آءِ جي سنڌ پاران ومين چائلڊ پروٽيڪشن ڊيسڪ جو افتتاح
آءِ جي سنڌ پاران ڪالهه ڪراچي ويسٽ زون جي، ڊي آءِ جي آفيس ۾ وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن ڊيسڪ جو افتتاح ڪيو ويو. جتي صرف عورت آفيسر ئي موجود هونديون جيڪي عورتن ۽ ٻارن سان لاڳاپيل ڪيسن کي ڏسنديون. آءِ جي سنڌ هڪ ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول روم جو به افتتاح ڪيو، جنهن ذريعي پوليس اسٽيشنون ۽ موبائل پوليس کي به مانيٽر ڪري سگهبو. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ اي. ڊي خواجه چيو ته ٻارن ۽ عورتن سان جنسي ڏاڍائي هڪ وڏو ظلم آهي جيڪو اسان جي معاشري ۾ عام ٿي ويو آهي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اهڙن ڏوهن جو شڪار ٿيندڙ ماڻهو اڳيان اچن ۽ ڏوهارين کي سزا ڏيارڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏين. هن چيو ته هي ڊيسڪ عورتن ۽ ٻارن خلاف ٿيل ڏوهن کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪري ۽ عورتن جي ڪيسن کي صرف عورت آفيسر ئي ڏسنديون. آءِ جي ٻڌايو ته هن کان پهرين مرد آفيسر، گهريلو تشدد جي شڪار عورتن کي اهو چوندا هئا ته هي توهان جو گهريلو مسئلو آهي توهان ان کي گهر ۾ ئي حل ڪريو. هاڻي هيءَ ڊيسڪ ٺاهي وئي آهي ته جيئن اهڙن گهريلو تشدد جي ڪيسن کي به حل ڪري سگهجي ۽ ان قسم جي مسئلن لاءِ اڃان وڌيڪ قانون سازي به ٿيڻي آهي.

