بلاگنئون

حمودالرحمان ڪميشن ۽ عمران خان جو ٽوئيٽ

ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته سياستدان ڄاڻي ٻجھي نانگن جي ٻِرَنَ ۾ هٿ ٿا وجهن جو ڪڏهن ته پاڻ ۾ به نٿا ٺهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ”ڪوئي يار سي نڪلي تو سوئي دار چلي“ واري ڳالھ ڪري ٿا ويهن، وري ڪڏهن ڪڏهن ٽٽل شيشا هٿ ۾ کڻي هرو ڀرو طاقت جو مظاهرو ڪري ويهندا آهن، ۽ بي سبب ويٺا زور ڏيندا آهن، جنهن جو ڪو کڙتيل ناهي نڪرندو، اها ڳالھ ڀلي ماضيءَ جو قصو به هجي، پر ثابت ڪرڻ يا ثبوتن سان سمجهائڻ هن رياست ۾ گهٽ ۾ گھٽ سياست جو ڪم ناهي رهيو. تاريخ جتي ڪوڙي آهي اتي سچي به آهي، جيڪي تاريخي ڪوڙ آهن، اهي سچ نٿا ڪري سگهجن يا سچ ڪوڙ نٿا ڪري سگهجن. ان ڪري سياست رياست سان موافقت ڪري هلي، جنهن ۾ عوام جو به ڀلو آهي. سياسي پِٽِڪو به گَهَر جي پِٽِڪي وانگي هوندو آهي جيڪو ٺِڪِرن جو پاڻي سُڪائي ڇڏي. ان ڪري گهر جي پٽڪي سبب دِلي ۾ ڪير پاڻي ناهي ڀريندو ۽ گهر جو هر ڀاتي ان انتظار ۾ هوندو آهي ته ڪو ٻيو ڀريندو، رڳو مان دِلو ڇو ڀريان يا مان مَٽَ ۾ پاڻي ڇو وجهان؟ ان ڪري ان پٽڪي ۾ گهر جا دِلا سُڪي ويندا آهن ۽ ڪير انهن ۾ پاڻي ڍُڪُ ناهي وجهندو. اسان جي رياست ۾ ساڳي ڪارِ ٿي وئي آهي ته مان ڇو ۽ رڳو مان ڇو ڪيان؟ ڇو ته جيڪي به ماضيءَ ۾ ڪِن ڪري ويا اهي ئي ذميوار آهن، انهن جي ڳِچي پڪڙي وڃي ۽ انهن کان حساب ڪتاب ورتو وڃي ۽ جيڪي به حال حيات يا دورِ حاضر جا نمائندا، وزير، ڪبير، مشير ۽ امير آهن اهي کير جا ڌوتل آهن اهي سڀ ساڌو آهن، پر جيڪي ويا اهي سڀ جا سڀ چور هئا، پوءِ واري وَٽي سان کڻي اهي ڪُرسي مَٽائي ويهن ۽ ڪڏهن چور ساڌو ٿين ته ڪڏهن ساڌو چور ٿين، پر عذاب ۾ رڳو عوام ئي آهي ۽ رهندو ايندو.
اها حقيقت به عيان آهن ته اوڀر پاڪستان جي عليحدگي جا ذميوار رياستي رُول ۽ اصول هئا جن بنگالين کي هن رياست کان پاڻ کي الڳ ڪرڻ جو موقعو ۽ ڪوشش فراهم ڪئي. بنگلاديش ۾ اردو ٻوليءَ جي بنگالين مٿان مڙهڻ ۽ هڻڻ جو مسئلو شايد ان ڳالھ ۽ انديشي جو بهترين مثال ۽ ثبوت آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪنهن تي به زبردستي ڪا به شيءِ مسلط نه ٿي ڪري سگهجي، چاهي اهو ملڪ هجي يا فرد، يا خاص ڪري آزاد جذبي رکندڙ شهرين مٿان اها ڳالھ مڙهي نٿي سگهجي ته هو ڪنهن جابر ۽ ظالم جي دٻاءَ ۾ اچي پنهنجي آزادي، ٻولي ۽ حيثيت قربان ڪري ويهن. اقليت هجڻ جي باوجود پاڪستاني حڪمران ۽ اشرافيا ڪلاس 1947 ۾ رياست جي پيدائش کان وٺي بنگالين کي دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ۾ اوڀر پاڪستان جي اڪثريتي بنگالي برادريءَ تي اردو ٻولي مسلط ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو. 1971 ۾ اولھ پاڪستان کي بنگلاديش مان نيڪالي ڏني وئي، بنگلاديش جي شيخ مجيب الرحمان ان وقت خبردار ڪندي چيو هو ته ”تون بنگالين کي دٻائي نه سگھندين“ ۽ آخرڪار اولھ پاڪستان ناڪام ٿيو. 1948 ۾ پاڪستان جي آزاديءَ کانپوءِ جناح صاحب ڍاڪا ويو ۽ اتي ڍاڪا يونيورسٽي ۾ هڪ ريلي ۾ اعلان ڪيائين ته ”اردو، اردو ئي پاڪستان جي واحد رياستي ٻولي هوندي“. پر اها ڪوشش شايد اولھ پاڪستان جي پنهنجي اوڀر پاڪستان ۾ وجود کي وڃائڻ جي شروعات هئي. ڇو ته ڪابه باوقار ۽ باشعور قوم پنهنجي مادري زبان تي اهڙو زخم برداشت نٿي ڪري سگهي ۽ بنگالي به برداشت نه ڪيو. ٻوليءَ جي تحريڪ ان مطالبي سان شروع ٿي ته ”اسان کي پنهنجي مادري ٻولي (بنگلا) گهرجي ۽ اسان چاهيون ٿا ته بنگلا کي رياستي ٻولي بڻايو وڃي“ اهو نعرو هلي هلي هڪ خود اختياريءَ جي مطالبي ۾ بدلجي ويو ۽ بعد ۾ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ بدلجي ويو، جنهن جو خاتمو 1971جي آزاديءَ جي جنگ ۾ ٿيو ۽ آخرڪار انساني جانين جي وڏي نقصان کانپوءِ بنگلاديش هڪ آزاد ۽ خودمختار ملڪ طور اڀري آيو.
دنيا اندر ڪا ٻي قوم ڪنهن کي ياد نه هوندي جنهن پنهنجي مادري زبان لاءِ بنگالي قوم جيتريون قربانيون ڏنيون هجن. اسان ته خير 1952 جي ٻولي تحريڪ نه ڏٺي يا شايد هاڻوڪو نسل جيڪو شديد غم ۽ غصي ۾ آهي اهو ان وقت پيدا به نه ٿيو هوندو، پر انهن ٻوليءَ جون اهي تحريڪون ۽ انهن جون درديلون ۽ خوني ڪهاڻيون وڏي شوق ۽ ذوق سان پڙهيون هونديون ۽ اهي دستاويزي فلمون، تصويرون به ڏٺيون هونديون ۽ رسول بخش پليجي جو ڪتاب ”جيڪي بنگال سان ٿيو“ به پڙهيو هوندو، جن کين متاثر ڪيو هوندو، جيڪو تاريخي سچ ڪير به عسڪريت ۽ سياست جي ڌارائن ۾ ضايع نٿو ڪري سگهي يا ڪير به انهن دستاويزن، فلمن، ڪهاڻين، ڪتابن، ان وقت جي اخبارن ۽ جنيوا اجلاس ۾ پاڪستان جي ناڪاميءَ کي لڪائي، ڍڪي ان جي مٿان مٽي وجهي پوري نٿو سگهي. پوءِ هاڻي کڻي عمران خان الائي جي ڪهڙي دوستي ۽ رياستي دشمني ۾ شيخ مجيب الرحمان جي وڊيو پنهنجي ٽوئيٽر (ايڪس اڪائونٽ) تي رکي آهي ۽ ان ۾ ڀلا ڪهڙي رياستي دشمني، دوستي هوندي ۽ ان مان هاڻي ڇا ٿو ثابت ڪري سگهجي ته اها بنگلا ٻولي ۽ بنگلاديشين جي ڪامياب قرباني رياست ۽ هن سياست جي ناڪامي هئي يا ان کانپوءِ هٿيار ڦٽا ڪرڻ ڪهڙي سلسلي جي ڪڙي هئي جنهن ۾ پوءِ ڀٽي صاحب تي ئي ڳالھ آئي ته هو بنگلاديش جي سانحي جا وکريل شيرازا ميڙي مٺُ ۾ ڪري ۽ 90 هزار فوجي ڇڏائي اچي. جيڪي ڀارت جي قيد ۾ هئا.
پاڪستان جي تاريخ ۾ 21 فيبروري 1952 ۾ مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن تي ماڻهن ننگي پيرين مينار پاڪستان ڏانهن لانگ مارچ ڪيو هو، جن پنهنجي سيني تي ڪارا بيج هنيا هئا ۽ بينرن جي مٿان لکيل هو ته ”امر ڀائير راکٽي رنگيو ايڪوشي فيبروري، امي ڪي بلتي پاري“ جنهن ٻوليءَ جي تحريڪ ڪير نٿو وساري سگهي. ان وقت بنگالي ٻوليءَ کي پاڪستان جي سرڪاري ٻولين مان هڪ سرڪاري ٻولي طور تسليم ڪيو ويو هو، پر ان کي اصل معنيٰ ۾ ٻولين جهڙو وقار نه ملي سگهيو هو، جيڪو ملڻ گهرجي ها. معنيٰ بنگالين کي پنهنجي حصي جي زمين تي به بنگالي ٻولي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جو حق حاصل نه هو، انهن تي مٿان بندوق تاڻي وئي هئي ته اهي بنگالي ٻولي نه ڳالهائين ۽ جيڪي به ڪارونهوار ڪن اهي سڀ جا سڀ اردوءَ ۾ ڪن، جنهن ڳالھ بنگالين کي چيڙائي وڌو هو ۽ اهي خوني تحريڪن تي لهي آيا. هونئن بنگالين جي ذهنن ۾ ڪڏهن به اهو سوال نه اڀريو هو ته اهي اڪثريت هئڻ جي باوجود ڌارين جي ٻولي ڇو ڳالهائي رهيا آهيون، پر بنگالين جي ذهنن ۾ اها ڳالھ رچائي وئي ته ”توهان کي رڳو اردو ڳالهائڻي آهي“ ۽ انهن جي ذهنن ۾ اها ڳالھ به وڌي وئي هئي ته اردو مسلمانن جي ٻولي آهي ۽ بنگالي هندن جي ٻولي سنسڪرت مان ورتل آهي ان ڪري ”بنگلا ڇوڙو، اردو بولو“.
پاڪستان ٺهڻ کان ترت پوءِ قومن کي اهو احساس ٿيڻ لڳو هو ته اهو تصور ڪيترو غير حقيقي ۽ غي سائنسي آهي ته هڪ ملڪ رڳو مذهب جي بنياد تي ٺهي سگهي ٿو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اردو ٻولي کي بنگالين تي مڙهڻ جون ڪوششون ڪيون ويون هيون. اولھ پاڪستان هر ممڪن طريقي سان بنگالين جو استحصال، پائمالي ڪئي، پر بنگالي شاگردن، استادن ۽ عوام پاران اهڙين مڙني ناپاڪ سازشن ۽ ارادن جي بار بار مزاحمت ڪئي وئي، ڇو ته بنگالي زبان سان پاڪستاني حڪمرانن جو رويو ڪڏهن به روادار ۽ دوستاڻو نه هو. ان حوالي سان نومبر 1947 جي هڪ واقعي جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو جڏهن سينٽرل پبلڪ ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري ملڪ جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ سول سروس جي امتحانن بابت سرڪيولر جاري ڪيو هو، جنهن ۾ هن 31 ڪورسن جو ذڪر ڪيو هو، جن مان 9 ٻولين تي هئا، انهن نون ٻولين ۾ اردو، هندي، انگريزي، جرمن، لاطيني، فارسي، گجراتي، عربي ۽ سنسڪرت به شامل هيون، پر بنگلا کي پاڪستان جي وڏي آبادي جي ٻولي هئڻ جي باوجود به ان فهرست مان خارج ڪيو ويو هو. ان مان ثابت هو ته پاڪستاني حڪمران ٽولي جي بنگالي ٻولي ۽ عوام سان ڪيتري نفرت هئي. ان کانپوءِ رياست جي هڪ روزاني اخبار (اتحاد) ۾ احتجاجي خط شايع ٿيو هو، جنهن اخبار ڊسمبر 1947 ۾ هڪ ايڊيٽوريل به شايع ڪيو هو جنهن بعد ۾ لاڳاپيل وزارت مجبور ٿي ان غلطي تي معافي گهري ورتي هئي. ان کانپوءِ جناح صاحب جو اعلان به ٿيو ته ”اردو، رڳو اردو ئي پاڪستان جي رياستي ٻولي هوندي“، پر بنگالين جي شديد احتجاجي تحريڪن ۽ رتو ڇاڻ جي نتيجي ۾ اردو پاڪستان جي واحد رياستي ٻولي نه ٿي سگهي. پاڪستان ٺهڻ کان صرف 24 سالن ۾ پنهنجو اوڀر وارو حصو وڃائي ويٺو ۽ اوڀر پاڪستان هليو ويو، پر اهو رياستي جِنُ (جُنون) مختلف صورتن ۾ اڃان تائين اسان جي چوڌاري گهمي رهيو آهي، پر اها ڳالھ مڃڻ گهرجي ته سياسي طور اوڀر پاڪستان اولھ پاڪستان سان غير فطري جوڙ جي ڪري ٽٽي چڪو هو ۽ حمودالرحمان ڪميشن صرف ان زماني جي ٿيل چونڊن ۽ بنگلاديش جي سانحي تي نظر رکي سياست رياست جي تابوت ۾ رڳو ڪوڪا ٺوڪيا ۽ 1971 جي ڊسمبر زواليت جا علم کوڙيا ۽ رياست ٻه ٽڪر ٿي وئي.