ڊائري جا ورق
اسان هر ڏينهن ڪيترن ئي ماڻهن جي نظرن مان گذرون ٿا، پر جيڪو اسانکي سمجهي سگهي، سو ڪو ڪو ماڻهو هوندو آهي.
***
انسان سُڪون جي تلاش ۾ سڄي عمر رهندو آهي ۽ کيس ڪٿي به سُڪون ناهي ملي سگهندو. ظاهري سُڪون کي دنيا ڀلي سُڪون سمجهي پر اندر جو سُڪون انسان کي حاصل ٿئي، اِهو مشڪل آهي. اِها اندر جي اڻتڻ ئي انسان کان ڊگھا پنڌ ڪرائي ٿي.
***
ڪنهن سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ڇو نه هُجن، پر ماڻهو اجنبي ئي رهي ٿو ۽ ڪنهن سان هڪ ئي ملاقات کانپوءِ ايئن محسوس ٿيندو آهي ته اسان صدين کان هڪٻئي کي سڃاڻون ٿا. تڏهن ته ڀٽائي سائين به چيو آهي ته ڪي ويجھا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.
***
زندگي ۾ اسان ڪيترن ئي اهڙن رستن تي سفر ڪندا آهيون، جن ۾ واپسي ناهي هوندي. اهڙن پنڌن ۾ پڇتاءُ ئي پلئه پوندو آهي.
***
ڪي ماڻهو خاموش رهي، گهڻو ڪجهه چئي ويندا آهن ۽ ڪي ماڻهو لفظن ۽ وقت جو بيجا زيان ڪري به ڪجهه ناهن چئي سگهندا.
***
ماڻهو وٽ جڏهن ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم ناهي هوندو، تڏهن کيس ٻئي ماڻهو جو هر ڪم بُرو لڳندو آهي ۽ جيڪو ماڻهو ڪم ڪندو آهي، ان کي ٻئي ڪم واري ماڻهو جو ڪم به سُٺو لڳندو آهي.
***
هر عمل جو رد عمل هوندو آهي، پر جيڪڏهن عمل جو رد عمل جيترو جلد ايندو ايترو نقصان وڌيڪ ٿيندو ۽ رد عمل جيترو دير سان آيو، ايترو فائدو ٿيندو.
***
اسانجي سماج ۾ ڪاميابي ۽ ناڪامي جا پيمانا به تبديل ٿي چڪا آهن. هاڻي هر ٺڳي، ٻيائي ۽ ٻهروپيت کي ڪاميابي چئجي ٿو ۽ اِهي ڪم ڪندڙ ماڻهو کي ڪامياب چئجي ٿو. جڏهن ته صاف ۽ سڌو ماڻهو هن سماج ۾ ناڪام آهي. اِها آهي جدت ۽ نواڻ!
***
جدت ۽ ترقي جي نالي ۾ فطرت جي تباهي، هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو الميو آهي. نتيجي ۾ اسانجو گرهه تباهه ٿي رهيو آهي. ڌرتي دانهون ڪري رهي آهي، پر انسان بيحس ٿي انهن کي نٿو ٻُڌي.
***
اڄ جي ترقي يافته انسان کي فطرت اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون آهن ته انسان دانهون ڪرڻ شروع ڪيون آهن. انهي باوجود به انسان پنهنجي حرڪتن کان باز نٿو اچي.
***
ترقيءَ جي جنهن راهه تي انسان هلڻ شروع ڪيو آهي، انهي جي منزل ڏاڍي ڀيانڪ آهي. کيس خبر ئي ناهي ته هُو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.
***
اڄ جي مادي ترقي، تباهي جو ٻيو نالو آهي. اِن کي جسٽيفاءِ ڪرڻ لاءِ انسان ڀلي ڪيڏا به ٺاهه ٺاهي، پر ڪجهه نه ٿيندو.
***
سادگي ئي سونهن آهي، جنهن ۾ انسان ۽ فطرت جو ڀلو آهي.
***