پاڪستان ۾ نسلن جي وچ ۾ جيڪو فڪري ۽ جذباتي مفاصلو آهي، سو فقط خانداني اختلاف ناهي، بلڪه ڪيترين ئي تاريخي، معاشي ۽ ثقافتي سببن جو نتيجو آهي. ملينيئر کان اڳ پيدا ٿيڻ وارو نسل يعني “اڳي نسل” ماڻهو جيڪي 1959ع کان 1989ع جي وچ ۾ جوان ٿيا. هڪ اهڙي دور ۾ وڏو ٿيو جڏهن ذاتي خواهشن کان وڌيڪ خاندان، روايتن ۽ معاشرتي اصولن کي اهميت ڏني ويندي هئي ۽ ان وقت زندگي جو مقصد خوشي يا آزادي نه هو، بلڪه بقا هئي. انهيءَ نسل اهڙيون حالتون ڏٺيون جن ۾ سياسي، معاشي مشڪلاتون ۽ محدود موقعا شامل هئا، تعليم عام نه هئي، ان لاءِ دنيا کي ڏسڻ جو زاويو محدود هو. اهوئي سبب آهي ته انهن منجهان اڪثر ماڻهو نون خيالن کان ڊڄن ٿا ۽ تبديلي کي پنهنجي لاءِ خطرو سمجهن ٿا۔
ان نسل جا مرد خاص طور تي هڪ سخت معاشرتي نظام ۾ وڌيا ويجهيا، جتي مرد کي گهر جو مالڪ ۽ فيصلي ڪرڻ وارو سمجهيو ويندو هو. انهن جي لاءِ محبت جو مطلب احساسن جو اظهار نه، بلڪه ذميواري نڀائڻ ۽ خاندان جي حفاظت ڪرڻ هو، ليڪن وقت سان گڏ اها حفاظت هڪ قسم جي ڪنٽرول ۾ بدلجي وئي. اهي اڪثر پنهنجن ٻارڙن يا زال جي خواهشن جي بجاءِ ٻين جي باري ۾ سوچڻ لڳا. ڇو ته انهن جي ويجهو سڀ کان اهم شيءِ معاشرتي عزت ۽ ماڻهن جي راءِ هئي. انهن جي لاءِ اهي ڳالهيون صرف فخر جو مسئلو ناهن، بلڪه پنهنجي سڃاڻپ جو حصو هيون. نئون نسل هڪ بلڪل مختلف دور ۾ وڏو ٿيو، تعليم، انٽرنيٽ ۽ جديد ميڊيا نوجوانن کي خود مختياري، اظهار جي راءِ ۽ ذاتي آزادي جو احساس ڏنو. هاڻي زندگي کي صرف گهارڻ جي بجاءِ بهتر بنائڻ جو نظريو عام ٿيو. اهوئي سبب آهي ته جتي پراڻو نسل نظم و ضبط کي اخلاق سمجي ٿو. اتي نئون نسل انهيءَ کي پريشر ۽ غير ضروري پابندي جي طور تي ڏسي ٿو ۽ اهوئي اهڙو فرق آهي جيڪو اڪثر ٽڪراءَ جو سبب بڻجي ٿو.
سماجي ماهرن جي مطابق اهو صرف سوچ جو فرق ناهي، بلڪه طاقت ۽ اختيار جي بدلجڻ جو عمل به آهي. اڳ اختيار وڏن خاص طور تي مردن وٽ هو، مگر جڏهن تعليم، روزگار ۽ عالمي خيالن نوجوانن کي خود مختيار بڻايو ته پراڻي نسل کي پنهنجي اختيار جي ڪمزور ٿيڻ جو احساس ٿيو، جيڪو انهن ۾ بي آرامي ۽ هٺ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
جيڪڏهن ويچار ڪري ڏسجي ته گذريل نسل جي سختي اصل ۾ هڪ خوف سان ڳنڍيل آهي. اهي دنيا جنهن ۾ هو جوان ٿيا هئا، غير يقيني ۽ خطرن سان ٽمٽار هئي. ان ڪري انهن جي اصولن تي قائم رهڻ ئي بقا جو رستو هو، مگر هينئر جڏهن حالتون بدلجي ويون آهن ته اهي ئي اصول نئين نسل جي لاءِ رڪاوٽ بڻجي ويا آهن. ان فرق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سڀ کان اهم شيءِ سمجھ آهي. جيڪڏهن نئون نسل صرف تنقيد جي بجاءِ اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ته والدين سختي ڇو ٿو ڪري ته ڳالھ اڳتي وڌي سگهي ٿي. ساڳئي ريت جيڪڏهن پراڻو نسل اهو مڃي وٺي ته دنيا بدلجي وئي آهي ۽ ٻارڙن جا نظريا مختلف آهن ته تعلقات ۾ نرمي اچي سگهي ٿي. اهو صرف والدين ۽ ٻارڙن جو معاملو ناهي، بلڪه هڪ سموري معاشري جي تبديلي جو گس آهي، جيڪو پراڻين روايتن کان نڪري ڪري هڪ نئين فڪري ۽ جذباتي دنيا ڏانهن وڌي رهيو آهي.