ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته سياستدان ڄاڻي ٻجھي نانگن جي ٻِرَنَ ۾ هٿ ٿا وجهن جو ڪڏهن ته پاڻ ۾ به نٿا ٺهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ”ڪوئي يار سي نڪلي تو سوئي دار چلي“ واري ڳالھ ڪري ٿا ويهن، وري ڪڏهن ڪڏهن ٽٽل شيشا هٿ ۾ کڻي هرو ڀرو طاقت جو مظاهرو ڪري ويهندا آهن، ۽ بي سبب ويٺا زور ڏيندا آهن، جنهن جو ڪو کڙتيل ناهي نڪرندو، اها ڳالھ ڀلي ماضيءَ جو قصو به هجي، پر ثابت ڪرڻ يا ثبوتن سان سمجهائڻ هن رياست ۾ گهٽ ۾ گھٽ سياست جو ڪم ناهي رهيو. تاريخ جتي ڪوڙي آهي اتي سچي به آهي، جيڪي تاريخي ڪوڙ آهن، اهي سچ نٿا ڪري سگهجن يا سچ ڪوڙ نٿا ڪري سگهجن. ان ڪري سياست رياست سان موافقت ڪري هلي، جنهن ۾ عوام جو به ڀلو آهي. سياسي پِٽِڪو به گَهَر جي پِٽِڪي وانگي هوندو آهي جيڪو ٺِڪِرن جو پاڻي سُڪائي ڇڏي. ان ڪري گهر جي پٽڪي سبب دِلي ۾ ڪير پاڻي ناهي ڀريندو ۽ گهر جو هر ڀاتي ان انتظار ۾ هوندو آهي ته ڪو ٻيو ڀريندو، رڳو مان دِلو ڇو ڀريان يا مان مَٽَ ۾ پاڻي ڇو وجهان؟ ان ڪري ان پٽڪي ۾ گهر جا دِلا سُڪي ويندا آهن ۽ ڪير انهن ۾ پاڻي ڍُڪُ ناهي وجهندو. اسان جي رياست ۾ ساڳي ڪارِ ٿي وئي آهي ته مان ڇو ۽ رڳو مان ڇو ڪيان؟ ڇو ته جيڪي به ماضيءَ ۾ ڪِن ڪري ويا اهي ئي ذميوار آهن، انهن جي ڳِچي پڪڙي وڃي ۽ انهن کان حساب ڪتاب ورتو وڃي ۽ جيڪي به حال حيات يا دورِ حاضر جا نمائندا، وزير، ڪبير، مشير ۽ امير آهن اهي کير جا ڌوتل آهن اهي سڀ ساڌو آهن، پر جيڪي ويا اهي سڀ جا سڀ چور هئا، پوءِ واري وَٽي سان کڻي اهي ڪُرسي مَٽائي ويهن ۽ ڪڏهن چور ساڌو ٿين ته ڪڏهن ساڌو چور ٿين، پر عذاب ۾ رڳو عوام ئي آهي ۽ رهندو ايندو.