هنن ڪٿائن ۾ ڪيتري سچائي آهي ؟
دنيا جي گولي تي جڏهن کان انسانن لکڻ پڙهڻ جو آغاز ڪيو، تڏهن کان ٻن قسمن جي لکتن جي شروعات ٿي ۽ انسان اهڙي تحرير کي تاريخ يا ادب جو نالو ڏئي، ترقي ڪندي ڪتابن ۾ محفوظ ڪندي، ڪتب خانن يا لائبريرين منجھ ايندڙ نسلن جي خاطر محفوظ رکيو ته جيئن اهي ماضيءَ جي تاريخ کان روشناس ٿي سگهن، اهڙيءَ ريت اها تاريخ ساهميءَ جي ٻن پُڙن جي مناسبت سان لکبي رهي. انهن منجهان هڪڙي لکت آزاد لکت جنهن کي لکندڙن پنهنجي ضمير ۽ سچائي سان حق ۽ اصول جي بنياد تي قلمبند ڪيو ۽ ٻيو اهو لکاري جنهن کي عام ۽ خاص لفظن ۾ درٻاري ليکڪ چوندا آهن، جيڪي ليکڪ صرف اهو ۽ ايترو ئي لکندا آهن جيڪو انهن کان لکرايو ويندو آهي. جنهن جي تحريرن ۾ صرف اهو ڪجھ لکيل هوندو آهي، جنهن ۾ لکائيندڙ جي سوچ ۽ مرضي هوندي آهي، جنهن منجهان اصل حقيقتن جو پتو لڳائڻ نهايت ئي اوکو ۽ مشڪل مرحلو هوندو آهي. ايئن ئي ڪافي ڳالهيون ۽ واقعا لکت جي عمل کان محروم رهجي ويندا آهن، مگر زباني ۽ ٻڌ سڌ جي عمل يا بنياد تي نسل در نسل قائم دائم رهندا ايندا آهن، سو هتي به اڄ ڪجھ اهڙن ئي قصن، ڪهاڻين يا ڏند ڪٿائن کي هن مختصر تحرير ۾ قلمبند ڪرڻ جي ڪمزور ڪوشش ڪئي اٿم اميد ته هن سيکڙاٽ ۽ ناتجربيڪار فقير کي به ڪٿان نه ڪٿان ڪا رهنمائي ضرور ميسر ٿيندي ته جيئن هن جي علم ۾ پڻ اضافو ٿي سگهي.
(1) منهنبار:
هن علائقي تي منهنبار نالو ڪيئن پيو، سو اچو ته انهيءَ بابت اوهان کي ٻڌايان مان تاريخ 23.06.2020 خميس تي پنهنجي گهر واريءَ سان گڏ موٽر بائيڪ تي ڪراچي کان وندر براسته حب چوڪي ۽ اتان وري سسئي پنهونءَ جي مزار تي ويو هئس. جتي اسان مري وڃون ها، جيڪڏهن اتي رستي ۾ هڪ جهونو اوٺار پاڻي نه پيئاري ها، سو انهيءَ علائقي جو نالو آهي منهنبار جيڪو وقت جي ڦيٿي سان گڏ ڦري ڪري هاڻي منبار سڏجي ٿو. اتي ئي ويجهي جهوپڙا هوٽل واري محمد امين ٻرو (سائين گل حسن ڪلمتيءَ جي تاريخي ڪتابن ۾ سسئي پنهونءَ بابت لکيل آهي ته جنهن ڌنار يا ڌراڙ کان سسئيءَ پاڻي گهريو هو، انهيءَ جو نالو اڇو هو، جنهن جي قبر سسئي پنهونءَ جي مزار کان چند قدمن تي واقع آهي ۽ جنهن سسئي پنهونءَ کي ڏٺو ۽ اتي ئي مجاور ٿي بقايا زندگي گذاريائين چون ٿا ته اڇو ذات جو ٻرو هو ۽ هن وقت جيڪي فقير مزار جي مجاوري پيا ڪن، اهي به اڇو جي نسل منجهان آهن، پر ڪي چون ٿا ته اڇو ذات جو باکڙو هو وڌيڪ الله کي خبر) کان هن نالي بابت معلومات ورتي جنهن ڪجھ هن طرح ٻڌايو ته:
ادا اسان پنهنجن وڏڙن کان اهوئي ٻڌندا آيا آهيون ته جڏهن سسئي وندر کان واپس وري هئي ته هي جبل (منهنبار جبل) سسئيءَ کي رستو نه پيو ڏي، جنهن تي سسئيءَ منهن تان پلو (پردو يا نقاب) هٽايو يعني پردي يا نقاب منجهان منهن ٻاهر ڪڍيو ته جبل ٻه اڌ ٿي پيو ۽ سسئيءَ پنهونءَ جي ڳولها وارو سفر جاري رکيو ۽ ايئن ان تان هن علائقي ۽ نديءَ جو نالو منهنبار پئجي ويو.
ادا ڀلا هتان وندر ڪيترن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي؟
ادا وندر هتان 20 ڪلوميٽر کن جي فاصلي تي آهي ۽ سسئي پنهونءَ جي درٻار هتان کان 02 ڪلوميٽر کن جي فاصلي تي ٿيندي.
(2) سسئيءَ جو لوٽو:
اتي ئي ڪچهري دوران منهنبار تي ٺهيل جهوپڙا هوٽل جي مالڪ محمد امين ٻرو کان وڌيڪ ڄاڻ وٺڻ خاطر پڇيم ته ڀلا هتي اهڙو ٻيو ڪجھ ڏسڻ جهڙو يا ڪو تاريخي هنڌ آهي، جيڪو سسئيءَ سان واسطو رکندڙ هجي يا منسوب هجي، جنهن تي هن پنهنجي ڳالھ کي جاري رکندي ۽ سڄي هٿ جي اشهد آڱر سان اشارو ڪندي ٻڌايو ته جي ادا، او هو جيڪي سامهون نديءَ جي وچ ۾ وڏا ۽ چوني جي رنگ وارا پٿر ڏسين ٿو، اتي انهن پٿرن ۾ روايتن موجب سسئيءَ جو لوٽو گم ٿي ويو هو. سو انهن پٿرن کي ڌڪ هڻڻ سان اندران انهيءَ گم ٿي ويل لوٽي جي وڄڻ جو آواز ايندو آهي. سو ان طرف وڃڻ لاءِ گهر واريءَ کي هلڻ جو چيم، پر هن انڪار ڪيو. تنهنڪري وڌيڪ مون به ڪو زور نه رکيو ڇو ته هوءَ سفري تڪليفن جي ڪري ٿڪل هئي ۽ معدي جي تڪليف ڪري گرمي برداشت نه پئي ڪري سگهي، مٿان وري ان نديءَ مان به ڄڻ ته کيس نئين زندگي ملي هئس ان ڪري ڊنل هئي، پر وري بعد ۾ هتي منير احمد مغيري سان تاريخ 03.10.2021 ڏينهن آچر ۽ لجپت راءِ مظلوم سان تاريخ 08.10.2021 ڏينهن جمعي تي آيو هئس ۽ انهن پٿرن منجهان سسئيءَ جي گم ٿيل لوٽي جي آواز کي ٻڌڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي هيم، پر ڪو به آواز ٻڌڻ ۾ ڪين ٿي آيو. خبر ناهي ته اهو سچ آهي يا ماڻهن پنهنجون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون يا قصا سسئيءَ سان منسوب ڪيا آهن.
(3) سسئي ۽ اٺن جا پير:
2020 کان وٺي هن وقت تائين ڪيترائي ڀيرا سنگهر پٽ (سسئي پنهونءَ جي مزار) تائين ويو آهيان، جتي هر ڀيري نئين معلومات ميسر ٿيندي آهي، سو جڏهن لجپت راءِ سان گڏ منهنبار کان موٽي سسئيءَ جي مزار تي حاضري ڀري پٻ جبل جي ڀرسان ور جي علائقي ۾ موجود چاچي امام بخش خاصخيليءَ جي هوٽل تي 20 روپين واري کير پتي پيتي هيم ته اتي ڳالهين ڳالهين ۾ چاچي ٻڌايو هو ته اڳتي جبلن ۾ جتي ڪجھ چوني جي رنگ وارا پٿر آهن، جن تي تير جو نشان لڳل آهي. اتي سسئيءَ جي پيرن سان گڏ پنهونءَ جي اٺن جي پيرن جا نشان پڻ موجود آهن، سو واپسيءَ تي اتي لهي جائزو ورتوسين ته اهي سڀ من گهڙت قصا محسوس ٿيا، جيڪي وقت سان گڏ مشهور ۽ عام ٿي ويا آهن. حقيقت ۾ اتي جيڪي به پٿر هئا، سي سڀ قدرتي طور تي ئي اهڙا هئا، جن کي ماڻهن طرفان اٺن ۽ سسئيءَ جي پيرن سان منسوب ڪيو ويو آهي، ڇو ته نه اهي اٺن جا پير ٿي لڳا ۽ نه وري اهي عورت جي پيرن سان ڪا مشابهت رکندڙ هئا، ها بس ڳالهيون ڳوٺاڻن جون نسل در نسل هلنديون ٿيون اچن ۽ تاقيامت هلنديون رهنديون.
(4) نوري:
ڪتابن، ڪهاڻين، قصن، روايتن ۽ ڳالهين منجھ اهو به اچي ٿو ته نوري شاهه هوندڙي جي وفات کانپوءِ روزاني سندس مزار تي حاضري ڀرڻ ويندي هئي، هڪ ڏينهن نوريءَ کي شاهه هوندڙي جي آستاني تان موٽڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ رستي ۾ کيس رات پئجي ويئي جنهن ڪري ٻيڙي هلائيندڙ ملاح رستو ڀلجي پيو ۽ نوريءَ کي چيو ته مون کي اونداهيءَ سبب گس جي ڪا به خبر نٿي پوي، اهو ٻڌي نوريءَ پنهنجي منهن تان پلؤ/نقاب کڻي ڏٺو ته سندس منهن مان وڄ جهڙو شعاع نڪتو ۽ ان شعاع تي ملاح پنهنجو گس ڏسي ورتو ۽ ٻيڙي ڪاهي اچي ڪناري ڀيڙو ٿيو، چون ٿا انهيءَ رات ڄام تماچي به پنهنجي ماڙيءَ تان ويٺي ڪينجهر جو نظارو ٿي ڪيو. تنهن اوچتو اهڙو تجلو ڏسي اميرن ۽ وزيرن کان سبب معلوم ڪيو، اميرن ۽ وزيرن کيس صبح ٿيڻ تي معلومات وٺي اچڻ لاءِ وقت گهريو. ٻئي ڏينهن صبح جو وزير ٻيڙيءَ جي ملاح کان راتوڪي تجلي بابت پڇا ڪئي ته ملاح کيس پيرائتي ڳالھ ڪري ٻڌائي جنهن تي وزير سوچيو ته اها ڳالھ جيڪڏهن بادشاهه کي ٻڌائبي ته بادشاهه هرکي پوندو. تنهنڪري بادشاهه کي وڄ جي چمڪڻ جو چئي لهرائي ويو، اهڙيءَ طرح ٻه ٻيا وزير به موڪليا ويا، پر انهن به اهوئي بهانو ٺاهي اصل حقيقت لڪائي ڇڏي، جنهن بعد بادشاهه سلامت پاڻ ٺهي سنبري ڪينجهر جي سير تي روانو ٿيو ۽ ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ کانپوءِ ملاح کان انهيءَ رات واري واقعي بابت پڇا ڪيائين جنهن کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايو. اهو ٻڌي بادشاهه نوريءَ کي دل ئي دل ۾ پنهنجي راڻي بڻائڻ جو پڪو ارادو ڪيو. ٻئي ڏينهن بادشاهه ڄام تماچي سمون ڪينجهر گندري جي ککيءَ هاڻي کڏيءَ تي ڪهي آيو ۽ اچي کانئس نوريءَ جو سڱ گهريائين جنهن تي ڪينجهر گندري ها ڪئي ۽ نوري اڳتي هلي ڄام تماچيءَ جي پٽ راڻي بڻي.
اهي ۽ اهڙيون ڪٿائون يا روايتون اسين اڪثر ڪري پڙهندا پيا اچون سو انهن راوين جي روايتن ۾ ڪيترو سچ آهي سا سچائي ۽ سا حقيقت پروڙڻ هن وقت نهايت ئي مشڪل آهي، ڇو ته انهن واقعن کي هينئر تائين گذري ڪئي صديون ٿيون آهن وڌيڪ رب کي خبر.
(5) چٽان شاهه ٽڪري:
روهڙيءَ جي ڀرسان موجود سنڌ جو قديمي تخت گاهه وارو شهر اروڙ به آهي، جنهن جا تاريخ ۾ مختلف نالا آهن، پر هن وقت اروڙ لکجي، پڙهجي ۽ سڏجي ٿو. جتي برصغير جي پهرين محمد بن قاسم مسجد، ڪالڪا ديوي ماتا جو مندر، مزار شاهه شڪر گنج رح ۽ ٻيون ڪافي مزارون آهن. هي شهر ڪنهن وقت ۾ آباد ۽ وسندڙ شهر هو. جيڪو هاڻي جبلن تائين محدود آهي انهيءَ اروڙ جي ويجهو هڪ ٽڪرين جو سلسلو آهي، جنهن کي چٽان شاهه جي ٽڪرين جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، اتي هڪ اهڙي به چٽان آهي. جيڪا چئن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ چار هڪ جيترا ٽڪر اٿس گهڻو ڪري ڪنهن جيولاجيڪل تبديلين سبب اها ٽڪري چئن حصن ۾ ورهائجي وئي هجي، جيتوڻيڪ ان سان ڪيتريون ئي ڳالهيون ۽ روايتون منسوب آهن. جيئن ڪجھ مقامي ماڻهو چون ٿا ته ڪالڪان ديوي ۽ حضرت علي عليه السلام جي هڪ ساٿيءَ جي وچ ۾ لڳل جنگ ۾ مُڪ هڻڻ سبب اهو جبل چئن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي، ڪالڪا ديويءَ جو مندر هتان بلڪل ئي ويجهو آهي.
هن ٽڪريءَ جي عجيب بناوت آهي ۽ انهن جي چوٽيءَ تي هڪ مسجد پڻ تعمير ٿيل آهي ۽ مولا غازي عباس جو علم پاڪ پڻ جهولي رهيو آهي. هن چٽان تي چڙهڻ ۽ مٿي پهچڻ به هڪ مشڪل ۽ ڪٺن ڪم آهي.
هي جبل اروڙ جبل جي قطار ۾ هڪ بلڪل ئي منفرد قسم جو جبل آهي، جيڪو بلڪل ئي اڪيلو آهي. يعني چوڌاري ٻيو ڪو به جبل ناهيس هي جبل مٿان کان هيٺ تائين چار ڦاڪون ٿيل آهي. مطلب جيئن ڪو هڪ گول گدرو هجي ۽ ان جون چار ڦاڪون يا چار حصا ٿيل هجن. ان جبل تي چڙهڻ نهايت ئي مشڪل مرحلو آهي، پر پوءِ به اسان ڪوشش ڪري مٿي چوٽيءَ تائين چڙهي وياسين ۽ اتي جو سرسري مشاهدو پڻ ڪيو. جتي هڪ بنا دروازن جي ننڍڙي مسجد جنهن تي ڪو تعميراتي سن وغيره درج ڪين هو، پر تعمير جي لحاظ کان ڪجھ ڏهاڪا پراڻي محسوس ٿي رهي هئي ۽ غازي عباس جو علم پاڪ پڻ جهولي رهيو هو. ان جبل تي چڙهبو ته چوڌاري نظر نهار تائين اوهان کي سڀ ڪجھ نظربو مطلب پري پري جي آبادي ڳوٺ، کجيون ۽ جبل وغيره ٻيو ته ان جبل تي چڙهي اوهان انهن ڦاڪن کي ڏسندا ته توهان کي جبل جو ترو صاف نظر ايندو ماشاءَالله.
باقي جيترا وات اوتريون ڳالهيون سو هر ڪو پنهنجي معلومات تحت ڳالهيون ڪندو ٿو رهي، هن جبل کي ڪوئي ڦاڪن وارو جبل ٿو چوي ته ڪو چيريل ۽ وڍيل ٿو سڏي ڇو ته هيل تائين ڪٿان به اهو ڪنفرم ناهي ته هن جبل جي تاريخ ڇا آهي، بس هر ڪو ٻڌ سڌ تي پيو هلي. ها مگر هن جبل تي اڪثر ماڻهن جي اچڻ ۽ گهمڻ جو انگ سوايو ٿو رهي ڇو ته هي جبل به هڪ عجوبو ئي آهي.
مٿي لکيل تحرير جيڪا اوهان پڙهي سو لازمي آهي ته اوهان غور ويچار به ڪيو هوندو. اوهان جي ذهن ۾ به ڪي سوال اڀريا هوندا ۽ اوهان به انهن ڳالهين ۽ ڪٿائن بابت جيترو ٿي سگهي اوترو جاکوڙ ۽ تحقيق ڪجو ته جيئن ڪٿان ڪو مناسب جواب ملي پوي ۽ مونکي به ڪٿان ڪا رهنمائي نصيب ٿي پوي.
***