بلاگنئون

سانگهڙ ۾ ڊينگي جو وڌندڙ خطرو ۽ خاموش انتظاميا

سانگهڙ، جيڪو سنڌ جي اهم ۽ پراڻن شهرن مان هڪ آهي، اڄڪلهه هڪ اهڙي وبائي خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيڪو نه رڳو صحت لاءِ، پر انتظامي ڪارڪردگيءَ لاءِ به هڪ وڏو امتحان بڻجي ويو آهي. ڊينگي وائرس، جيڪو هڪ مخصوص مڇر جي ذريعي پکڙجي ٿو، سانگهڙ شهر ۾ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، جتي گذريل ڪجهه هفتن دوران ڪيترائي نوان ڪيس سامهون آيا آهن. هيءَ صورتحال نه صرف صحت کاتي جي ڪارڪردگيءَ تي سوال اٿاري ٿي، پر شهر جي صفائي، پاڻيءَ جي نيڪال ۽ فيومگيشن نظام جي ڪمزوريءَ کي پڻ بي نقاب ڪري ٿي. سانگهڙ شهر جي آبادي لڳ ڀڳ ٻه لک ماڻهن تي ٻڌل آهي، جيڪا ميونسپل ڪارپوريشن جي انتظام هيٺ اچي ٿي. هر سال ميونسپل ادارو ڪروڙين رپين جو بجيٽ ٺاهي ٿو، جنهن مان وڏي رقم صفائي، سٿرائي، نيڪال ۽ عوامي سهولتن لاءِ مختص ڪئي ويندي آهي، پر افسوس جو هن جديد دور ۾ به شهر جا رهواسي صفائي جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهن. گٽرن جو پاڻي گهڻن علائقن ۾ روڊن تي بيٺل رهندو آهي، جنهن سبب نه صرف بدبوءِ ۽ تڪليف پيدا ٿئي ٿي، پر اهو ماحول ڊينگي جهڙن وائرسن جي پيداوار لاءِ پڻ سازگار بڻجي ٿو. ميونسپل نظام جي ڪمزوري، صفائي عملي جي کوٽ ۽ عوامي بي پرواهي گڏجي هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪيو آهي، جتي ڊينگي جهڙيون بيماريون آسانيءَ سان پکڙجن ٿيون. ڊينگي وائرس عام طور تي برساتي موسم کانپوءِ تيزيءَ سان وڌندو آهي، پر سانگهڙ ۾ صفائي جي غير تسلي بخش صورتحال سبب اهو خطرو هر موسم ۾ موجود رهندو صحت کاتي جي ذريعن موجب، صرف گذريل هفتي ۾ سانگهڙ شهر ۾ ڊينگي جا گهٽ ۾ گهٽ 16 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. شهر جي مختلف علائقن ۾، خاص طور تي ميونسپل حدن اندر، ڊينگي جي شڪايتن ۾ نمايان واڌ ڏٺي پئي وڃي. اسپتالن ۾ داخل ٿيل مريضن مان گهڻا نوجوان ۽ مزدور طبقي سان واسطو رکن ٿا، جيڪي روزانو گندگي ۽ بيٺل پاڻيءَ واري علائقي مان گذرن ٿا.

ڊينگي جون شروعاتي علامتون جهڙوڪ: تيز بخار، جسم ۾ سور، اکين پٺيان تڪليف ۽ الٽيءَ جو احساس ماڻهن ۾ عام ڏسي سگهجي ٿو، پر گهڻا ماڻهو ان کي عام بخار سمجهي علاج ۾ دير ڪن ٿا، جنهن سان بيماري وڌيڪ پيچيده ٿي وڃي ٿي. صحت کاتي جي عملدارن موجب، جيڪڏهن وقت سر ٽيسٽ ۽ علاج نه ڪيو وڃي ته ڊينگي جان ليوا شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي. سانگهڙ شهر جا گهڻا علائقا، خاص طور تي ڪچي آبادي وارا علائقا، ڪچري جي ڍيرن ۽ بيٺل پاڻيءَ جي تلائن سان ڀرجي ويا آهن. ميونسپل ڪارپوريشن جي صفائي عملي وٽ نه ته جديد مشينري آهي ۽ نه ئي ڪافي تعداد ۾ عملي جي ڀرتي ڪئي وئي آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ صفائي هفتي ۾ هڪ ڀيرو ٿئي ٿي، جڏهن ته ڪچرو روزانو پيدا ٿئي ٿو. گٽرن جو پاڻي رستن تي وهندو رهي ٿو، جنهن ۾ مڇر آسانيءَ سان پيدا ٿين ٿا. ڪچري جا ڍير ۽ بيٺل پاڻي ڊينگي وائرس جي افزائش لاءِ بهترين ماحول مهيا ڪن ٿا. ڪيترن علائقن ۾، جهڙوڪ: گلشنِ ڪمال، گلشنِ ساوڻ، ڏيپر ڪالوني، سرور ڪالوني ۽ باکوڙو روڊ جي ڀرپاسي، بيٺل پاڻيءَ سبب مڇرن جو راڄ آهي. ميونسپل ڪاميٽي ۽ صحت کاتي جي وچ ۾ هم آهنگيءَ جي کوٽ پڻ صورتحال کي سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. ضلعي انتظاميه جي ذميوارن جي چونڊ مہم يا ٻين انتظامي معاملن ۾ مصروفيت سبب ڊينگي خلاف ڪارروائيون وقت سر نٿيون ٿي سگهن، فيومگيشن مهم ڪيترن مهينن کان بند پئي آهي. جڏهن ته ڊينگي جي روڪٿام لاءِ باقاعده اسپري ڪرڻ ضروري آهي صحت کاتي جي هڪ ذميوار آفيسر جي مطابق، ڊينگي ڪنٽرول لاءِ ضلعي ۾ اسپري مشينون موجود آهن، پر انهن لاءِ تيل ۽ دوائن جي فراهمي وقت سر نه ٿيندي آهي. نتيجي طور ڪيترائي علائقا مڪمل طور تي ڪوريج کان ٻاهر رهجي وڃن ٿا، سانگهڙ جا رهواسي شڪايت ڪن ٿا ته شهر ۾ نه صفائي باقاعدي ٿئي ٿي، نه فيومگيشن. ڪيترن ئي اسڪولن، اسپتالن ۽ بازارن جي ڀرپاسي ۾ به گندگي موجود آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا انتظاميه کي درخواستون ڏنيون ويون آهن، پر عملي سطح تي ڪوبه قدم نه کنيو ويو آهي. بازارن ۾ وڪامندڙ خوراڪ به مڇرن جي اثر هيٺ اچي سگهي ٿي. ڇو ته بيٺل پاڻي ۽ گندگيءَ سبب ماحول غير صحتمند ٿي ويو آهي. ڪيترائي شهري پاڻمرادو فيومگيشن ڪرائڻ تي مجبور آهن، پر غريب طبقي لاءِ اها سهولت ميسر نه آهي. ٻئي طرف صحت کاتي جا ذميوار چون ٿا ته ضلعي اسپتال ۽ بيسڪ هيلٿ يونٽن ۾ ڊينگي ٽيسٽ ۽ علاج جون سهولتون موجود آهن ۽ عملي کي الرٽ ڪيو ويو آهي، پر مريضن جي وڏي انگ سبب صحت مرڪزن تي دٻاءُ وڌي ويو آهي. ڪيترائي مريض علاج لاءِ حيدرآباد يا ڪراچي وڃڻ تي مجبور آهن. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڊينگي کان بچاءُ لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه صفائي آهي. جيڪڏهن شهر ۾ بيٺل پاڻي ۽ ڪچري تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته بيماريءَ تي ضابطو آڻڻ ڏکيو ٿي ويندو. ماهرن موجب، ڊينگي ڪنٽرول لاءِ ضلعي سطح تي هڪ گڏيل حڪمت عملي ضروري آهي. ان ۾ ميونسپل جو  ادارو، صحت کاتو، تعليم کاتو ۽ سماجي تنظيمون گڏجي ڪم ڪن ته بهتر نتيجا حاصل ٿي سگهن ٿا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊينگي وائرس جي روڪٿام لاءِ عوامي آگاهيءَ جو پروگرام سڀ کان اهم آهي. ماڻهن کي ٻڌايو وڃي ته بيٺل پاڻي ختم ڪن، ڪچرو صحيح طريقي سان ڦٽو ڪن ۽ مڇرن کان بچاءُ لاءِ نيٽ، لوشن ۽ اسپري جو استعمال ڪن. تجزيي مطابق اهم سبب ڊينگي جي تيزيءَ سان پکڙجڻ جا مکيه سبب هي آهن. صفائيءَ جو ناقص نظام، فيومگيشن مهم جي بندش، بيٺل پاڻي ۽ گٽرن جو نيڪال نه ٿيڻ عوامي آگاهيءَ جي کوٽ، ميونسپل ۽ صحت کاتي جي وچ ۾ لاڳاپي جي کوٽ انهن سببن جي نتيجي ۾ هر سال ڊينگي جا ڪيس وڌن ٿا ۽ بيماريءَ تي ضابطو آڻڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو.

جيڪڏهن صورتحال اهڙيءَ طرح برقرار رهي ته ايندڙ مهينن ۾ ڊينگي وڌيڪ پکڙجي سگهي ٿي، خاص طور تي سياري کان اڳ جي نمي واري موسم ۾. ڊينگي نه صرف صحت لاءِ، پر معيشت لاءِ به نقصانڪار آهي. ڇو ته مريضن جو علاج مهانگو آهي ۽ مزدور طبقو ڪم ڪرڻ جي قابل نٿو رهي. حڪومت ۽ انتظاميه شهر ۾ فوري فيومگيشن مهم شروع ڪئي وڃي، صفائي عملي جي تعداد ۽ مشينري ۾ واڌ ڪئي وڃي، هر علائقي ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪيو وڃي، صحت کاتي ۽ ميونسپل ڪاميٽي ۾ هم آهنگي پيدا ڪئي وڃي، اسڪولن، ڳوٺن ۽ شھر ۾ ڊينگي بابت آگاهي مهم هلائي وڃي. ڊينگي وائرس صرف هڪ بيماري نه، پر انتظامي ناڪاميءَ جو عڪس آهي. سانگهڙ جهڙي شهر ۾، جتي ميونسپل ڪارپوريشن جي صورت ۾ مڪمل نظام موجود آهي، صفائي ۽ فيومگيشن جهڙين بنيادي سهولتن جي کوٽ ڪنهن به صورت ۾ قابلِ قبول نه آهي.

جيڪڏهن ضلعي انتظاميه، صحت کاتو ۽ ميونسپل ادارو گڏجي حڪمت عملي تي عمل ڪن ته نه رڳو ڊينگي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، پر شهر جي مجموعي صفائي ۽ صحت جي حالتن ۾ به نمايان سڌارو اچي سگهي ٿو. سانگهڙ جي شهرين کي به گهرجي ته هو پنهنجي ذميواري محسوس ڪن، ڪچرو بي ترتيب ڦٽو ڪرڻ بدران مقرر هنڌن تي ڦٽو ڪن ۽ بيٺل پاڻي ختم ڪرڻ ۾ انتظاميه سان سهڪار ڪن. ڊينگي کي روڪڻ لاءِ حڪومت ۽ عوام ٻنهي کي گڏيل قدم کڻڻا پوندا، ٻي صورت ۾ هي خاموش خطرو ايندڙ مهينن ۾ وڏي وبا بڻجي سگهي ٿو.