بلاگنئون

پنڌ مَ ڪر پھاڙ ڏي، وجودي وڻڪار

لطيف سائين اسان کي روحاني پيغام جو تمام وڏو ڀنڊار پنھنجي رسالي جي صورت ۾ ڏنو آھي، جنھن مان اسان جي اندر جي اصلاح ٿئي ٿي. لطيف سائين، فقط اصلاح نه، پر اسان جي دائمي رھنمائي ڪن ٿا. جنھن وقت بہه شاھه جو رسالو کڻي پڙھو اوھان کي ڪو نہه ڪو نصحيت جي نقطي جو بيت ضرور ملندو، يا وري ڪو اھڙو فھم ملندو جنھن مان انسان جي ڀرپور مدد ٿي سگھي. لطيف سائين زندگي جي سڀني پاسن جو پورو عڪس اسان کي ڏين ٿا، پر اسان کي روحانيت واري پاسي تمام گھڻو سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. سائين جي رسالي ۾ بيت سسئي جو ھوندو، پر ان بيت ۾ لطيف سائين سسئي جي پسمنظر مان اسان جي اھڙي رھنمائي ڪندا جيڪا حيران ڪندڙ ھوندي آھي. روح کي پنھنجي اصل ڏانھن راغب ڪندڙ، فقير نصحيت تمام سھڻي نموني سان ڪندا آھن. مطلب تہه ڪنھن جي دل بہه نه ڏکوئجي، حاصل رھنمائي بہه ڪري سگھجي. مرشد لطيف ھن بيت ۾ تمام گھڻو غور ۽ فڪر وارو پھلو اجاگر ڪري، بيت جي پڙھندڙ کي پيار مان سجھائين ٿا تہه:
پُنھون ڇڏيو پوءِ، ٿــي جــانب جبــل ڳولـــين
تيلانھين تنگون ڪرين، جيلانھين تون جوءِ
سـاجن سـڃ نھاريين، ڏکــي ڏوھ ڪـيوءِ
هاڙهـي هوت نہه هوءِ، وري پـــــڇ ويٺين کــان
لطيف سائين جو پيغام آفاقي آھي، جنھن کي ھر عام وخاص مڃي ٿو، پر اھو ڪيئن آھي، ان جي خبر چند انهن رمز جي مسافرن کي آھي. جيڪي پنھنجي مالڪ جا متلاشي آھن. جن کي ھر وقت انھي مالڪ محبوب سان ملڻ جي خواھش ھوندي آھي. مٿئين بيت ۾ لطيف سائين فرمائين ٿا ته “پنھون ڇڏيو پوءِ، ٿي جانب جبل ڳوليين” ڇا مطلب آھي، غور جھڙو فڪر ھن بيت ۾ لطيف سمايو آھي، پنھون کي پوئتي ڇڏيو، جانب کي (پنھون) کي جبلن ۾ڳولين پئي. ظاھري ھن بيت جو تعلق سر سسئي جي آبري يا آبڙي سان آھي، ھن بيت جو تعلق ھر ان انسان سان آھي جيڪو ھن بيت کي پڙھي رھيو آھي. ان سان لطيف سائين مخاطب آھن، تون پنھون (مالڪ) کي پوئتي ڇڏيو، جبلن ۾ ڪٿي پيو ڳوليين؟، اسان جي سمجهھ کي لطيف سائين جن متوجهه ڪن پيا، ڪرين ڇا پيو تنھنجو رستو ڪھڙو آھي، تنھنجي منزل ڪٿي آھي، ھيڏانھن ھوڏانھن ڇو پيو ڳوليين. ھاڙھي ۾ ھوت ڪونھي ڪو، وري پڇ ويٺين کان، اُھي ويٺل ڪير آھن، سسئي ويئي ھلي پنھنجي منزل جي طرف، سڳر پٽين جي سُڃ ۾ ھميشہه جي ننڊ ۾ آرام سان سُتل آھي، پر ڇا اوھان کي بہه ننڊ تہه ڪان اچي ويئي آھي، جنھن ۾ اوھان ڪو سُھانو خواب ڏسي رھيا ھجو، متان اک کلڻ وقت اوھان وٽ بلڪل وقت جي ڪمي ھجي، اوھان جو پڇتائو مقدر ٿي وڃي. لطيف ان لاءِ بھتر صلاح پڻ ڏني آھي تہه پنھون جو پار پڇڻ لاءِ ويٺلن سان رابطو ڪريو، انھن جي محفل جا طالب ٿيو تہه اوھان کي پنھون ملي ويندو، افسوس ان ڳالهھ جو آھي تہه جيڪي راھه جا واقفڪار آھن، انھن جو اسان وٽ زندگي ۾ قدر بلڪل نہه ھجڻ جي برابر ھوندو آھي، مرڻ کان پوءِ ميلا، ورسيون، ڏھاڙا ملھايا وڃن ٿا، پر انھن جو قدر ۽ قيمت انھن جي زندگي ۾ ڪجي تہه جيئن زندگي جي حصول ۾ آساني ٿي پوي، انسان کي راھه حقيقي ملي ويندي، منزل آسان ٿي پوندي.
وري پڇ ويٺين کان، سندا پار پنھون
ويھي ڪر ورنھن، ڪُپر ڪوڪ مَ ڪانڌ کي.
لطيف سائين جي رسالي کي پڙھڻ لاءِ سنڌي پڙھڻ تہه ضروري آھي، پر ايترو بہه ضروري ناھي، ڇو تہه لطيف سائين جي بيتن کي ڌنارن، پنھوارن، گھريلو عورتن، ٻارن ۽ ٻڍن کي ڪو نہه ڪو بيت ياد ضرور ھوندو، پر فڪري پيغام کي پروڙڻ لاءِ استاد جي تمام گھڻي ضرورت ان ڪري آھي جو ھي ڪو عام فھم ڪونھي ڪو، جنھن کي ھرڪو پروڙي سگھي. جيترو نصاب ڏکيو ھوندو آھي، اوترو استاد جو قابل ھجڻ ضروري ھوندو آھي، نہه تہه ڪو وري اھڙو وچون رستو نڪرندو، جنھن مان ڪو بہه فائدو تہه ڪون ٿيندو، پر ڪو نہه ڪو نقصان ضرور ٿي سگھي ٿو.
هل هينئين سين هوت ڏي، پيرين ڪر مَ پنڌ
رائـي پڇ مَ رند، رڙهه روحـــانــي سسئـي
لطيف سائين، سونھاري سنڌ جا لوڪ داستان، اھڙي طريقي روحانيت ۾ سمائي اسان کي سمجھايا آھن، جنھن مان اسان جي ھر عام ماڻھو کي سولائي سان سبق ملي وڃي. لطيف سائين انسان سان گڏ ٻئي مخلوق جي بہه عزت ۽ خدمت ڪرڻ جو درس ڏين ٿا، پر لطيف سائين انسان کي حق جي راھه ڏيکاري آھي، پر اسان جو ظرف ڪيترو آھي،؟ جو اسان انھي آفاقي پيغام کي ڪٿي ڳولي رھيا آھيون. ڪنھن جھنگلي رستي تي ڪونه آھيون، يا وري ڪنھن رھنما جي رھبري ۾ زندگي گذاري لطيفي پيغام جي پيروي تي ھلي رھيا آھيون. لطيف سائين اسان جي فيصلي جو اختيار بہه اسان جي حوالي ڪيو آھي، پر غلط ۽ صحيح جي سڃاڻپ بہه ڏين ٿا. ويھي ڪر ورنھن، ڪُپر ڪوڪ مَ ڪانڌ کي، پنھنجي پاڻ سان ڪچھري ڪري تہه ڏس، تون ھن دنيا ۾ ڇو آيو آھين، ڇا جي لاءِ تنھنجي وجود جو سفر عدم کان جاري آھي. اردو جي ھڪ شاعر چيو آھي تہه (اگر بات ڪرني ھو رحمان سي، تو بات ڪر باوضوع اپني جان سي)، الست ارواحن جي خلقڻ کان وٺي، قالوبلى واري قول ڪرڻ تائين، وري دنيا جو واسي ٿي ھتي رھي، ھِتان بہه ڪنھن ٻئي منزل ڏانھن وڃڻ، اُتان بہه وري ٻئي جڳھه جو انتظار اسان جي روح کي ڪرڻو اڃان باقي آھي. لطيف سائين اسان کي سمجھائين ٿا تہه اوھان غلط ڪم ۽ غلط ڳالھيون ڪري پنھنجي اندر ۾ اونداھه پيدا ڪئي آھي، ان سببان جيڪڏھن اوجھڙ پوندئين تہه تڪليف بہه توکي ٿيندي، ان لاءِ بھتر آھي تہه انھي اصلي راز کي سمجھي وٺ، حقيقي منزل جو راھي ٿي، جيئن تنھنجي سوچ آھي، ان سوچ کي پَرکي وٺ، متان ڪنھن غلط رستي تي تہه ڪون آھين، جيڪڏھن آھين تہه قبلو بدلائي تبديل ڪري ڇڏ، جيڪڏھن حق واري راھه تي آھين تہه ان اڃان بہه ثابت قدم رھي، دنيا کي ڪو انمول تحفو پنھنجي ڪردار مان ڏيئي، حقيقي حق ادا ڪري، پنھنجي حصي جو ڪم ڪري وڃ. لطيف سائين فقيري جي اھڙن رمزن کان اسان جي معاشري کي آگاھي ڏني آھي، جو اسان جي آساني ٿي پوي. رمز جي راھه جو سفر اڻکٽ آھي، پر ڪنھن وافقڪار سان گڏ آساني سان گذري وڃي ٿو.
ڪونھي هُت ڪوهيار، جت تو ڀوري ڀانئيو
پنڌ مَ ڪر پھاڙ ڏي، وجودي وڻڪـار
ڌاريان ڀانئـج ڌار، پـڇ پريان ڪر پاڻ تون.
لطيف سائين، اسان کي اصل مقصد کان آگاھه ڪن ٿا ته، جتي اوھان جي سوچ آھي، اُتي ڪوھيار ڪونھي ڪو. جنھن کي اوھان سسئي سمجھي رھيا آھيو، اُھا سسئي ڪونھي ڪا، پھاڙن ۾ پنڌ ڪرڻ واري سسئي کي اوھان سوچي رھيا آھيو، پر ھتي وجود جي وڻڪار جي ڳالهھ آھي. ھن ڳالهھ ۾ جيڪي ڌاريا آھن، انھن کان پنھنجو پاڻ کي جدا ڪري ڇڏ، پنھنجو پاڻ سان ورنھن ڪري، پنھنجي اندر ۾ رھندڙ سان ڪچھري ڪري تہه ڏس، جيڪو اوھان کي ساھه واري رڳ کان ويجھو آھي، اھو پنڌ پھاڙ جو ڪونھي وجود ۾ پنھنجي مالڪ کي ڳولڻ جو گس لطيف سائين اسان کي ھن بيت ۾ ڏنو آھي.
جو تون ڏوريين ڏور، سو سدائين ساڻ تو
لالـڻ لئي لطيف چئي، مــنجھي ٿي معذور
منجــھان پــــر پروڙ، تو ۾ آهـيس تڪــــيو.
لطيف سائين جن فرمايو آھي ته جنھن کي تون ڳوليين پيو اُھو سدائين توسان گڏ آھي. ھروڀرو توکي ڪنھن مونجھاري جي ضرورت ڪونھي ڪا، پنھنجو پاڻ ۾ انھي مالڪ کي تلاش ڪري ته ڏس، تنھنجو اندر انھي مالڪ جو تڪيو آھي.
لطيف سائين جي سوچ ۽ اسان جي سوچ جو مفاصلو تمام وڏو آھي، ان ڪري اسان کي لطيف سائين جي بيتن جي پوري پروڙ نٿي پوي، جيڪڏھن اسان پنھنجي سوچ سان لطيف جا بيت پڙھون ٿا ته انھي بيت جي فڪري معنى ۽ اسان واري سوچ ۾ پنڌ پري ٿي وڃي ٿو. لطيف سائين جو فڪر فقيري آھي، انھي ڪري لطيف سائين کي سمجھڻ لاءِ ڪنھن فقير جي صحبت جو ھجڻ ضروري آھي، نه ته اسان کي ڪيچ واري پنھون ۽ ڀنڀور واري سسئي جي سوانح کان سواءِ ٻيو ڪو فڪر نه ملي سگھندو.
سوئي کڻيو ساڻ، سوئي ڳوليين سسئي
ڪڏهن ڪنين نہه ڪيو، ڄلڻ منجھان ڄاڻ
پــڇ پريان ڪـر پاڻ، تہه تـون تيائين لھـين.
فقيرن انسانن جي اصلاح جي لاءِ پنھنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون، جيئن انسان پنھنجي اصلي راھه ڏانھن گامزن ٿي وڃي، پنھنجي مالڪ سان صُلح ڪري وٺي، متان ان کي موت نہه اچي وڃي. انسان پنھنجي مختلف رستن مان تجربا ڪري سکي، وقت جو زيان ڪري ٿو، پر فقير انھي راھه جي رھنمائي ڪٿي شاعري ۾ ڪن ٿا تہ ڪٿي وري لکت ۾ ڪتاب ڏين ٿا، سمجھڻ وارا سمجھي وڃن ٿا، باقي تہه راھه مٿان ڀٽڪلين وانگر تُھ ميڙي پنھنجي نفس امارہ جي پورائي ڪري غلامي جو پورو داد وٺن ٿا، پر فقير امارہ نفس کي مات ڏيئي، ذڪر ڪري، مراقبا ڪري، مشاھدا ڪري، فڪر ڪري ان کي موت ڏيئي ڇڏين ٿا، پر ياد رھي تہه نفس کي موت اچڻ کانپوءِ بہه فقير نفس سان جھاد اڪبر ڪرڻ جو فقيري اعلان ڪن ٿا، جيڪا جنگ انھن جي ظاھري زندگي ۾ جاري رھندي آھي.
جُز وڃايو جوڳين،ڪُل سان اٿن ڪم
جڏھن نفس جي نفي ٿيندي آھي تہه اصل يا اُتم آئون ان انسان جي اندر ۾ اچي رھندي آھي، جنھن سان ھن جي وجود جو حوالو ڪُل سان ٿي ويندو آھي، جُز ھن ۾ باقي نہه رھندو آھي.
وڃـين ڇـو وڻــڪار، هِت نہه ڳولين هوت کي
لڪــو ڪـين لطيف چئي، ٻاروچــو ٻئــي پــار
ٿي ستي ٻڌ سندرو، پــرت پنــھون ســين پــار
نائـــي نــيڻ نھــار، تــو ۾ ديــرو دوســـت جــو.