ڪراچيء کان گهوٽڪيء تائين
پوليس جي نوڪريءَ ۾ مان به خاص ڪري بائيڪ تي سنڌ ۾ ايئن گهميو آهيان جيئن ماڻهو پنهنجي گهر جي مختلف ڪمرن ۾ گهمندو ۽ هر شيءَ جي خبر رکندو آهي، ها سير و سياحت انسان جي ذهن کي کولي نئين ڄاڻ کان متعارف ڪرائيندي آهي، نوان ماڳ مڪان، نوان ڪوٽ قلعا، نوان ماڻهو، مختلف لهجا ڇو ته ڪتاب پڙهڻ سان ڪنهن به ملڪ يا علائقي جي سڌ ته ملندي آهي، پر اکين سان ڏسڻ جو ته وري حساب ڪتاب ئي مختلف هوندو آهي. مان ڪراچي کان ڳڙهي ياسين هونئن ته موٽر بائيڪ تي ڪافي ڀيرا ويو آهيان، پر اڳ ۾ انهيءَ سفر کي قلمبند نه ڪري سگهيو آهيان، پر هاڻي جيئن ته اهو سفر ڪراچي کان ڳڙهي ياسين بعد گهوٽڪي جي ڪچي رونتي تائين هو، سو دل گهريو ته هن سفر کي يادگيري طور لکي محفوظ ڪرڻ سان گڏ ادب دوستن تائين به رسايان. هي سفر ڳڙهي ياسين تائين بائيڪ تي ڪيل آهي ۽ اڳتي جو سفر HIACE ويگن تي ڪيو اٿم. ڪوشش ڪندس ته پڙهندڙن کي سٺي ڄاڻ پهچائي سگهان ته جيئن اهي به فيض حاصل ڪري سگهن.
قربانيءَ واري عيد جنهن کي اڪثر ڪري ٻاڪري عيد به چوندا آهن، جڏهن ته هن عيد کي عيدالاضحيٰ چيو ويندو آهي. سو عيدالاضحيٰ 29.06.2023 عيسوي بمطابق 10.12.1444 هجري خميس تي هئي، پر افسوس جو رات جو دير سان سمهڻ جي ڪري صبح جو ننڊ منجهان جاڳ دير سان ٿيڻ سبب نماز به نصيب نه ٿي سگهي، وري ٻيو اتفاق اهو جو درزي نور علي مهر به ڪپڙا عيد کان بعد ڏنا، ڇو ته مان به پيسن نه هجڻ جي ڪري ڪپڙا به وقت تي وٺي نه سگهيو هئس. ايئن عيد جو ڏهاڙو گهر ۾ ئي گذريو ۽ سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ وارن سان ڳنڍيل حصي پتي جو گوشت منجهند ڌاران گهر اچي پهتو جيڪو کائي ڍئو ڪيوسين ۽ مٽن، مائٽن، يارن، دوستن سان عيد مبارڪ به ملياسين. 30.06.2023 تي جمعي جي نماز پڙهڻ بعد نمره جي ماما، ماسي ۽ ماسات سان گڏجي بائيڪز تي پراڻي سلسلي کي برقرار رکندي سنڌي سمنڊ ڪناري دو دريا جو چڪر ڏنوسين. سچ ته ڏاڍو مزو آيو خاص ڪري گرم گرم مصالحيدار مڪئي جا سنگ کائي گهر اچي آرام ڪري ٿڪ ڀڳوسين ۽ ڳالهين ڳالهين ۾ ڳوٺ جو پروگرام به تيار ڪيوسين.
عيد کان اڳ نمره پنهنجي ماروٽ سان ڳوٺ وئي هئي، هوءَ ٻن عيدن منجهان هڪ عيد ڳوٺ ملهائيندي آهي، سو اسان کي به ان کان بغير مزو نٿي آيو، ان ڪري گهر علاج واسطي رهيل نمره جي ماسي ۽ ماسات کي ڇڏي ڇنڇر 01.07.2023 تي صبح جو ناشتو پاڻي ڪري 07:00 ڌاران الله پاڪ جي آسري تي روانا ٿياسين. جڏهن ته ضرورت وارو سامان رات جو پيڪ ڪري ڇڏيو هو، اهڙيءَ ريت ڪورنگي 05، شاهه فيصل پل ۽ ڪالوني، ايئرپورٽ، ملير ڇانوڻي وارو رستو ڏئي سپر هاءِ وي تي چڙهياسين، ٽول پلازه ۽ بحريا ٽائون ڪراس ڪريPSO پمپ تان 1000 جو پئٽرول وجهرائي هلڪي هلڪي رفتار سان هلندا، ساهيون کڻندا وڃي نوري آباد ۾ نوري ريسٽورينٽ تي چانهه خاطر بيٺاسين ڇو ته عيد جي ڏهاڙن سبب ڪٿي به ڪو هوٽل کليل نظر ڪين آيو، جڏهن ته سپر هاءِ وي تي ٽرئفڪ به نالي ماتر هئي البته موسم بهترين ۽ نظر نهار تائين ساوڪ ئي ساوڪ هئي سچ ته ڌرتي ڄڻ ته سائو پهراڻ پهريو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته سپر هاءِ تي سرڪار ڪيترو ته خرچ ڪيو آهي، پر جي ٿورو اضافي خرچ ڪري روڊ جي وچ تي گلڪاري جو منصوبو جوڙي ها ته هوند روڊ کي سچ ته چوڏنهن چنڊ لڳي وڃن ها، نوري آباد ۾ چانهه بسڪوٽ نوش فرمائي، وري سفر بخير اڳتي وڌي ٿاڻي بولا خان )ٿاڻو بولا خان بهترين شهر آهي، هتان ئي رستو کيرٿر نيشنل پارڪ طرف وڌي ٿو، ٿاڻي بولا خان سان هڪ ٻيو شهر ٿاڻو احمد خان به پيارو شهر آهي، بولا خان واري چاڙهي جنهن کي چوهڙ وارو لڪ به چوندا آهن ڏاڍي اڻانگي، پر جبلن سبب من موهيندڙ آهي( واري اوور هيڊ برج وٽ ساهي پٽي سگريٽ پي گاڏي ٿڌي ڪري وري سفر روان رکيو آهي، جنهن بعد بنا ڪنهن ساهيءَ جي ٽول پلازه لنگهي سڌو اچي سنڌالاجيءَ جي ٻاهران بريڪ ڏئي اتان ئي سنڌالاجيءَ جو بيروني نظارو ڪيو، جتي عيد جي موقعي تي اجرڪن ۽ ٽوپين وارا سنڌي جوان ۽ سنڌي لباس پهريل سنڌياڻيون عيد جي موڪلن سبب سنڌ جي تاريخ ڏسڻ آيا هئا ۽ ڪيترائي ريڙهين وارا پڻ ٻچڙن خاطر روزگار ڪري رهيا هئا، ٿوري جهٽ ترسي اڳتي هلي ڄامشورو ڦاٽڪ ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال کان اڳتي ساڄي هٿ تي عابد علي پنهيار جي گهر منجهند ڌاري پهچي سفر جو ٿڪ ڀڳو ۽ ماني پڻ کاڌي.
عيد جا ڏهاڙا هئا، موڪلون هيون، ڄامشورو هو، سو اسان کي به المنظر ۽ سنڌوءَ جي پاڪ پويتر آب حيات جي سڪ ۽ ڇڪ لڳي، تنهنڪري شام ڌاران نينهن نظارن پسڻ جو پروگرام ڪري عابد وارن سان گڏجي 44 دروازن تي پهتاسين. واهه واهه سُبحان الله سنڌو سدا آباد رهي، هر طرف سنڌي ويس، سنڌي گفتار، درياهه ۾ هلندڙ ٻيڙيون، المنظر تي هجوم، درياهه ڪناري عوام، پل تي ٽرئفڪ جام، سج لهڻ جو منظر، بلبن جي روشني ماشاءَالله، ايئن پنهنجي پنهنجي پسند مطابق کائي پي يادگاري تصويرون ڪئميرا ۾ قيد ڪري وري اچي گهر ڀيڙا ٿياسين، جتي رات جي ماني کائي ڪچهريون ڪري صبح جو سوير اٿڻ ۽ سفر کي اڳتي وڌائڻ خاطر آرام ڪيوسين.
پرهه ڦٽي پرڀات، ساجن گهڻو ساريان نئين ڏينهن جي شروعات مسجد جي لائوڊ اسپيڪرن منجهان ايندڙ الله اڪبر سان ٿي ته اسان به ڌڻي ٻاجهاري کي ياد ڪري ميزبانن کان دعا وٺي مرڪي موڪلائي انڊس هاءِ وي تان پئٽرول پمپ تان 1500 جو تيل ڀرائي ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو، پيٽارو ٽول پلازا، داد شهيد اسٽاپ، علي آباد، لاکڙا پاور هائوس، لاکاٽ، کاڻوٽ، ٽوڙهي ڦاٽڪ )هتي ڪنهن وقت ۾ ڪافي ڪونڌر شهيد ٿيا هئا( کان بعد سچ جي ليکاري ناز سنائي جي شهر مانجهند جي اسٽاپ تي بريڪ ڏئي چانهه ۽ بسڪوٽن جو ناشتو ڪري وري وڃي سائين جي.ايم سيد جي سن ۾ بيٺا آهيون )هتان اولھ طرف تي 35 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ايشيا جو وڏو قلعو رني ڪوٽ واقع آهي جتي هيل تائين نه وڃي سگهيو آهيان. باقي جي ساهه سلامت رهيا ته انشاءَ الله ضرور وڃبو، ڏسبو ۽ گهمبو(، سن کان اڳتي هلندي آمري فلاءِ اوور )هتي مهانگي هوٽل طور مشهور سپر مدينه هوٽل آهي(، آمري شهر )تاريخ لکي ٿي آمري موئن جي دڙي وانگر قديم شهر آهي(، لڪي شاهه صدر )هتي اولاهين جبلن جي قطار ۾ لڪين جو چشمو آهي، جيڪو خارش جي بيماري لاءِ مفيد ۽ شفاءَبخش آهي، هتي ئي لڪي شاهه صدر جو چلا گاهه ۽ هندن جو مندر به آهي(، اڳتي وڌندا ڀڳو ٺوڙهو جبل جتي ريلوي اسٽيشن ۽ قلندري غارالمعروف قدرتي ايئر ڪنڊيشن هوٽل آهي، هن جبل تان ريل جو بند به ٺهيل آهي، جڏهن ته روڊ هيٺ آهي. سلام آهي انگريز سرڪار کي جنهن هن جبل تي ٽريڪ جوڙي ۽ اسٽيشن جو بنياد رکي هتان جي عوام کي بنيادي سهوليتون ڏئي، انسانيت جو ڀرم رکيو، باقي هاڻي ته نه ريلون، نه پٽڙيون، نه اسٽيشنون. اهڙي ريت بنا ڪنهن بريڪ جي سيوهڻ شريف کي باءِ پاس کان ڪراس ڪري وڃي، سيوهڻ ٽول پلازا تي بيٺاسين جتي پاڻي ۽ سگريٽ پي ڪري نمره کي سفر بابت آگاهي ڏني )ڄامشوري کان سيوهڻ تائين ڪٿي وونئڻ ته ڪٿي تر ته ڪٿي ڪمند جو فصل نظر آيو، پر هي علائقو جابلو هجڻ سبب برسات يا وري سولر سسٽم تي ٽيوب ويل هلائي گذارو ڪري ٿو، سو سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هتي آباديءَ خاطر ننڍا ننڍا ڊيم جوڙائي ته جيئن مقامي رهواسي فائدو حاصل ڪري سگهن جيئن دُريجي طرف ننڍا ننڍا ڊئم ٺهيل آهن(.
سيوهڻ کان ڳڙهي ياسين اڃان وڏي منزل هئي، اسان جي ڪوشش هئي ته سج لهڻ کان اول اول ڳوٺ پهچون، ٻيو ته ڏينهن به گرم هو، هوا جسم کي ساڙي رهي هئي، هر هر پاڻي جي طلب ٿي رهي هئي، پر پوءِ به همت مردان مدد خدا تحت سفر جاري هو، ڇو ته آزار بندا بيزار خدا وارن کي منزل نه ملندي آهي، اهي سدائين ناڪام رهندا آهن. سيوهڻ کان اڳتي ڀان سعيدآباد کان اڳيان خداآباد تي بيٺاسين جتي چانهه جو آرڊر ڏنوسين )تاريخي ڪتابن مطابق ڪلهوڙن جي حڪومتي دور ۾ هتي سندن تخت گاهه هو، هتي اڄ به ان دور جي ڪاريگرن جي ڪاشيگري جي ڪمال جي گواهي ڏيندڙ مسجد موجود آهي، جيڪا هاڻ آثار قديمه ۽ ثقافت کاتي جي ماتحت آهي، جڏهن ته ڪلهوڙن جون رهائشي جايون کنڊر حالتن ۾ موجود آهن، روايتون آهن ته جڏهن لطيف سرڪار ملتان کان موٽيو ته هتي ڪلهوڙن معجون جي دٻيءَ ۾ کيس زهر ڏنو، جيڪو پاڻ کائڻ بدران درياهه جي مڇين کي ڏنائون جنهن سبب مڇيون مري ويون اهڙو لقاءُ ڏسي ڪري ڪلهوڙن کانئس معافي ورتي ۽ مريد ٿيا، جنهن بعد لطيف کين دعا ڪئي جنهن منجهان ميان غلام شاهه ڪلهوڙو پيدا ٿيو. چون ٿا ته لطيف جو روضو ميان غلام شاهه جوڙايو هو ۽ سنڌ ميان غلام شاهه جي دور ۾ وڏي ترقي ڪئي ۽ اهو دور سونهري دور سڏجي ٿو(. چانهه جو بل ادا ڪري اوسي پاسي وونئڻن، مرچن ۽ ٻين فصلن جو ديدار ڪندي دادو ۾ جوهي موڙ تان سگريٽن، پڪوڙن ۽ سموسن خاطر گاڏي جا گيئر فري ڪيا آهن )دادو وڏو ۽ سٺي آبادي وارو ضلعي جو هيڊڪوارٽر شهر آهي، جوهي موڙ کان اولھ طرف تي جوهي، واهي پانڌي، ڇنڊڻ موري ۽ گورگ هل اسٽيشن 90 ڪلوميٽر جي پنڌ تي آهي، هيءَ ٽڪري جون جولاءِ ۾ ڪوهه مري کان وڌيڪ ٿڌي هوندي آهي ۽ اوچي به آهي، پر افسوس جو سنڌ جي اهڙن ماڳن جي مالڪي ناهي، افسوس لاوارث سنڌ(.
دادو شهر کان ٻاهر نڪري هلندڙ گاڏيءَ تي مون واري گهر واري پڪوڙا ۽ سموسا خود به کائي رهي هئي ته گڏگڏ مونکي به کارائي رهي هئي، اهڙي انداز کي اڪثر گاڏين وارا نوٽ ڪري رهيا هئا، پر عشق جي انداز کي هرڪو نٿو سمجهي سگهي، سو به زال مڙس جو عشق جيڪي سفر جا همسفر هجن، الله پاڪ جوڙيون سلامت رکي، دادو کان اڳتي ننڍن ڳوٺن ۽ شهرن کان لنگهندي، انهن جي مشهوريءَ بابت به سوچيندو ٿي ويس، ها هي ڪڪڙ شهر آهي )نصابي ڪتابن ۾ محسن ڪڪڙائيءَ جي شاعري پڙهندا هئاسين، هن شهر ۾ بُھ جا وڏا کرا ٺاهي مٽيءَ سان ليپو ڏئي انهيءَ کي محفوظ ڪيو ويندو آهي(. هي مخدوم بلاول جو شهر آهي )هتي شهيد مخدوم بلاول جو نهايت ئي عاليشان مزار آهي، تاريخ لکي ٿي ته کيس ٺٽي ۾ مغلن جي دور حڪومت ۾ ڪنهن بي بنياد الزام تحت گهاڻي ۾ پيڙهيو ويو هو.(
مڙهه ته ملي ويو بلاول جو ننگر ٺٽي مان
پيڙهيو ويو جنهن ۾ گهاڻو ٿو ڳولهيان
مهر فقير
ان طرح خانپور، خيرپور ناٿن شاهه )هي شهر اصل ۾ شاعرن جو شهر آهي جهڙوڪ وفا ناٿن شاهي ۽ آثم ناٿن شاهي، گهڻا سال اڳ ڪراچي ۾ آثم ناٿن شاهي سان ملاقات جو شرف نصيب ٿيو هيم(, دبئي هوٽل )هتي اڪثر چانهه جا هوٽل آهن، پر نالو خبر ناهي ڇو دبئي رکيو اٿنس ڇا منڇر، ڪينجهر، ڪارونجهر وغيره نالا نه ٿي رکي سگهيا، ڪڏهن سڌرندي سنڌي قوم(, ميهڙ )هي شهر مائي، ميندي ۽ پکين جي مناسبت سان مشهور آهي، هتي پرديسي پکين جو شڪار ڪري ڪاروبار ڪيو ويندو آهي، ڇو ته اسان منجهان مهمان نوازي ختم ٿيندي پئي وڃي، هن شهر جي خاص سڃاڻپ عاشق رسول ۽ مولود شريف جو سرتاج شاعر حاجي غلام نبي مهيسر به آهي(، اتان اڳتي هلي دادو ۽ قمبر شهدادڪوٽ وارو بارڊر ڪراس ڪري نصيرآباد منجهان 1000 جي خوراڪ بائيڪ کي ڏئي وڳڻن )هتان هڪ رستو قمبر شهدادڪوٽ ٻيو رستو وارهه ٽيون رستو دادو، سيوهڻ، حيدرآباد ۽ ڪراچي جڏهن ته چوٿون رستو لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور طرف وڃي ٿو( کان وڌي پکي ۾ بريڪ ڏنم )هي شهر چانهه جي سبب وڏو مشهور آهي، اسان اڪثر ڪري ايندي ويندي، هتان جي چانهه ضرور پيئندا آهيون، هوٽل تي ملندڙ ترن وارا لذيذ ڪيڪ رتيديري کان ايندا آهن(.
پکي ۾ ڦڪي مٺي چانهن جون چسڪيون ڀري رهيا هئاسين ته ان ويل موبائل جي رنگ ٽون وڳي ته پپا موبائل کڻ )اها ٽون گهڻا سال اڳي نمره جي آواز ۾ رڪارڊ ڪئي هيم( ڪال رسيو ڪيم ته چيائون ڪٿي پهتا آهيو، وڌيڪ چيو ويو ته خيال سان اچجو ڇو ته کيرٿر واري پل تي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪيو ويو آهي، بعد ۾ ڄاڻ وٺندي پتو پيم ته عيد کان اڳ مسلسل برسات ۽ تيز هوائن سبب ڳڙهي ياسين کان لنگهندڙ 11000 وولٽيج وارا ٿنڀا پاڙ کان اکڙي ڪري پيا هئا، جنهن ڪري رتوديرو، ڊکڻ ۽ ٻيا ڪيئي ڳوٺ ۽ شهر اونداهي غار ۾ هليا ويا هئا، اها به معلومات ملي ته بجلي جي رسد بند ٿيڻ سبب قربانيءَ واري عيد تي اڪثريت قرباني به نه ڪئي هئي ڇو ته فرجن ۽ فريزرن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، افسوس آهي اهڙن ذهنن جي زنگيل سوچن تي.
پکي کي الوداع ڪري تندور جي باهه جهڙي گرم هوا ۾ لڱ ساڙيندا لاڙڪاڻي )لاڙڪاڻو جنهن جو اڳوڻو نالو چانڊڪا آهي، هي شهر سياسي حوالي سان ڏيهان ڏيھ مشهور آهي، جهڙوڪ سر شاهنواز، ذوالفقار علي ۽ محترمه بينظير ڀٽو وغيره. هي شهر خاص ڪري مٺن زيتونن جي حوالي سان به وڏي شهرت رکندڙ آهي. دنيا ۾ قديم تهذيب ۽ ثقافت جو اهڃاڻ رکندڙ موهن جو دڙو به لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آهي(، اسان جي بائيڪ پنهنجي عام رفتار سان پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان آهي. ڌامراهه شهر کان پوءِ بنگل ديري جي ڀرسان هڪ وهندڙ واهيءَ وٽ بريڪ ڏئي اتان ڇُڙيو پاڻي پي ڪپڙن سميت تڙ پڻ ڪيو آهي، اڳتي هلي رتوديرو ٽولا پلازا کان وڌي گوادر طرف ويندڙ روڊ تي پري کان نظر ايندڙ ڳاڙهن جهنڊن هيٺان هن شهر جي وڏي سان مشهور بشير خان قريشي جي مزار آهي، جو درشن ڪري ۽ دعا گهري رتي کان شڪارپور تائين نئين سر ٺهندڙ ڊبل روڊ تي هلندا ڳڙهي صاحب خان ۽ لونگاڻي شريف )هي ڳوٺ هر دل عزيز ۽ ڪيترن ئي حوالن سان سڃاتو ويندڙ سائين مشتاق بخاري ۽ مهدي شاهه جو ڳوٺ آهي(، ايئن ڊکڻ، علي خان واصل، ابن اوڍو، سون واهه، مهر منگي کان وڃي ڳڙهي ياسين جي اترئين هنج ۾ ابي ڏاڏي ۽ پنهنجي جنم ڀومي ڳوٺ کاهيءَ منجھ 04:30 تي پهچي ٿڪ ڀڳوسين ۽ نمره جيڪا ان ويل ماساتن جي ڳوٺ ٻانڀيهڙ ۾ هئي کي ڳوٺ پهچڻ جو اطلاع ڏنوسين، سيوهڻ شريف کان ڳڙهي ياسين تائين ڪٿي رونبا پئي ٿيا ته ڪٿي ريج پئي ٿيا ته وري ڪٿ ٻج پوکڻ خاطر هاري ٻاريون ٺاهي رهيا هئا، اهو سڄو علائقو ساريالو آهي، پر پاڻي ڪٿي سوير ته ڪٿي دير سان ٿو پهچي ٻيو ته اڪثر ڪري ڏاڍي جي لٺ کي ڏهه مٿا تحت پاڻي پوڇڙ وارن کي بعد ۾ ڏنو ويندو آهي، جيڪو سراسر ظلم آهي ۽ هتي جيڪو ظلم خلاف ۽ حق خاطر آواز بلند ڪندو آهي، انهيءَ کي هميشه لاءِ خاموش ڪيو ويندو آهي.
موڪلن سان گڏوگڏ عيد سا به قربانيءَ واري، سچ ته ڪڏهن ٻاڪرو، ڪڏهن ڳائو ته وري ڪڏهن ماهيو گوشت پئي نصيب ٿيو، ڇو ته بجلي نه هئڻ جو ماڻهن متبادل ڳولهيو هو، سو گوشت کي فرجن بجاءِ برف ۾ اهڙيءَ ريت رکيو هئائون جو ڀل مهينو پيو هجي، پر مجال آهي جو خراب ٿي. واهه واهه واقعي ئي انسان جو دماغ تيز آهي. ڳوٺ ۾ موڪلن جو به پنهنجو لطف آهي، هر طرف ساوڪ، ننڍپڻ جون يادون، رت جا ويجها رشتا، پرائمري، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جا ڪلاس فيلوز، تازا خالص ماهيا کير، مکڻ، ڏڌ، چانورن جا چلا، تازو ۽ پاروٿو ساڳ، ٻنيون ٻارا مطلب ته ساهه کي سڪون ئي سڪون، پر افسوس جو ڪافي عرصي کان قبيلائي جهيڙن ۽ ڦرلٽ شهرن ۽ ڳوٺن جو امن ۽ سڪون ايئن تباهه ڪري ڇڏيو آهي ڄڻ ته زنده ماڻهن جو ڪو دڙو هجي، جيڪي وس هوندي به بيوس هجن ۽ امن بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿيل هجن. منهنجي موڪل 07.07.2023 تائين هئي، پر پوءِ به 09.07.2023 تائين اتي رهي پيس ۽ نمره سان گڏجي ڪڏهن شڪارپور ڪندن هوٽل تي ته ڪڏهن ڳڙهي ياسين جا چڪر ٿي ڏنم، نمره ۽ منهنجي گهر واريءَ کي ڪراچي واپس وڃڻو هو، ڇو ته نمره جو اسڪول کلي چڪو هو، سو اتفاق اهڙو ٿيو جو منهنجي گهر واريءَ کي سندس ڀاءُ جي ڪار ۽ نمره کي ماساتن جي ڪار ملي وئي، سو آچر 09.07.2023 تي شام ڌاري منهنجي گهر واري ۽ سومر 10.07.2023 تي صبح جو نمره ڪراچي رواني ٿي وئي ۽ مان مٽن مائٽن هوندي به خود کي اڪيلو ۽ اداس محسوس ڪري رهيو هئس.
منهنجي ڪمپنيRRF/SPG 09( آپريشن فورس( ڪراچي سنڌ کان 26.07.2023 سومر تي رواني ٿي ۽ رونتي گهوٽڪي سنڌ جي ڪچي ۾ 27.06.2023 اڱاري تي پهتي، جتي ئي جوانن 29.06.2023 بمطابق 10.12.1444 خميس جي ڏينهن عيدالاضحيٰ جي عيد به ادا ڪئي، جڏهن ته مون وري عيد، موڪل هجڻ جي ڪري ڪراچيءَ ۾ ملهائي ڇو ته ڪچي ۾ نه وڃڻ جي ڪري شيڊيول ليٽ ڪرايو هيم، پر پوءِ به حڪم مليو ته موڪل پوري ٿيڻ بعد ڪچي ۾ رپورٽ ڪريان، ان ڪري ئي عيد بعد گهرواريءَ سان گڏ ٽيون دفعو بائيڪ تي باءِ روڊ ڳوٺ کاهي ڳڙهي ياسين آيس، جتي 07.07.2023 جمعي تي موڪل پوري ٿي جڏهن ته مان نوڪريءَ تي 10.07.2023 سومر تي پهتو هئس ۽ منهنجي فيملي ڳوٺ کان ڪراچي رواني ٿي وئي.
سومر 10.07.2023 تي صبح جو آزاد حسين سومري ۽ ارشد علي ڀٽو سان رابطو ڪيم، ارشد ڀٽو علي خان واصل کان اچي ڳڙهي ياسين ۾ مليو جڏهن ته آزاد حسين سومرو سکر نيو اسٽينڊ تي مليو، جتان ٽئي گڏجي وڃي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پهتاسين، جتان وري ڪشمور ويندڙ ويگن ۾ سوار ٿياسين، اهي ويگنون روهڙي ٽول پلازا کان سي پيڪ واري رستي سان ڪشمور وينديون آهن، جن جو ڪرايو 400 روپيا آهي.
هن کان اڳ ڳڙهي ياسين کان گهوٽڪي ٻه ڀيرا ويو هئس، هڪ ڀيرو تڏهن جڏهن وقاد علي مهر سان بائيڪ تي پراڻي ڊبل روڊ سان ڳوٺ مور دايو شهزادو دايو جي ٻارن سان عذرخواهي ڪرڻ ويو هئس، شهزادو اسان سان گڏ نوڪري ڪندو هو، سو دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو هو ۽ ٻيو ڀيرو ڪرونا وارن ڏينهن ۾ گهرواريءَ سان ساڳي ئي ڳوٺ ويو هئس ڇو ته شهزادو دايو سان فيملي تعلقات هئا، سو به ساڳي روڊ سان بائيڪ تي وڃڻ ٿيو هو، پر هن ڀيري جو سفر سي پيڪ سان ۽ ويگن ۾ هو، سچ ته نه پنوعاقل نظر آيو، نه وري گهوٽڪي ها، پر حدون گهوٽڪيءَ جون هيون، سو سي پيڪ سان ٻنهي طرفن جي آبادي ماشاءَ الله بهترين هئي، هر طرف ساوڪ، انبن جا وڻ، سارين جو رونبو، کجين ۾ ڏوڪا، ڪيلن ۾ ڪيلن جا ڇڳا، پپيتن ۾ پپيتا، وونئڻن جي ساوڪ ۽ هوا تي لوڏ، ننڍا ننڍا ڳوٺ، گاڏي پنهنجي رفتار سان روان دوان هئي، سو خبر ئي نه پئي جڏهن ارشد چيو ته صاحب اٿو اسٽاپ اچي ويو آهي، ان اسٽاپ جو نالو 491 آهي، جيڪو گرگيج ڳوٺ وٽ آهي، جتي چانهه جو هوٽل آهي.
ٻٻرلوءِ وٽان ارشد بائيڪ واري جبار سيلرو کي ڪال ڪري ڇڏي هئي، جيڪو اڳ ئي اتي ان هوٽل تي موجود هو، سو اتان چانهه پي چارئي ڄڻا مطلب مان، آزاد، ارشد ۽ جبار هڪ ئي بائيڪ تي رونتي جي ڪچي ۾ ڪچن رستن تي هلندا وڃي، پنهنجي ڪمپنيءَ سان ڀيا فور تي ملياسين.
اميد ته اوهان پڙهندڙ دوستن کي هي سفر پسند آيو هوندو. وڌيڪ لاءِ اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو ۽ وري ملبو ڪنهن نئين سفر تي.
***