بلاگنئون

لانگ مارچ، احتجاجن ۽ ڌرڻن جي تاريخ ۽ اسان جي حڪمت عملي

لانگ مارچ، احتجاج ۽ ڌرڻن جي سياست ۾ منھنجي ننڍڙي ڄاڻ مطابق لانگ مارچ جي تاريخ جو آغاز چين ۾ ٿيو هو، جيڪو چين جي ڪميونسٽن مائوزي تنگ ۽ چو اين لائي جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو هو. مائو زي تنگ جو اهو لانگ مارچ آڪٽوبر 1934ع کان آڪٽوبر 1935ع تائين جاري رهيو. هي لانگ مارچ آمريڪي اڳواڻ چيانگ ڪائي شيڪ، ڪميونسٽن جا سخت مخالف انھن جي شر کان بچڻ لاءِ ڪيو ويو. ڪميونسٽ مائو ۽ چو اين لائي جي اڳواڻي ۾ چيانگ ڪائي شيڪ جي فوج کان بچڻ لاءِ اولهه ۽ اتر چين ۾ هليا ويا. هڪ اندازي مطابق، انهن 9,000 ڪلوميٽرن (5,600 ميل) جو فاصلو 370 ڏينهن ۾ پورو ڪيو. ان دوران، هزارين مارچ ڪندڙ پنهنجيون زندگيون وڃائي ويٺا. هندستان ۾ وري سڀ کان پهرين لانگ مارچ مهاتما گانڌي جي اڳواڻي ۾ ٿيو هو، جنهن کي سالٽ مارچ لوڻ مارچ چوندا آهن، انگريزي سرڪار خلاف جيڪو 1930 ۾ ٿيو هو اهو لانگ مارچ 24 ڏينهن تائين جاري رهيو هو.
پاڪستان ۾ سڀ کان پھرئين لانگ مارچ کي بينظير ڀٽو متعارف ڪرايو هو ۽ ڌرڻي جي سياست جي شروعات مذھبي جماعتن جي ايجاد جو حصو رهي جيڪا اسلام آباد جي رستن کي مطالبن جي مڃتا تائين رستا بلاڪ ڪرڻ سيکاريو.
سنڌ ۾ ڪئين اڳواڻن مطالبن مڃرائڻ لاءِ لانگ مارچ جي سياست ڪئي انهن لانگ مارچن ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو اهو ويو ته ليڊر صاحبان ڪارن تي پيا پويان ايندا ۽ ڪارڪن پير پٿون ڪري منزل طرف پيا گھلجي هلندا رهندا. ايس يو پي واري لانگ مارچ ۾ آئون به سنگت سان شريڪ ٿيو هئس جنھن ۾ ڪارڪنن گاڏين ۾ پنھنجا بسترا به ساڻ کنيا هئا ۽ گس گس تي دعوتون هجڻ ڪري سڄي سنگت کي ساهي کڻڻ جو موقعو ملي ويندو هو. باقي اصل ۾ احتجاج جي تاريخ جي شروعات هندستان ۾ انگريزن جي خلاف گانڌي شروع ڪئي. هاڻي وري الڪيشن جي سيزن ۾ ريلي ڪڍڻ جو سلسلو هلندڙ آهي جنھن ۾ موٽر سائيڪل جي ريلي سياستدان ڪارن جي ريلي ڪڍي ڏهڪاءُ ويهاريندا آهن جن ريلين ۾ اڪثر ڀاڙي تي ماڻهو آيل هوندا آهن يا وڏن ڀوتارن جو ننڍن وڏيرن تي زور هوندو آهي ته هيترن ماڻهن سان ڀريل گاڏيون ڪاهي اچجان خير، باقي احتجاج جي جيڪا پاڪستان ۾ شروعات ٿي اها 1953 ۾ ٿي جيڪو احتجاج ختم نبوت تحريڪ ڪيو هو. هي احتجاج پاڪستان جي قيام کانپوءِ ملڪ ۾ پھريون احتجاج هو، جنھن کي هڙتال جو نالو به ڏنو ويو، جنھن هڙتال دوران خاص ڪري لاهور ۾ فساد ٿيا. وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو، پر ڪرفيو ڪافي نه ثابت ٿيو، ان ڪري لاهور ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو، ان احتجاج يا هڙتال کان پوءِ پاڪستان جي سياست ۾ احتجاجي ڌرڻن، مظاهرن ۽ مارچن جي هڪ ڊگهي تاريخ جُڙي، انھن مارچ ۽ ڌرڻن ۾ سياستدان ۽ مذهبي اڳواڻ وقت جي حڪومت خلاف متحد ٿيندا رهيا انهن مان ڪي ڪامياب ٿيا ۽ ڪي پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا.
پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان ڊگهو ڌرڻو 2014 ۾ حڪمران پاڪستان تحريڪ انصاف پاران اسلام آباد ۾ مخالف ڌر جي حيثيت سان هنيو ويو هو، جيڪو 126 ڏينهن تائين جاري رهيو.
ماضي ۾ انهن ڌرڻن سبب ڪجهه حڪمرانن کي اقتدار کان محروم ٿيڻو پيو. راڄڌاني اسلام آباد ۾ پھريون وڏو مظاهرو 4 ۽ 5 جولاءِ 1980ع تي ٿيو، جڏهن مذهبي جماعت تحريڪ نفاذ فقه جعفريه اڳوڻي صدر ضياءُ الحق جي زڪوات ۽ ڪرپشن خلاف پارليامينٽ هائوس آڏو ڌرڻو هنيو. عشر آرڊيننس. حڪومت ان آرڊيننس مان شيعه مڪتب فڪر جو مطالبو قبول ڪيو، نوي جي ڏهاڪي تائين اسلام آباد ۾ ڌرڻا يا مارچ ڪرڻ جو رواج ايترو عام نه هو، پر پاڪستان ۾ واحد ليڊر بينظير ڀٽو هئي، جنھن پاڪستان جي سياست ۾ لانگ مارچ جو اصطلاح متعارف ڪرايو ۽ نواز شريف جي حڪومت خلاف هن 1992ع ۾ “لانگ مارچ” ڪيو، جنهن جي شروعات لاهور کان ٿي. نواز شريف جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ پيپلز پارٽي اليڪشن کٽي ۽ پنهنجي ٻي حڪومت ٺاهي، ان کانپوءِ جلد بينظير ڀٽو جي حڪومت خلاف قاضي حسين احمد هڪ اهڙو ڌرڻو هنيو جيڪو ڪارائتو ثابت ٿيو ۽ هن حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو.سڀني کي ياد هوندو ته جڏهن جنرل پرويز مشرف چيف جسٽس آف پاڪستان کي معزول ڪيو ته جسٽس افتخار محمد چوڌري جي اڳواڻي ۾ وڪيلن سندس خلاف سڄي ملڪ ۾ مارچ ڪيو.
هي اهو دور هو جڏهن نواز شريف جي حڪومت ۽ ان وقت جي صدر غلام اسحاق خان جي وچ ۾ تڪرار شروع ٿي چڪو هو ۽ بينظير ڀٽو ان جو فائدو وٺي نواز شريف جي حڪومت خلاف لانگ مارچ شروع ڪيو.
ساڳئي ڏينهن آرمي چيف جنرل آصف نواز دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو ۽ جنرل وحيد ڪاڪڙ کي نئون آرمي چيف بڻايو ويو.
26 مئي 1993ع تي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نواز شريف جي حڪومت بحال ٿي ۽ ساڳئي سال 16 جولاءِ 1993ع تي بينظير ڀٽو هڪ ڀيرو ٻيھر لانگ مارچ ڪيو. بھرحال، هن ڀيري هنن اسلام آباد کي تارن سان بند ڪيو هو. ان صورتحال ۾ آرمي چيف جنرل وحيد ڪاڪڙ صدر اسحاق ۽ وزير اعظم نواز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو.
جماعت اسلامي جو ملين مارچ:
جماعت اسلامي جو اسلام آباد ۾ احتجاجي مارچ هميشه ياد رکيو ويندو. جماعت اسلامي پنهنجو پهريون مارچ سيپٽمبر 1996ع ۾ قاضي حسين احمد جي اڳواڻي ۾ ملين مارچ جي صورت ۾ ڪيو. جنهن جو مقصد ان وقت جي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي حڪومت جو خاتمو هو.
9 مارچ 2007ع تي جڏهن چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي ان وقت جي صدر جنرل پرويز مشرف عهدي تان هٽايو ته وڪيلن عدليه جي بحالي لاءِ تحريڪ شروع ڪئي.
ان تحريڪ ملڪ گير احتجاجن کي جنم ڏنو ۽ پوءِ پهريون لانگ مارچ جون 2008ع ۾ جسٽس افتخار چوڌري، وڪيل اڳواڻن اعتزاز حسن، منير اي ملڪ ۽ علي احمد ڪرد جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو. جيڪي آساني سان پارليامينٽ هائوس جي سامهون پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
نواز شريف اعتزاز احسن کي درخواست ڪئي ته وڪيلن جي لانگ مارچ کي ڌرڻي ۾ تبديل نه ڪيو وڃي.
مارچ 2009ع تي وري لانگ مارچ شروع ٿيو
هن ڀيري نواز شريف جي اڳواڻي ۾ لاهور کان مارچ شروع ٿيو ۽ ان کي روڪڻ لاءِ اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي ڪنٽينرن ۾ تبديل ڪيو ويو، پر اهو مارچ اڃا گوجرانوالا پهتو هو ته ان وقت جي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني سمورن ججن جي بحالي جو اعلان ڪيو.
پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر علامه طاهر القادري 2013ع ۾ پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ لاهور کان اسلام آباد تائين مارچ ڪيو.
17 جنوري تي اسلام آباد جي سخت سردي ۾ چئن ڏينهن کان جاري ڌرڻو حڪومت ۽ مظاهرين وچ ۾ ڪامياب ڳالهين کانپوءِ ختم ٿي ويو.
آگسٽ 2014ع ۾ ماڊل ٽائون سانحي کانپوءِ طاهر القادري هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تحريڪ انصاف سان گڏ اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڌرڻو
پاڪستان تحريڪ انصاف 14 آگسٽ 2014ع تي 2013ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ قومي اسيمبلي جي چئن تڪن تي ووٽن جي ٻيھر ڳڻپ نه ٿيڻ خلاف اسلام آباد کان پنهنجو سفر شروع ڪيو.
اهو مارچ لاهور کان شروع ٿيو ۽ ٻن ڏينھن ۾ اسلام آباد پھتو. پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف آبپارا چوڪ ۾ الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ۽ پوءِ پارليامينٽ هائوس اڳيان ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو. 70 ڏينهن کانپوءِ طاهر القادري ۽ 126 ڏينهن کانپوءِ عمران خان به ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.
نومبر 2017ع ۾ مسلم ليگ ن مرڪز ۾ اقتدار ۾ هئي ۽ نوازشريف کي عدالت طرفان نااهل قرار ڏيڻ کانپوءِ وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. سندس جاءِ تي شاهد خاقان عباسي ملڪ جو وزيراعظم ٿيو.
چونڊ فارم ۾ تبديلي ۽ توهين رسالت جا نعرا هڻڻ خلاف، تحريڪ لبيڪ جھڙي ننڍڙي مذهبي جماعت اسلام آباد پھتي ۽ راولپنڊي کي اسلام آباد سان ڳنڍيندڙ فيض آباد چوڪ تي ڌرڻو هنيو. 22 ڏينهن تائين جاري ڌرڻي سبب ٻھراڙين جي وچ ۾ رهندڙ لکين شھرين کي سخت پريشانين کي منھن ڏيڻو پيو، بعد ۾ بحث ختم ٿي ويو.
پاڪستان ۾ مخالف ڌر جي پارٽين هڪ ڀيرو ٻيهر 2018ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي، ملڪ ۾ مھانگائي سميت ڪيترن ئي اهم معاملن تي مارچ شروع ڪري ڇڏيو. جنهن جي اڳواڻي جمعيت علماءِ اسلام (ف) ۽ مخالف ڌر جون ٻه وڏيون پارٽيون مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪيو . تازو تربت کان نڪتل لانگ مارچ سوين ميلن جو مفاصلو طئي ڪري اسلام آباد پھتو، جنھن ۾ گھڻو انگ ٻارڙن ۽ عورتن جو هو، جن جا پيارا ڪيتري ئي وقت کان لاپته آھن، انھن پرامن ۽ ھٿين خالي ماڻھن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو جنھن جو بلوچستان مان سخت ردِعمل به اچي سگھيو پئي، جنھن سان امن امان جي صورتحال خراب ٿي سگھي ٿي، ڇو ته بلوچستان ۾ جيڪي ھٿياربند گروپ سرگرم آھن، انھن جي موقف کي ھٿي ملندي ۽ جذباتي نوجوانن جو لاڙو ان طرف ٿي سگھي ٿو.
ياد رهي تہه واشنگٽن ۾ ڪم ڪندڙ بلوچن جي تنظيم “وائيس فار مسنگ پرسنز” ڊاڪٽر ماھه رنگ بلوچ جي ڌرڻي بعد واشنگٽن ۾ به خاموش احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، بلوچستان جو مائوزي تنگ سڏجندڙ ماما قدير ۽ فرزانا به واشنگٽن پڄي چڪا آهن جن جو ارادو آهي ته هو پاڪستان جي حڪومت خلاف واشنگٽن کان نيويارڪ تائين لانگ مارچ ڪندا ۽ هنن بلوچي شعر ٻڌائيندي بلوچستان سان تعلق رکندڙ نگران وزيراعظم طرف اشارو ڪندي چيو ته “بيغيرت پُٽَ کان غيرت مند نياڻي هزار ڀيرا بھتر آهي” انھن ڳالھين بعد خبر ناھي طاقت جي نشي ۾ مخمور حڪمرانن کي ڪڏھن ھوش ايندو، ڇو ته ھاڻي حالتون ھٿن مان گھڻي ڀاڱي نڪري چڪيون آھن، ڇا ھتان جا “محب وطن” ملڪي تاريخ ۾ ھڪ ٻيو سانحو ڪرائڻ چاھين ٿا؟
زبيده مصطفيٰ پنھنجي مضمون ۾ لکيو هو ته جنهن بنگالين ۾ جاري عدم اطمينان کي جنم ڏنو ۽ آخرڪار بنگلاديش جي قيام جو سبب بڻيو. اڄ بلوچن سان سالن کان ٿيندڙ زيادتي جيڪا جمھوريت جي دعويدار عوامي ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو به ڪئي ۽ هر ايندڙ دور ۾ به هن وقت تائين بلوچستان ۽ سنڌ تي ظلم ٿي رهيو آهي، انھن حالتن جي رڳ تي هٿ رکي ڊان جي هڪ رائيٽر سڀني کي نصيحت ڀريا جملا لکندي درست لکيو هو ته جيڪڏهن پاڪستان کي صحيح رخ ۾ وٺي وڃڻو آهي ته پوءِ اها اسان سڀني جي ذميواري آهي ته پنهنجي ذاتي مفادن کي قومي مفاد تي غالب نه اچڻ ڏيون، جيڪڏهن هڪ ٻئي تي الزام هڻڻ جو موقعو ئي نه ملي ته پوءِ ترقي جو عمل ڪيئن جاري رهندو؟ پاڪستان ڪيترن ئي اندروني ۽ بيروني مسئلن جو شڪار آهي، اهڙي صورتحال ۾ روزاني احتجاجي سياست پاڪستان کي دنيا ۾ گهڻو پوئتي وٺي ويندي. هاڻي جڏهن پاناما ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ويو هجڻ بعد سياستدانن جو ڪردار ڪھڙو هجڻ گهرجي جو اليڪشن کان پوءِ وري ڌرڻن احتجاجن جي سياست ختم ٿئي، پر منھنجو خيال اهو آهي ته جيستائين اکيون بند ڪري هلندڙ سياستدانن ۽ حاڪمن جي اک مظلوم ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ نه کلندي تيستائين مظلوم ماڻهن جا احتجاج ڪنھن پير، مير، ڀوتار، سردار جي بنگلي جي سامهون ۽ پريس ڪلبن جي اڳيان ٿيندا رهندا جيستائين انصاف مظلوم کي دروازي تي نٿو ملي.
اڳيان رائو رڳي رڃ،
متان مري ڪا اڃ،
ڏئي پاراتو پرينء کي