بلاگ

انڊس ڊيلٽا جي سُسڻ کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟

انڊس ڊيلٽا جي ڪوٽڙي بئراج ڏانهن پاڻيءَ جي گهٽ وهڪري جي ڪري ايڪو سسٽم شديد خطري هيٺ آهي. جنهن جي نتيجي ۾ اتي پيدا ٿيندڙ مئنگرووز، جهينگا ۽ پاڻي جي گهٽتائيءَ سان گڏ پيدا ٿيندڙ مڇيءَ جي پيداوار گهٽجي رهي آهي. زرعي زمينون ۽ دريائي ٻيلا تباهه ٿي رهيا آهن. کارو پاڻي زمين هيٺ تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي جنهن جي ڪري اتان جي زمين لوڻياٺي ٿي رهي آهي. اتان جو رهاڪو زمين هيٺان مٺي پاڻيءَ جي سهولت کان محروم ٿي رهيو آهي. انهن علائقن مان زندگي ۽ زراعت ختم ٿيندي پئي وڃي. اهي مسئلا اتان جي رهواسين کي ٻوڏن ۽ سامونڊي طوفانن جي منهن ۾ ڌڪي رهيا آهن. سنڌو درياءَ مٿان ان جي رخ کي موڙڻ لاءِ جيڪي به منصوبا ٺاهيا ويا ان کان اڳ ۾ 13 وهندڙ ڪريڪس هئا جيڪي هاڻي گهٽجي صرف ٻه رهجي ويا آهن، جيڪي کوبر ۽ کار جي نالن سان سڏجن ٿا. وهندڙ ڊيلٽا 92 سيڪڙو گهٽجي چڪا آهن. هي “ونجڻيءَ” جي شڪل جهڙو ڊيلٽا دنيا جي ستين نمبر وڏي مئنگروو فاريسٽ سسٽم کي سپورٽ ڪري ٿو. هاڻي اهو تيزيءَ سان سُسي رهيو آهي ۽ کارو پاڻي زمين کي تيزيءَ سان ڳڙڪائي رهيو آهي. ان کي روڪڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ کي هر سال ماحوليات جي بچاءُ لاءِ ڪوٽڙي بئراج کان ڇڏڻ ضروري آهي. ان سان زمين اندر سامونڊي کاري پاڻيءَ جي پائڻ کي روڪي سگهجي ٿو. ايريگيشن ڪئنالز کي ان مد ۾ وڌيڪ پاڻي مهيا ڪيو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي زرعي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن. پراڻن چئنلز جن ۾ “پنياري ۽ اوچٽو” کي کوليو وڃي ته جيئن ٻوڏن جي وقت ۾ اضافي پاڻيءَ کي اتان ڇوڙ ڪيو وڃي. دريائي پاڻيءَ تي پيدا ٿيندڙ مئنگرووز کي تحفظ ڏيڻ لاءِ اتان جي ڪميونٽيءَ جو سهڪار ورتو وڃي ته جيئن انهن ٻيلن کي وڌائي سگهجي. حڪومت کي اتي اهڙا ٻوٽا پوکڻ گهرجن جيڪي کاري پاڻي ۾ وڏا ٿي سگهن ۽ زمين جي لوڻياٺ کي جذب ڪري سگهن. حڪومت کي ٻيلن جي واڍيءَ تي پابندي لڳائڻ گهرجي. ننڍين مڇين ۽ جهينگي جي شڪار تي پابندي لڳائڻ گهرجي. ان کانسواءِ مئنگرووز وارن علائقن ۾ سياحت کي هٿي ڏيارڻ گهرجي، مهاڻن کي سهولتون ڏيڻ گهرجن ته جيئن هو ٻيڙيون هلائي سگهن ۽ ان مان پنهنجو روزگار حاصل ڪري سگهن.