آسمان تي 2000 ڊرونز سان خوبصورت نقش ٺاهڻ جو نئون عالمي رڪارڊ
مائڪرو پروسيسر ٺاهيندڙ ڪمپني انٽيل پاران پنهنجي 50 سالگره جي موقعي تي ڪليفورنيا ۾ رات جي وقت هوا ۾ 2000 ڊرونز کي اڏائي هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي. سڀئي ڊرونز روبوٽڪ پائرو ٽيڪنڪ ڪمپني پاران فراهم ڪيا ويا آهن. ان کان اڳ 2016 ۾ 100 شوٽنگ اسٽار ڊرونز سان گنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ جڳهه ٺاهي ورتي هئي. ان کانپوءِ 500 ڊرونز سان روشنين کي استعمال ڪيو ويو هو، جنهن بعد اهڙو اعزاز اتر ڪوريا وٽ ويو جتي اولمپڪس ۾ 1218 ڊرونز کي استعمال ڪيو ويو. هاڻي انٽيل اهو رڪارڊ ٺاهي ورتو آهي جنهن ۾ 2000 ڊرونز استعمال ڪيا ويا آهن. سڀني ڊرونز کي هڪ خاص سافٽ ويئر ذريعي ڪنٽرول ڪيو ويو هو جنهن سان اڏام دوران انهن کي ڪجهه اهڙي ترتيب ۾ آندو ويندو آهي جو اهي هوا ۾ اڏامندي خاص ڊزائين نشان ۽ تصويرون ٺاهيندا رهيا. ڊرونز جي ان فارميٽ لاءِ باقاعده پروگرامنگ ڪئي وئي هئي. هر ڊرون کي هلڪي پلاسٽڪ فوم سان ٺاهيو ويو هو جنهن جو وزن 283 گرام هو ۽ ان تي سڀني روشنين ۽ رنگن جون ايل اي ڊي لڳل هيون. ان طرح اهي ڊرون رات جي وقت مستقل آتش بازي جو منظر پيش ڪندا رهيا. هنن 2000 ڊرونز انٽيل جو لوگو ٺاهڻ کان علاوه ٻيون خوبصورت تصويرو به ٺاهيون.