گِدو بَندر
سنڌ جو ڪراچي کانپوءِ ٻيو نمبر وڏو شهر حيدرآباد جنهن کي تاريخي نالي ”نيرون ڪوٽ“ سان ياد ڪيو ويندو آهي. تازي ۽ فرحت بخش هوا ماڻڻ لاءِ ”منگهن وارو شهر“ به ڪوٺيو ويندو آهي. ”منگهه“ جيڪي هن شهر جي سڃاڻپ جو اهڃاڻ آهن. روايتن پٽاندڙ هن شهر جي آباد ٿيڻ جو سلسلو ”نيرون جي قلعي“ جي بنياد پوڻ سان ٿيو. لڳ ڀڳ ڇهين صدي دوران هي قلعو راءِ گهراڻي جي گورنر جي هٿ هيٺ هو. سن 712ع ۾ محمد بن قاسم ديبل بندر فتح ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي لشڪر سميت هتي پهتو ۽ پنهنجا خيما جنهن هنڌ تي کوڙيائين ان کي ”ولهار“ چوندا هئا، جنهن جي معنيٰ آهي ”مينهن وسڻ واري سرسبز جڳهه“ اهو علائقو ٽڪري هيٺ اولهه کانسواءِ ڏکڻ طرف ٽنڊو جهانيان کان گدو بندر ۽ ٽنڊو مير غلام حسين تائين پکڙيل هو. عربن جي فتح کانپوءِ هي شهر اجڙي ويو هو. ارڙهين صديءَ ۾ جڏهن مغلن جو دور ختم ٿيو ته سنڌ ۾ ڪلهوڙن پنهنجي آزاد حڪومت قائم ڪئي. سنڌو درياهه جي مسلسل ٻوڏن سبب سندن گاديءَ جو هنڌ خدا آباد رهڻ لائق نه رهيو هو، انهيءَ ڪري ان وقت جي حاڪم غلام شاهه ڪلهوڙي جي ذهن ۾ نيرون ڪوٽ جي پراڻي ويران سرزمين تي گاديءَ جو هنڌ قائم ڪرڻ جو خيال آيو. جيڪو سنڌو درياهه جي پهچ کان گهڻو مٿي ۽ ٽڪريءَ تي واقع هو. غلام شاهه پنهنجي خزاني جي وزير ۽ وڪيل ديوان ديوارام گدو مل کي ٻه ٻيڙيون ناڻي جون ڀرائي نيرون ڪوٽ جي پراڻي ويران ۽ ڦٽل قلعي جي مرمت ڪرائڻ ۽ رهڻ لائق بنائڻ لاءِ موڪليو. جنهن اهو قلعو 70-1768ع دوران ٻن سالن جي عرصي ۾ تيار ڪرايو. غلام شاهه ڪلهوڙي کي حضرت علي ڪرم الله وجه سان عقيدت هئي، تنهنڪري هن شهر جو نالو سندس لقب مبارڪ ”حيدر“ جي حوالي سان ”حيدرآباد“ رکيو. اهڙي طرح موجوده شهر حيدرآباد وجود ۾ آيو. هن قلعي جي پيڙهه جي پٿر تي 1182 هجريءَ جي تاريخ سان گڏ قرآن شريف جي هڪ آيت اُڪريل آهي، جنهن جو ترجمو آهي ”اي الله، هن شهر کي اَمن اَمان ۾ رکجان“! اهڙي طرح هي شهر سنڌ لاءِ ڪلهوڙن طرفان تحفو هو. جڏهن ڪلهوڙا حڪمران خدا آباد کي ڇڏي حيدرآباد کي گاديءَ جو هنڌ بنايو ته انهن پنهنجي وزير خزانه ديوان ديوارام گدومل کي سنڌو درياهه جي اُڀرندي ڪپ تي بندرگاهه جي ويجهو خاصي زمين جيڪا هاڻوڪي گدو شهر کان آٽوڀان جي شروعاتي ڇيڙي تائين ملڪيت جاگير ۾ ڏني، ديوان گدو مل پنهنجي ڪٽنب سميت بندر ويجهو وَستي آباد ڪئي، جيڪا گدو جو ٽنڊو ۽ پوءِ گدو شهر جي نالي قائم ٿيو. مرزا قليچ بيگ، ديوان گدو مل جي باري ۾ لکي ٿو ته هو ٻيلي مل جو پٽ هو. سندس ڏاڏو اُڏيو مل شاهواڻي هو، جو اصل سيتاپور يا حاجي پور جو رهاڪو هو. هو جڏهن سنڌ ۾ آيو ته سکر ۾ ميان آدم شاهه ڪلهوڙي وٽ نوڪر ٿيو، پوءِ لڏي شڪارپور ويو ۽ اتي هڪ وڏي شاهوڪار جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان ٻه پٽ ڄاوس، جنهن کي گهڻو اولاد ٿيو، جن کي گدواڻي آڪهه جي نالي پويان سڏجي ٿو. گدو مل ڪلهوڙن وٽ ديوان ٿي رهيو ۽ پاڻ کي وڏو ڏاهو ۽ صلاحڪار ثابت ڪيائين. جڏهن ڪلهوڙن کانپوءِ ٽالپر حڪمران ٿيا ته انهن وٽ به ساڳي عزت پاتائين. هنن جي پاران دهليءَ جي شهنشاهه وٽ وڪيل ٿي ويندو هو. سندس ڏاهپ ۽ تدبر جا قصا تاريخن ۾ بيان ٿيل آهن. مير غلام عليءَ کي منجهس دغا جو شڪ پيو ته سندس اشاري تي ڪن ماڻهن گهر وڃي کيس لٺين سان ماري ڇڏيو. ”گدوءَ جو ٽنڊو“ جيڪو پوءِ گدو بندر ۽ حيدرآباد جي گدواڻي گهٽي جيڪا حيدرآباد جي ”شاهي بازار“ جي شروعاتي حصي ۾ سندس آڪهه کي رهائش لاءِ ڏني وئي هئي، سندس نالي پٺيان سڏجن ٿا. ورهاڱي کان اڳ، حيدرآباد جو مشهور ڪانگريسي اڳواڻ ڊاڪٽر چوئٿرام پرتاب راءِ، گدو مل جي پونيئرن مان هو، جيڪو پوءِ هندوستان لڏي ويو، جتي ديهانت ٿيس.
سنڌ جي خوشحاليءَ ۾ سنڌ جي بندرگاهن جو وڏو حصو رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن بندرگاهن جي وسيلي قديم زماني کان وٺي سنڌ جا ماڻهو سڄي دنيا سان وڻج واپار ڪندا پئي آيا آهن. اڄ کان لڳ ڀڳ اڍائي هزار سال ڀنڀور ويجهو اڏيل بندر هند ۽ سنڌ جو عظيم ترين بندرگاهه ليکيو ويندو هو. اهڙي ريت علي بندر، ڪيٽي بندر، ديبل بندر سميت ۽ ٻيا ننڍا بندر سنڌ جي معيشت جي شهه رڳ شمار ٿين ٿا، نه رڳو سمنڊ پر هاڪڙي ۽ سنڌو دريا تي پڻ بندرگاهه اڏيل هئا ۽ ان دور ۾ سنڌ جي ٻنهي دريائن تي نه بيراج هئا ۽ نه پلين جو تصور. دريائي جهاز هوا جي زور تي آسانيءَ سان سفر ڪري سگهندا هئا ۽ انهن دريائن جي ٻيڙن ذريعي نه صرف وڻج واپار، پر سفر به ڪري سگهندا هئا. ڪنهن ڏاهي ڇا خوب چيو هو ته: سنڌ جا ماڻهو پاڻيءَ جا بادشاهه آهن، پر هاڻي ائين هر گز نه آهي. اسان جيڪڏهن تاريخ تي نظر وجهنداسين ته سنڌو درياهه جي اڀرندي ڪپ تي ٻڌل هاڻوڪو شهر ورهاڱي کانپوءِ حسين آباد جي نالي سان ڪوٺيو وڃي ٿو، ڪنهن زماني ۾ بندرگاهه هئڻ سبب ”گدو بندر“ جي نالي سان مشهور هو. زماني جي بدلجندڙ حالتن باوجود اڄ به ڪيترائي ماڻهو هن علائقي کي ”گدو“ جي نالي سان سڏيندا آهن. هاڻي سَر ڪائوسجي جهانگير انسٽيٽيوٽ آف سائيڪيٽري واري حصي کي گدو باقي شهري آبادي کي حسين آباد چوندا آهن. گدو بندر ڪنهن زماني ۾ سامان توڙي ماڻهن لاءِ عربي سمنڊ ۽ پنجاب جي آمدرفت جو مرڪز هو. تنهنڪري بندر تي ٻيڙين ۽ جهازن جا ميڙ ڏسڻ ۾ ايندا هئا. 1878ع ۾ ڪوٽڙي پل ٺهڻ ۽ ريل گاڏين جي چالو ٿيڻ کانپوءِ بندر ختم ٿي ويو ۽ انگريزن جي دور ۾ 1920ع ۾ ان جاءِ تي ان وقت جي مشهور سماجي اڳواڻ سيٺ ڏيئل داس مولچند جي ڪاوشن سان پارڪ ٺهرائي ماڻهن لاءِ تفريح گاهه تيار ڪرايو ويو. (حيدرآباد شهر ۾ ڏيئل داس ڪلب جو بنياد به سيٺ ڏيئل داس 1860ع ۾ رکيو هو). 2005ع ۾ حيدرآباد ترقياتي پيڪيج تحت هن پارڪ کي لبِ مهراڻ پارڪ جي نالي سان نئين سِر بهتر بنائي ماڻهن جي تفريح جو ذريعو بنايو ويو، پر بدقسمتي سان 2010ع جي ٻوڏ ۽ سنڌو درياهه جي اڇل سبب لبِ مهراڻ پارڪ اجڙي ويو ۽ ماڻهن جي پارڪ ۾ دلچسپي گهٽجي وئي. 2021ع ۾ سنڌ رينجرس، حيدرآباد ترقياتي اداري ۽ ضلعي انتظاميه جي گڏيل سهڪار سان هن باغ کي خوبصورت بنايو ويو آهي. ”لبِ مهراڻ“ جي مکيه دروازي تي سنگِ مر مر جو ٺهيل تعارفي پسمنظر جو ڪتبو لڳايو ويو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان گدو پارڪ جي اهميت جو اندازو ٿئي ٿو. جڳ مشهور ليکڪ رابندر ناٿ ٽئگور جڏهن 1923ع ۾ حيدرآباد آيو هو ته ان پارڪ ۾ سج اڀرڻ جي منظر کي ڏسڻ لاءِ پوئين رات ڪري وڃي انهيءَ پارڪ ۾ ويٺو. سج اڀرڻ جو منظر ڏسي دانهن نڪري ويس. چيائين: ساري دنيا ڏٺي اٿم، پر سج اڀرڻ جو ههڙو نظارو ٻيو ڪٿي نظر ڪونه آيو اٿم.
گدو/حسين آباد کان ڪوٽڙي شهر ڏانهن وڃڻ لاءِ سنڌو دريا تي ٻڌل پل پار ڪرڻي پوي ٿي. 1854ع تائين ڪوٽڙي ۽ گدو جي وچ ۾ دريا پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙي جو انتظام هوندو هو، پر پوءِ آگبوٽ به هلڻ لڳا. ڪوٽڙي لاءِ وڏڙا ۽ جهونڙا چوندا هئا ته اڳي ماڻهو سيڙجي ڪوٽڙيءَ جو بندر گهمڻ ويندا هئا. سنڌو دريا جي هڪ طرف گدو بندر هو ته ٻئي طرف ڪوٽڙي بندر، ايتري قدر جو حيدرآباد کان گدو ويندي، گدو روڊ جي ٻنهي پاسن کان ماڻهن جي ويهڻ لاءِ سيمنٽ جون بينچون ۽ پاڻي پيئڻ لاءِ هوديون ٺهيل هونديون هيون. گدو بندر وٽ جتي ٻيڙيون اچي پتڻ ڪنديون هيون، اتي ماڻهن جي وسرام لاءِ جايون جڙيل هيون. چڱو چهچٽو لڳو پيو هوندو هو. اهڙي طرح ڪوٽڙي واري پاسي ماڻهن جي ڀيڙ لڳي پئي هوندي هئي. سامان پيو ڍوئبو هو ۽ گاڏيون پيون ڀربيون هيون. ڀرتو گاڏيون چيڪٽ ڪنديون پيون هلنديون هيون ۽ اهو نه کٽڻ وارو سلسلو ڏينهن رات پيو ڏسبو هو. بزرگن جي روايت موجب سنڌ تي ڪاهه ڪندڙ چارلس نيپئر پنهنجي سرڪاري آگبوٽ ۾ چڙهي گدو بندر جو سير ڪندو هو. ان آگبوٽ کي گدو پارڪ ويجهو دريا جي ڪناري سان زنجيرن سان وڻن جي ٿڙن ۾ مضبوطي سان ٻڌي پارڪ ۾ گهمندڙن جي تفريح لاءِ بيهاريو ويو هو. 1986ع ڌاري ان وقت جي بالا آفيسرن سيڪريٽري ثقافت عبدالحميد آخوند، ڊويزنل ڪمشنر علي محمد شيخ، سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، ايڇ ڊي اي جي ڊائريڪٽر جنرل تسنيم صديقي ۽ سول سوسائٽي جي دوستن انهيءَ آگبوٽ کي تاريخي ورثي طور حفاظت مهيا ڪرڻ لاءِ هڪ ويهڪ ڪئي، پر ڪن اڻٽر سببن سبب عملي طرح ائين نه ٿي سگهيو ۽ نتيجي ۾ ان تاريخي آگبوٽ جو ناياب سمورو سامان چوري ٿي ويو ۽ آگبوٽ جو ڪوبه آثار باقي نه رهيو آهي.
گدو لڳ ڪوٽڙي پل 25 مئي 1900ع تي آمدرفت لاءِ کولي وئي. دنيا جي جاگرافيائي حالتن بدلجڻ کانپوءِ گدوءَ جو هاڻي اهو ساڳيو وايو منڊل نه رهيو آهي، پر تڏهن به حيدرآباد جا رهواسي لبِ مهراڻ پارڪ گهمڻ اچن ٿا. پلو کائڻ وارا شوقين ڀرپاسي قائم هوٽلن ۾ تريل پلو کائڻ جو سواد حاصل ڪن ٿا.
***