بلاگنئون

تاريخ شناس

دادو ضلعي جو ڳوٺ پاٽ تاريخي اهميت جو حامل آهي، هن ڳوٺ جي عالم، بزرگ، فلسفي، تعليمي ماهر، قانوندان، مورخ، سياستدان، اديب ۽ شاعر پيدا ڪيا آهن. مغليه دور ۾ همايون بادشاهه جي شادي هن ڳوٺ جي عالم ۽ استاد علي اڪبر جي ڌيءَ حميده بانو سان ٿي. هن ڳوٺ جي چنا گهراڻي ۾ عبدالله چنا جي ولادت ٿي جيڪو اڳتي هلي مشهور بيوروڪريٽ ۽ تاريخ شناس شخصيت جي طور اُڀري آيو. عبدالله چنا 23 مئي 1902ع تي پاٽ ڳوٺ ۾ پيد اٿيو، جتان شروعاتي تعليم حاصل ڪري انگريزي تعليم جي شوق ۽ حصول ۾ نوشهرو ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد گريجوئيشن جي غرض سان اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏنائين. جنهن سبب 1921ع ۾ علي ڳڙهه يونيورسٽي ۾ انٽر ڪاليج ۾ داخل ٿيو. ان زماني ۾ سنڌ ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۾ صرف هندو نوجوانن کي داخلا ملندي هئي، مسلمان ڇوڪرا يا ته جونا ڳڙهه ڪاليج يا علي ڳڙهه ڪاليج ۾ پڙهڻ ويندا هئا. عبدالله چنا به انٽري ٽيسٽ ۾ پوزيشن ملڻ جو اعزاز حاصل ڪيو ۽ کيس علي ڳڙهه يونيورسٽي پاران اسڪالرشپ ملي جتي انٽرميڊئيٽ ۽ بعد ۾ بي اي امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيو. 1925ع ۾ ايل ايل بي پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏنائين، پر انهيءَ دوران کيس روينيو کاتي ۾ ملازمت ملي وئي. علي ڳڙهه ۾ قيام دوران عبدالله چنا تاريخي ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهيو، هن مولانا شبلي نعماني جو ڪتاب ”اورنگزيب عالمگير پر اڪ نظر“ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. هن ”ترديد الزامات عالمگير“ نالي سان هڪ ڪتاب ڪراچي مان شايع ڪرايو. چنا قبيلي جي تحقيق ڪندي هو لکي ٿو ته؛ محمد بن قاسم ديبل کي فتح ڪرڻ بعد سيوهڻ طرف آيو ۽ منڇر ڍنڍ ڀرسان پنهنجو ديرو ڄمايو. ان وقت چنا قبيلي جو سردار ڪاڪو ڪومل هو، جنهن اتي آيل مسلمانن جي طرز عبادت کان متاثر ٿي دين اسلام کي قبول ڪيو. سنڌ جي بمبئي کان الڳ ٿيڻ جي تحريڪ بابت عبدالله چنا لکي ٿو ته ان تحريڪ جو وڏو سبب معاشي ۽ معاشرتي هو. سنڌ جي مسلمانن کي وڌيڪ تعليم جي حاصل ڪرڻ واسطي علي ڳڙهه ڏانهن وڃڻ لاءِ ڏکيائيون پيش اينديون هيون، جڏهن ته ملازمتن ملڻ ۾ پريشانيون هيون ته وري هو زندگيءَ جي بهتر سهولتن کان به محروم هئا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ هندن جي لڏڻ سبب سنڌ ۾ ادبي رونقون بحال ڪرڻ ۾ سنڌي ادبي سنگت وڏو ڪردار ادا ڪيو.

عبدالله چنا ماهوار ”روح رهاڻ“ ۽ ماهوار ”مارئي“ جي ساراهه ڪندي لکيو آهي ته انهن رسالن ذريعي سنڌي عوام ۾ جاڳرتا پيدا ٿي جنهن ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن کي اڳتي اڀاريو ۽ سنڌ ۾ سماجي ۽ سياسي سگهه پيدا ٿي. ياد رهي ته ماهوار ”مارئي“ حيدرآباد جي ايڊيٽر جيجي زينت چنا مشهور اديب ۽ محقق پروفيسر محبوب علي چنا جي ڀيڻ ۽ عبدالله چنا جي وني هئي. عبدالله چنا 1949ع ۾ سنڌ جو ڊائريڪٽر سروي آف لينڊ رڪارڊ هو. ان وقت وفاقي حڪومت پاران جوڌپور جي ويجهو سرحدن جي حدبندي بابت هندوستاني حڪومت جي نمائندن سان گڏجي ڊمارڪيشن ڪرڻي هئي، جنهن ۾ عبدالله چنا پراڻن نقشن ۽ رڪارڊ جي آڌار تي 36 صفحن تي مشتمل هڪ رپورٽ تيار ڪئي هئي ۽ رڻ ڪڇ تنازعي متعلق جنيوا ٽربيونل سامهون حڪومت پاڪستان جو ڪيس اورچائيءَ سان پيش ڪيو. ملڪ جي سينئر ۽ پراڻي بيوروڪريسي ۾ عبدالله چنا مرحوم جو نالو هڪ ڪهنه مشق، غريب پرور ۽ فقير منش انسان طور ياد ڪيو وڃي ٿو.

***