تدريسي عمل سان اُڀرندڙ ٽيڪنيڀياسن جو امتزاج، اعليٰ تعليم بالخصوص انجنيئري تعليم جي ترقيءَ خاطر عالمي ضرورت بڻجي ويو آهي. ان ڪايا پلٽ جا محرڪ واڌو سچائي Augmented Reality (AR)، نما سچائيVirtual Reality (VR)، ۽ گڏيل سچائيMixed Reality آهن، جن کي مجموعي طور لِينُ ٽيڪنيڀياس “immersive technologies” جي نالي سان ڪوٺجي ٿو. اهي ٽيڪنيڀياس، عددي ڳڻپيوڪرDigital Computer ۾ ڪنهن طبعي ماحول جي اهلبازيsimulation جوڙي ماڻهن کي ايئن محسوس ڪرائيندا آهن ڄڻ هُو طبعي طور ان ماحول ۾ پهچي ويا هجن. ان ٽيڪنيڀياس کي استعماليندڙ فرد نه رڳو ان اهلبازيلSimulated وايومنڊل جا نظارا ۽ آواز محسوس ڪري سگھندو آهي، بلڪه ان ماحول سان لهه وچڙ ۾ پڻ اچي سگھندو آهي، جيڪو ان کي اتي موجودگيءَ جو احساس ڏياريندو آهي. ان ٽيڪنيڀياس جي مدد سان ماڻهو گھر ويٺي عملي ميدان جو آزمودو حاصل ڪري وٺندو آهي.
لهه وچڙ جي ٽِه رخه آزمودي 3D interaction تي آڌاريل سکيا کي ممڪن بڻائيندي، نما سچائي/واڌو سچائي وارا ٽيڪنيڀياس علم پرائڻ، پيچيده تخيلات کي پروڙڻ ۽ صنعت سان لاڳاپيل هنرن کي سنوارڻ ۾ شاگردن لاءِ معاون ٿي سگھن ٿا. پاڪستان جهڙا ملڪ، جتي تيزيءَ سان وڌندڙ صنعتن جون گھرجون پوريون ڪندڙ اعليٰ معيار واري انجنيئري تعليم جي ضرورت اڳي کان گھڻي وڌيڪ آهي، اتي نما سچائي ۽ واڌو سچائيءَ وارو ٽيڪنيڀياس سکيا جي روايتي طريقن ۽ وسيلن جي اڻ هوند وارو خال پُر ڪندي، عملي آزمودو يا صنعتي وائکائي حاصل ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو. ان امڪان جو ادراڪ ڪندي، يورپي يونين جي مالي سهائتا سان هلندڙ رٿا بعنوانCapacity Building in Higher Education (CBHE) CATCH_VR پاڪستان لاءِ اهم قدم کنيو آهي. يورپي ۽ قومي جامعات جي تعاون سان هلندڙ هن رٿا جو مقصد انجنيئري تعليم ۾ نما سچائي ۽ واڌو سچائيءَ کي مرڪزي حيثيت ڏيڻ آهي. هيءُ قدم پاڪستان جي اعليٰ تعليم کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، جنهن سان گريجوئيٽس کيIndustry 4.0 ۽ ان کان اڳتي جي ضرورتن لاءِ تيار ڪبو.
ان تناظر ۾، نما سچائي ۽ واڌو سچائيءَ جي قبوليت رڳو ٽيڪنيڀياس ۾ پيش قدمي نه، پر پاڪستان جي مستقبل ۾ حڪمت عمليءَ واري سيڙپڪاري آهي. اهو تدريس، سکيا ۽ تحقيق اندر هڪَ قسمَ جي فڪري ڦيرَ جي نمائندگي ڪري ٿو، جنهن جي مدد سان انجنيئرنگ گريجوئيٽس عددي صنعتDigital industry Eco-system ۾ وڌي ويجھي سگھن ٿا. هاڻي اصل للڪار انهن ٽيڪنيڀياسن کي تعليمي نظام ۾ اثرائتي ۽ پائيدار طريقي سان سلهاڙڻ آهي.
اهو انجنيئرنگ گريجوئيٽس کي عدد هاڻه صنعتي سهجيا سرشتي Digitally transformed industrial Eco-system منجهه ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪرڻ جي سگھه رکندڙ تدريس، سکيا ۽ تحقيق ۾ نئين حڪمت عمليءَ جي نمائندگي ڪري ٿو.
انجنيئري تعليم ۾ نما سچائي ۽ واڌو سچائيءَ جي اهميت:
انجنيئري تعليم جا اهي ادارا جيڪي نما سچائي ۽ واڌو سچائيءَ واري ٽيڪنيڀياس سان همڪنار آهن، تن کي روايتي ادارن مٿان منفرد سرسي حاصل آهي. ڇاڪاڻ ته اهي جيوَن جِيسُ اهلبازيون life-like simulations استعمال ڪندي شاگردن کي اهڙن سرشتن، ڪارگذارين ۽ ماحولن سان متعارف ڪرائڻ جي سگھه رکن ٿا جن جو آزمودو روايتي ڪلاس روم يا تجربيگاهه ۾ فراهم ڪرڻ ممڪن نه آهي. مثال طور: لِين ٽيڪنيڀياس immersive technologies استعمال ڪندي پيچيده مشينگري، وڏ پيمانه صنعتي ڪارگذاريون يا پُرخطر تجربا رچائي سگھجن ٿا، جنهن سان شاگردن کي کوجنا ۽ سکيا جا محفوظ ۽ گهٽ خرچ وارا موقعا ملن ٿا. ان سان نه رڳو سکندڙن جي تخيلاتي سمجھه وڌي ٿي، بلڪه مسئلا ڪُشائي Problem-Solving، انتقادي فڪرCritical Thinking ۽ سرجڻمنديءَCreativity جهڙيون صلاحيتون پيدا ڪري ٿو، جيڪي جديد انجنيئرن لاءِ نهايت اهم آهن.
نما سچائي ۽ واڌو سچائيءَ جو ٻيو اهم فائدو اهو آهي ته اها سکيا کي وڌيڪ شراڪتي ۽ شاگرد مرڪوز بڻائين ٿا. ٺلهو نصابي ڪتاب پڙهڻ ۽ ڊگھا سبق ٻڌڻ بدران، شاگرد ٽه رخي ماڊلز کي ڏسي ۽ هلائي سگھن ٿا، سچائي نما تجربيگاهن ۾ حصو وٺي سگھن ٿا ۽ اهلبازيلSimulated صنعتي ماحول اندر شراڪتي ڪم ڪري سگھن ٿا. آزمودي آڌاريل هيءَ سکيا، سِڌانت ۽ ساڌناTheory and Practice جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪندي، ان ڳالهه جي خاطري ڪري ٿي ته سند يافته انجنيئر ڄاڻ هار هئڻ سان گڏ صنعت لَکڻا Industry-ready پڻ آهن.
پاڪستان لاءِ نما سچائي/واڌو سچائي ٽيڪنيڀياس جديد تجربيگاهن ۽ اوزارن تي دسترس جي کوٽ جهڙا ساخته مسئلا به حل ڪري سگھي ٿو، جيڪي اثرائتي سکيا ۾ رنڊڪ بڻجن ٿا. عددي جاڙاDigital Twins ۽ لِين ماحولن Immersive Environments مان فائدو وٺندي جامعات شهري توڙي ديهي علائقن جي شاگردن لاءِ سکيا جا جديد ترين وسيلا ۽ يڪسان تعليم فراهم ڪري سگھن ٿيون. ان سان سموري ملڪ اندر تعليمي معيار ۽ حاصلات واري اڻبرابريءَ کي گھٽائي سگھجي ٿو.
ساڳئي وقت، نما سچائي ۽ واڌو سچائيءَ واري ٽيڪنيڀياس جو استعمال صنعت 5.0 ڏانهن مائل ٿيندڙ عالمي رجحان سان مطابقت رکي ٿو، جيڪو پائيدار، شمولي ۽ بشر مرڪوز صنعتي ترقيءَ تي زور ڏئي ٿو.
عددي جاڙن جي ماڊلسازي Modeling، لِينُ جنسار Immersive Design، ۽ باهم عملانه اهلبازيءَ Interactive Simulation وارن هنرن سان سرشار ڪندي، انجنيئرنگ جون پاڪستاني جامعات اهڙا سند يافته انجنيئرز پيدا ڪري سگھن ٿيون جيڪي نه رڳو روزگار لائق هجن، پر نواڻ مائل ۽ سماجي پيش رفت جا اهل هجن.
استادن ۽ شاگردن جي تربيت:
تعليمي ڪايا پلٽ ۾ نما سچائي ۽ واڌو سچائيءَ جي ڪاميابيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ، استادن ۽ شاگردن جي جوڳي تربيت لازمي امر آهي. سکيا جي اهم سهولتڪارن جي حيثيت ۾ اهو استادن جي قابليت تي دارومدار رکي ٿو ته هُو نما سچائي ۽ واڌو سچائيءَ کي نصاب سان ڪهڙيءَ ريت سلهاڙين ٿا. تنهنڪري، استادن لاءِ خصوصي ورڪشاپ، آزموديگانه تربيتونHands-on trainings، ۽ بهترين عالمي ساڌنائن جي وائکائي اَوَس آهي.CATCH_VR رٿا اڳ ئي ان ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ صلاح مشورا، باهم عملي تربيتي ڪلاس، ۽ وديالوڪ صنعت شراڪتداريءَ Academia-Industry Collaboration جون سرگرميون شروع ڪيون آهن. شاگردن لاءِ به منظم موقعا هجڻ ضروري آهن ته جيئن اهي لِينُ ٽيڪنيڀياس جي ميدان ۾ گھربل قابليتون حاصل ڪري سگھن، جن ۾ نه رڳو سٽاڪاري Programming، اهلبازي ڊزائين ۽ باهم عملانه ماڊلسازي Interactive Modeling اچي وڃن ٿيون بلڪه اصل زندگيءَ ۾ درپيش ايندڙ انجنيئر ڪن مسئلن جي حل لاءِ انهن جو اطلاق پڻ شامل آهي. مخصوص تجربيگاهن جو قيام ڪندي ۽ عملي رٿا آڌاريل سکيا اختيار ڪندي، ان ڳالهه جي خاطري ڪري سگھجي ٿي ته شاگرد سڌان تي ڄاڻ ۽ ساڌنا جون مهارتون کڻي پيشوراڻه ميدان ۾ پير پائيندا.
صنعت سان تعاون ۽ شراڪتي تحقيق سان سکيا جو قدر ۽ قيمت اڃان وڌي ٿو. تنهنڪري جامعات پنهنجي نصاب کي اسرندڙ صنعتي ضرورتن سان هم آهنگ ڪندي پنهنجي گريجوئيٽس کي مارڪيٽ جي گھرجن سان همڪنار ڪري سگھن ٿيون. صنعت جي عمل دخل سان شاگردن کي کيتر تربيت (انٽرنشپ)، سرپرستي ۽ گڏيل تحقيق جا موقعا ملن ٿا، جن سان پاڪستاني صنعت لاءِ باصلاحيت نوجوانن جي لاڳيتي فراهمي يقيني بڻبي.
اهي ڪوششون تڏهن لاڀائتيون ٿينديون جڏهن تربيت نه رڳو جاري ساري رهندي اچي، بلڪه ضرورت جي سانچي ۾ گھڙجندي رهي. ساڳيءَ ريت تڪڙي صنعتي ترقيءَ کي مدنظر رکندي نصاب جي باقاعده تجديد به ضروري آهي. قومي ۽ بين الاقوامي ڄارڪنnetworks جي پٺڀرائيءَ سان جامعات منجھه ساڌنا جون نياتون communities of practice جوڙڻ سان پاڪستان اندر نما سچائي ۽ واڌو سچائيءَ جي سکيا واري سهجيا سرشتي ecosystem کي اڃان سگھارو بڻائيندو.
سفارشات:
نما سچائي ۽ واڌُو سچائيءَ کي انجنيئري تعليم جو بنيادي جُز بڻائڻ لاءِ ڪي اهم قدم کڻڻ ضروري آهن. پهريون، لازمي آهي ته جامعات پنهنجي نصاب ۾ نما سچائي ۽ واڌو سچائيءَ کي اداري جي حيثيت ڏيندي خاص سَنَدُون، اختياري مضمون ۽ بين الشعباتي مضمون آڇين. ڇاڪاڻ ته اها خاطري ڪرڻ ضروري آهي ته لِينُ ٽيڪنيڀياس جو مطالعو محض ثانوي اضافي جي حيثيت بجاءِ وديا جا اڻٽُٽ جُز هجن.
ٻيون، بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري فيصلا ڪُن آهي. جامعات ۾ جديد ڳڻپيو ڪري سرشتا، اهلبازي منطق گري Simulation Software، ۽ لِينُ ڳڻپيو گريءَ Immersive Computer Hardware سان ليس نما سچائي/واڌو سچائي تجربيگاهون قائم ٿيڻ گهرجن. ڀائيواري ۽ نواڻ کي هٿي وٺائڻ لاءِ ضروري آهي ته مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ استادن توڙي شاگردن کي انهن سهولتن تي دسترس حاصل هجي. سرڪاري، نجي شراڪتداريون سرڪاري ادارن تان مالي ٻوجھه گھٽائيندي اهڙي ڍانچي جي تياريءَ واري عمل کي تڪڙو ۽ ڪم خرچ بڻائي سگھن ٿيون.
ٽيون، هائر ايجوڪيشن ڪميشن(HEC) ۽ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل(PEC) جهڙين پاليسي ساز ادارن جي پٺڀرائي اهم آهي. انهن ادارن کي استقبالي ڪردار ادا ڪندي قومي نصاب تيار ڪرائڻو پوندو ۽ استادن جي تربيت لاءِ پاليسيون ٺاهڻيون پونديون، جن سان اعليٰ سڀاءُ ۽ يڪسان معيار کي يقيني بڻائي سگھجي. ساڳئي وقت، تحقيق ۽ جدت لاءِ مالي سهائتا جا جوڳا انتظام پڻ ڪرڻا پوندا.
آخر ۾، ديرپا ڪاميابيءَ خاطر آگاهي ۽ راءِ سازي به اهم آهن. آزمائشي رٿائن، ڪاميابيءَ جي داستانن Success Stories ۽ بين الاقوامي شراڪتدارين کي اجاڳر ڪرڻ سان ٻيا ادارا به اتساهه ماڻيندا ۽ ساڳين مقصدن کي پنهنجائڻ ۾ دلچسپي وٺندا. شاگردن، استادن، صنعت ۽ پاليسي ساز ادارن جي مساوي شرڪت سان نما سچائي ۽ واڌو سچائيءَ واري تعليم جي راهه همواريءَ لاءِ مشترڪ بصيرت ۽ ديرپا وابستگي وجود وٺنديون.
ماحاصل:
انجنيئرنگ تعليم ۾نما سچائي ۽ واڌو سچائيءَ جي سلهاڙ پاڪستان لاءِ انقلابي اصلاح جو موقعو آهي. هي روايتي سکيا ۽ جديد صنعت جي گھرجُن جي واري وٿي ختم ڪري سگھي ٿو ۽ اهڙا انجنيئر پيدا ڪري سگھي ٿو، جيڪي نه رڳو، پُر تخليق ۽ مهارتون رکندڙ هجن بلڪه عالمي سطح تي چٽاڀيٽي ڪرڻ لائق به هجن. ان سلسلي ۾ يورپي يونين جي مالي سهائتا سان هلندڙCATCH_VR رٿا تربيتي ضرورتن جو تعين ڪندي، نصاب جوڙيندي ۽ وديالوڪ صنعت شراڪتدارين جو آغاز ڪندي اڳ ۾ ئي اهڙي اصلاح جي پيڙهه وجھي ڇڏي آهي. مگر ان ڏس ۾طويل مدتي ڇاپَو چئي سگھڻ جو دارومدار لڳاتار سيڙپڪاري، هاڪاري پاليسي ۽ نواڻ واري ثقافت مٿان آهي.
اعليٰ تعليم کي عالمي معيار ۽ صنعتي لاڙن سان هم قدم بنائڻ لاءِ جڏهن پاڪستان ڪوشش ڪري رهيو آهي، تڏهن نما سچائي ۽ واڌو سچائي اها واٽ روشن ڪن ٿيون جنهن تي هلندي شمولي، پائيدار ۽ استقبالي انجنيئري تعليم کي يقيني بڻائي سگھجي ٿو. وديالوڪ کي بااختيار بڻائي، شاگردن کي جديد صلاحيتون ڏيئي ۽ انڊسٽري سان تعلق وڌائي، ملڪ پاڻ کي لِينُ ٽيڪنيڀياسImmersive Technology جي ميدان ۾ خطي جو اڳواڻ بڻائي سگھي ٿو. المختصر ته نما سچائي ۽ واڌو سچائي رڳو ڪارڪردگي وڌائڻ جو وسيلو نه آهي، بلڪه اهو تعليم جو نئون تصوراتي خاڪو آهي، جنهن سان هلندڙ عددي دورDigital Age ۾ سماج، صنعت ۽ انسانيت جي خدمت ڪري سگھجي ٿي. قدم وڌائڻ جو اهوئي درست موقعو آهي ۽ ان وجھه جو ڀرپور فائدو وٺڻ لاءِ گھربل بصيرت ۽ صلاحيت پاڪستان وٽ موجود آهي.