ڊائري جا ورق
01 فيبروري 2002
زندگي پنهنجن عجب رنگن ۾ پئي گُذري، هر ماڻهو پنهنجن رنگن ۽ ڍنگن ۾ پيو هلي. ڏک ۽ سُک، هر ماڻهوءَ سان آهن. مجموعي طرح زندگي بهتر پئي گذري، رب تمام نعمتن سان نوازيو آهي. ان خالق جا شڪرانه آئون گنهگار بندو ادا ڪرڻ جي قابل به ناهيان.
اڄ ڪلهه آئون ۽ نور محمد تقريبن هڪ جهڙي حياتي پيا گذاريون. نور محمد چوندو آهي ته پنجاهه سال ته هن سڙيل سماج ۽ اذيتناڪ دور کي ڀوڳي چڪا آهيون ۽ هن وقت به حالتون ۽ ماحول پاڻ جهڙن ماڻهن جي لاءِ تمام گهڻو تڪليف ده آهي، خاص طور تي پنهنجي دلچسپي واري فيلڊ، علمي، ادبي ۽ فني دنيا جو ماحول به ڪو سٺو ناهي. بقول نور محمد جي ته موجوده علمي ۽ ادبي لڏي ۾ جيڪو گند ۽ اذيت وارو ماحول آهي، اُهو هاڻ مزيد پاڻ ڀوڳڻ جي قابل ئي نه رهيا آهيون، ان ڪري نور محمد چوندو آهي ته يار بس هڪ ڪنڊ جهلي خاموشي سان ويٺا ڏسون زماني جو کيل. اسان ٻئي ڄڻ پڙهڻ جي دور مان پيا گذرون. اسان جو اڄ ڪلهه مشغلو سٺا سٺا ڪتاب پڙهڻ، رسالا، اخبارون پڙهڻ ۽ ٻيو سڄي دنيا جون خبرون، معلوماتي، تفريحي پروگرام ۽ رانديون ڏسڻ آهي. نور محمد سيٽلائٽ تي چونڊ تاريخي فلمون ۽ ڊراما وغيره ڏسندو آهي. آئون نٿو سمجهان ته نور محمد جهڙو باخبر ماڻهو ڪو ٻيو هتي اسان ۾ هوندو. نه صرف دنيا جون موجوده حالتون، بين الاقوامي خبرون، اهي به مختلف ملڪن جون خبرون انهن جا انداز ۽ انهن جي معنيٰ ۽ جدا جدا نظريه ٻڌي انهيءَ مان حقيقي ۽ درست صورتحال کي سمجهڻ، ان سان دنيا ۾ ٿيندڙ اهم واقعن، ايجادن کان باخبر رهندي، نور محمد جيڪي تجزيه ۽ تبصرا ڪندو آهي ته اهي ڀرپور حقيقي هوندا آهن، نور محمد جو مطالعو ته شروع کان سٺو رهيو آهي ۽ هن وقت اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته نور محمد هڪ وسيع مطالعو ڪيل شخص، سڄي دنيا جي علم، ادب، تاريخ جو ڄاڻو، حال جو به باخبر ترين ماڻهو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن سان ڪچهري ڪرڻ معنيٰ گهڻو ڪجهه پرائڻ آهي ۽ هن جي ڪچهري ۾ مزو ۽ لطف به آهي ته ڄاڻ ۽ علم به آهي. اسان هفتي ۾ هڪ ڀيرو ملندا آهيون. اسان ٻئي ڪوبه ڪم، ڌنڌو ڪونه ڪريون، بس ٻئي پڙهڻ ۽ ٽي وي ڏسڻ ۾ مست آهيون.
***
5 فيبروري، 2002
پاڻ وارن سماجن ۾ جتي علم و ڄاڻ محدود هجي اُتي ٻارن يا جوانن جي سڄي تعليم و تربيت ناممڪن آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسانجا ٻار، جوان ۽ عورتون ذهني طور ايڏا صحت مند ڪونه ٿين.
آئون به احساس ڪمتري جو شڪار رهيو آهيان.
پاڻ کي گهٽ علم وارو، خوبين کان خالي، ڪيئي ڪمزورين ۽ برين عادتن جو شڪار تصور ڪندو رهيو آهيان، پر هاڻ اچي مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي ته هن سماج ۾ ڪوبه ماڻهو، خامين ۽ ڪمزورين کان سواءِ ناهي هر ماڻهو خامين و خوبين جو مجموعو آهي…
پنجاهه سالن جي علم و ادب ڄاڻ ۽ مشاهدن کانپوءِ محسوس ٿيو ته آئون تمام ٿورين ۽ ننڍڙين خامين جو شڪار آهيان. ان جي مقابلي ۾ ماشاءَالله ڪيئي خوبين جو مالڪ به آهيان. بنيادي طور تي سچائي، ايمانداري ۽ نيڪ فطرت رهي آهي، رب جا لک ڪرم آهن جو ڪڏهن به ڪنهن سان جهيڙو جهٽو نه ڪيو، نه ڪنهن کي تڪليف ڏني، نه ڪنهن ماڻهوءَ سان غداري يا منافقي ڪئي آهي.
***
11 فيبروري، 2002
مجموعي طرح زندگي بهتر ۽ اطمينان بخش آهي. ذاتي ۽ گهريلو زندگي خوشگوار آهي، پر گهر کان ٻاهر شهر، صوبي ۽ ملڪ جي ڏاڍي خراب حالت آهي. سنڌ ۽ سنڌين سان ته ظلم و ستم جي انتها آهي، اذيت ناڪ صورتحال آهي. جو هيڏن وڏن ظُلمن، بدترين اذيتن جي باوجود به ڪوبه احتجاج، ڪا به دانهن، ڪوڪ ڪونهي، عجب جهڙي ڳالهه آهي جو قتل ٿيون پيا، زخمي ٿيون پيا، وارن مٿي وار سهون پيا، پر رڙ دانهن به ڪونه ٿا ڪريون، سنڌ جنهن جي حالت بين الاقوامي يتيم خاني جهڙي آهي، سنڌ هن وقت ظلم ستم و انڌير جو، لٽ مار، ڦر، ڌاڙا، اغوا، قتل جو مرڪز آهي. انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو کاڄ بڻيل آهي، ڪوبه ڳوٺ، شهر، ڪوبه ادارو، ڪوبه کاتو، خرابين ۽ براين کان خالي ناهي، ڪٿي به حق، سچ، انصاف، امن و پيار ڪونهي. اهڙي حالتن ۾ دل کي اطمينان، و خوشي ڪٿان ملي، بلڪه افسوس ۽ رنج ٿئي ٿو.
***