بلاگنئون

اليڪشن جون بهارون ۽ سياسي پارٽين جي سرگرمي

هاڻي لڳي ٿو ملڪ ان نازڪ موڙ کان اڳتي نڪري ويو آهي جو اليڪشن جي چنڊ ڏسڻ سان سڀ پارٽيون مٿين ليول تي سڀ رساما ۽ درد ويڙهي سيڙهي هڪ پاسي رکي ان ڳالھه تي راضي آهن ته جنهن تي آشيرواد آهي ۽ جيڪا پارٽي مٿين ليول تي پاڻ جوڙي ٿي هلي، اها پارٽي هيٺين ليول تي به ڀلي عام ماڻهن جي تڏي تي قُل پڙهي پنهنجا گناھه معاف ڪرائي. سڀ رستا سڌا ڪري، ان ڪري ته سياسي پارٽيون “ڊائون ورڊ ۽ اپ ورڊ” واري رمز کي سمجهن ٿيون، پر اگنور رڳو ڊائونورڊ معنيٰ ماڻهن تائين خدمتن کي پڄائڻ کي ترجيح ناهن ڏيندا، ان ڪري جو اهي سمجهن ٿا ته جي تڪ جا وڏيرا ۽ سرمائيدار يا رئيس چوڌري جي انهن جي پارٽي ۾ آهن ته اهي اليڪشن کٽي سگهن ٿا، ان ڪري ته پي پي، نون ليگ يا پي ٽي آءِ اها ڳالھه سمجھن ٿيون ته هيٺين ليول تي اميدوار پاڻ هوم ورڪ ڪري پنهنجي ليول فيلڊنگ پاڻ سنڀالي هلندو، باقي ڳالھه مٿئين معنيٰ اپ ورڊ جي آهي جنهن ۾ اسٽبلشمينٽ سان رابطا سڌا ڪرڻا هوندا آهن، ان ڪري اها ڳالهھ به مڃون ٿا، وزيراعظم آرمي چيف کي چونڊيو آهي ۽ وري آرمي چيف وزيراعظم چونڊيو آهي، پر هيل ته نون ليگ جا مٿين ليول تي رابطا بحال آهن، ان ڪري ته هاڻي جون ڪورٽون، جسٽس، اليڪشن ڪميشن ۽ اسٽيبلشمينٽ جا رابطا نون ليگ سان سڌا آهن، انهن سڀني ڪورٽن ۽ قانونن اهي سڀ ايون فيلڊ وارا ڪوڙ به سچ ثابت ڪري ڇڏيا آهن يا العزيزيه شگرمل وارا ڪيس به لئي مٽي ڪري ڇڏيا آهن، ان ڪري هاڻي مٿين ليول تي اهي سنباها آهن ته نوازشريف ملڪ جو ٻيڙو تاريندو ۽ ملڪي معيشت، سيڪيورٽي، فارين افيئيرز، ملڪي معاشرتي حالتون ۽ ٻيو سڀ ڪجهھ ٺيڪ ٿي ويندو، ان ڪري ته انهن نون ليگ وارن جا مٿين ليول تي رابطا بحال رهندا.
سياسي ٺاهن ۾ دم ناهي ان ڪري “باپ” بلوچستان عوامي پارٽي ۾ تيستائين دم هو، جيستائين اسٽيبلشمينٽ جو انهن کي آشيرواد هو ۽ رات پيٽ ۾ رڳو پي ٽي آءِ کي کٽرائڻ جي لاءِ انهن سياسي اتحاد ڪري نئين پارٽي جوڙي هئي ۽ عمران خان جو ٻيڙو تاريو هو، پر انهن جي گڊ بوڪس ۾ پوءِ به پي پي ٿي سگهي ٿي، پر نون ليگ کي بلوچستان مان ڪڏهن موٽ ناهي ملي يا ڳالھه جي ايم ڪيو ايم جي ڪجي ته هنن ويچارن کي اندران ڪو اشارو ملندو آهي ته اهي وٺي ڀڄندا آهن ۽ سدائين انهن پارٽين سان چونڊ اتحاد ڪندا آهن، جيڪي هنن جي سمجھه ۾ اچن يا سمجهن ته اهي سياسي پارٽيون مٿي مرڪزي حڪومت جوڙي وينديون ۽ اهي ان ڪري انهن جي سرڪار جو حصو هوندا پوءِ ڀلي آرمي چيف به ڇو نه هجي، پر مرڪز ۾ جيڪو هوندو ايم ڪيو انهن جي هنج ۾ هوندي يا اها ڳالهه به ڪري سگهجي ٿي ته پي ٽي آءِ جي 2018 ۾ اڀرڻ سان جيڪو حقيقي ووٽ هو اهو سڀ وکري ويو هو ۽ ايم ڪيو ايم جي “بيلٽ باڪس” واري سياست کي ڪاپاري ڌڪ لڳو هو، جو انهن جي 60 سيڪڙو سيٽون ٻيا سياسي حريف ٻهاري ويا هئا يا ڪورنگي جهڙي تڪ تان 2019 ۾ ٽي ايل پي به وڏي ويڙھه کانپوءِ اتي ٻيو نمبر آئي هئي ته هاڻي واري سياسي ڪلچر ۾ ايم ڪيو ايم جو ڪو اسٽانس ناهي رهيو يا بلدياتي اليڪشن مان بائيڪاٽ به ان صورت ۾ هو ته انهن جا ووٽر ٻين سنهن ٿلهن مذهبي گروپن ۾ ورهائجي ويا آهن يا جيڪي به اردو آبادي جو ووٽ آهي اهو يا ته پي ٽي آءِ جي حصي ۾ آهي ۽ رهندو يا پي پي جي “بڪيٽ” ۾ ئي رهندو، باقي جيڪي به پٺاڻ ۽ کريل افغاني ووٽ آهي اهو به ورهايل آهي ڇو ته پٺاڻ ووٽ ڪنهن هڪ لساني پارٽي جي مِلڪيت ناهي رهيو، اهو ڪڏهن اي اين پي ڏي ويو آهي ته ڪڏهن پي ٽِي آءِ جي حصي ۾ رهندو آيو آهي، ان ڪري ايم ڪيو ايم جهڙي پارٽي جو چونڊ اتحاد نون سان ٺهي نه ٿو يا ائين به چئون ته ڪراچيءَ جو پنجابي ووٽ ڪڏهن نون ليگ کي مليو ئي ناهي ته هاڻي پنجابي ووٽ ڪهڙا ڦاڙها ماريندو جو ائين چئون ته ايم ڪيو ايم جي ڪري نون ليگ کٽيندي يا نون ليگ جي ڪري ايم ڪيو کٽيندي يا ايم ڪيو ايم جو اهڙو اتحاد رڳو ان ڪري آهي ته اهي پي پي جي دشمني ۾ اڳتي وڌي ويا آهن، پر کڙتيل نه نڪرندو ۽ پي پي جا ٻيا اتحادي يا ووٽ وري به پي پي جي بيلٽ باڪس ۾ هوندا.
پي پي جتي چونڊ اتحاد ڪندي ويندي اتي اها ڳالھه به ذهن نشين اٿن ته ووٽ جو اتحاد ۽ چونڊ صلح نامو اتي اتي ڪجي جتي جتي ڪنهن وزير يا وڏيري جي ڪا ڪنسٽيٽيوئنسي يا ڪو ابي ڏاڏي کان ليڪيل تڪ هجي باقي ائين سکڻا اتحاد ٺهن نه ٿا يا ڪو نتيجو نه ڪڍندا يا 2016 وارو نون ليگ جو فوجي آپريشن ايم ڪيو ايم جي ذهن تان لهي ويو آهي يا ان ڳالهھ جي ڪهڙي گارنٽي آهي ته جيڪي ايم ڪيو ايم جي شيرازي جا ٻيا بچيل سچيل ٽڪرا ۽ باقيات آهن، انهن جي سار ڪير لهندو يا اهي ڪيڏانهن ويندا يا حقيقي گروپ جو ڇا ٿيندو، پي ايس پي جو مصطفيٰ ڪمال ڪهڙي ٻيڙي ۾ ويهندو يا ايم ڪيو ايم لنڊن وارا ڪيڏانهن ويندا وري ٻئي جيڪي رهيل کهيل پارٽيون آهن اهي ڪيڏانهن وينديون يا انهن جو مستقبل وري به لسانيت ئي هوندو، ان ڪري ته ايم ڪيو ايم جو ڪو واريل تڪ ناهي يا ماضيءَ ۾ انهن اهڙي “ون مين شو” واري سياست ڪئي جو انهن جي صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ جي اميداورن جي تصوير ڪڏهن پمفليٽن تي نه هوندي هئي، ان ڪري انهن سياسي پارٽين جي ڪا پاڙ ناهي يا انهن جي پاڙ ٺڪري تي آهي يا هاڻي ته سياسي هوائن ۾ اهي سڀ پارٽيون ڌوڙ ٿي ويون جيڪي ڪنهن به طرح عوامي پارٽيون نه هيون اهي ڪو اسٽبلشمينٽ جي ڪانٽريڪٽ تي آيل هئا ۽ اڳواٽ ڳالهائي ٻولهائي آيا هئا ته اهي سڀ ڪم ڪندا جيڪي انهن جي ذهن جي ڪيسٽ ۾ ڀريل آهن يا جيڪي انهن جي ميموري ڪارڊ ۾ فٽ ٿيل آهن اهي سڀ ڪم ڪندا ويندا، ان ڪري جي ڪري سگهيا ته ٺيڪ آهي، نه ڪري سگهيا ته معنيٰ پتو صاف. هاڻي به ساڳي ڳالھه آهي ته نون ليگ جو پنجاب ۾ ڪارڊ نه هلندو ۽ پنجاب ۾ انهن جي گهاٽي سرنهن سڀني کي ڏٺل آهي يا ائين چئون ته جيڪو پي ٽي آءِ جو منسٽريل لڏو هو انهن سڀني جا پنهنجي تڪن ۾ پير مضبوط آهن، ان ڪري هاڻي عليم خان هجي يا جهانگير خان ترين هجي يا ملتان ۽ بهاولپور جي پاسي پي پي جو قلعو مضبوط هجي، پر انهن سڀني ڳالهين ۾ نون ليگ پنجاب اندر ڪمزور آهي يا ڪاڪڙ جي اها ڳالهھ به مڃي سگهجي ٿي ته ڪنهن به پارٽيءَ تي چونڊ وڙهڻ جي ڪا پابندي ناهي، هر پارٽيءَ کي ليول فيلڊ مليل آهي ته اهي پنهنجي وس ۽ وِتَ آهر پنهنجي سياسي مڙسي ڏيکارين ۽ چونڊ وڙهن ۽ کٽي ڏيکارين.
ڪي پي جي صورتحال ۾ نون ليگ فٽ ناهي اتي اي اين پي ۽ پي ٽي آءِ يا ڪي ٻيون مذهبي تنظيمون هلي سگهن ٿيون يا ائين به چئي سگهون ٿا ته پي پي ۽ نون ليگ اتي زيرو آهن هونءَ زيرو ته ٻين صوبن ۾ به آهن، پر اتي جي سماجي سيٽ اپ ۾ اهي سڀ پارٽيون ان ڪري به فٽ ٿي سگهن ٿيون ته اتي جي وڏيرا شاهي ۽ چوڌري گيري اڃان مئي ناهي اتي جاگيردار پلس سرمائيدار سڀ جا سڀ پي پي ۽ نون ليگ جي ڪلهن تي چڙهيل آهن، اهي سڀ جا سڀ ائين ايترا ڪرپٽ به آهن يا ڪير به رهيل ناهي جنهن تي کنڊ، اٽي، ڪڻڪ، دوائن، بينڪ اڪائونٽن، مني لانڊرنگ، اوورسيز ڪمپنين جي ڪا ڪارنهن لڳل نه هجي، ان ڪري اهي سڀ چوڪڙيون ڀلي عوام تائين ڪجهھ به پڄائن، پر هڪٻئي جو ڀرجهلو ضررو آهن يا پي پي جي هاڻوڪن سنڌ جي سياسي دورن مان اهو ثابت آهي ته اهي سڀ جا سڀ جي ڊي اي جا مُک اڳواڻ پنهنجي مٺ ۾ ڪري هلندا ۽ سڀ جا ووٽ بينڪ پنهنجي نالي ڪندا يا اها ڳالھه به سمجهون ٿا هاڻي واري سياسي ڪلچر ۾ ڪير به فل فليج حڪومت نه جوڙي سگهندو يا ڪير به ان پوزيشن ۾ ناهي ته اهو پنهنجي سر اڪيلو وزيراعظم بڻائي سگهي، پر اهي سڀ مخلوط حڪومت جي آسري پوءِ به آهن يا جي مٿئين ليول تي سياسي منهان منهين ٿي به ته نون ليگ ۽ پي پي جي هوندي ان ڪري ته اهي ٻئي ميثاق جمهوريت کان وٺي پي ڊي ايم تائين هڪٻئي جا حريف به آهن ته هڪٻئي جا مخالف آهن، اها ٻي ڳالهھ آ ته نون ليگ سياسي دشمني ۾ تمام گهڻي خراب آهي، پوءِ سامهون پي پي هجيس يا پي ٽي آءِ، پر ڇڏيندي ڪنهن کي نه ناهي ۽ ميدان صاف ڪري هلندي آهي. چون ٿا ته چوڌري شجاعت پنجاب ۾ نون ليگ سان سياسي وقتي ٺاھه ڪندو، پر ممڪن ناهي ان ڪري ته نون ليگ جا ۽ قاف ليگ جا لڇڻ اهڙا ناهن يا ڪلهوڪي ڳالهھ ته ويچاري پرويزالاهي سان پنجاب جي سي ايم جي چڪر ۾ ڇا ڇا ڪري ويٺا ۽ حمزا شهبار جي دال ڳارڻ جي لاءِ سندس پيءُ وسئون نه گهٽايو، پر دال نه ڳريس، ان ڪري اهي اتحاد وري به پي پي جي جهولي ۾ ايندا، ان ڪري ته پنجاب جو ووٽر ۽ پنجاب جو چوڌري ۽ سرمائيدار ٻه الڳ الڳ سماجي ۽ سياسي نظريا آهن، ان ڪري اتحادي سياست واري پيشمنظر ۾ پي پي انهن سڀني پارٽين معنيٰ نون ليگ يا پي ڊي ايم جي 13 پارٽين کان مٿي جي ڳالھه آهي باقي رهيو وڃي سنڌ جو شهري ووٽ ان جي لاءِ پي پي وري ساڳي ڪندي ته “پنهنجن ۾ هٿ ۽ پراون ۾ اکيون” معنيٰ وڏيرڪو طبقو ۽ سرمائيدار پنهنجي هٿ ۾ ۽ سڀ جا سڀ ووٽر انهن وڏيرن جي هٿ ۾، باقي رهيو شهري ووٽ ان جي لاءِ هنن پٺاڻن ۽ افغانين جي حمايت ڪري ووٽ پڪو ڪيو آهي، ان ڪري نون ليگ جا اتحاد ايترا مضبوط نوعيت جا ثابت نه ٿيندا ۽ پنجاب جو ووٽ به هنن کي ٽٽي ٽٽي ملندو جنهن جي لاءِ نون ليگ کي وري به جتن ڪرڻا پوندا يا ان کان اڳ جو هنن جا ڪيس اٿلن يا بُرائي منهن ڪڍين، اهي به مٿئين ليول تي گڏجي کائڻ جي ڪندا نه ته ڳالھه ڳوري ٿي پوندن.