پي ٽي آءِ سان ڳالهين کان اڳ اتحادي پارٽين جو اهم اجلاس اڄ طلب
وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ سان ڳالهين کان اڳ اتحادي پارٽين جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو، اتحادي پارٽين جي اجلاس کانپوءِ ڪابينه جو اجلاس به ٿيندو. وزيراعظم اتحادي اڳواڻن کي عيد ملن پارٽي به ڏيندو. اجلاس ۾ ملڪي صورتحال خاص طور تي آئيني صورتحال تي تفصيلي مشاورت ٿيندي. ان کان علاوه پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ تي به غور ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هر صورت ۾ 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊون چاهيون ٿا.

