، مون کان لڪايو پيا. هتي نٿا ڳالهايو. آخر آهي ڇا؟ ڪيڏي ڪيڏي مهل وري الله کي ۽ امام کي پئي ياد ڪري مولا علي مشڪل ڪشا کي پئي پڪاري، ڪيڏي مهل، سڀني کي دعائون پئي ڪري.
اڄ کان مارفيا جون سُيون شروع ٿيون آهن، هاڻ اڪثر ڳهر ۾ ٿي رهي، گهٽ هوش ۾ ايندي آهي… ڊاڪٽر چون ٿا ته ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي.
اي رب العالمين، اي امام مولا علي مشڪل ڪشا، امان جون مشڪلون آسان ڪر، هن جون تڪليفون، درد، دور ڪر. (آمين).