بلاگنئون

انٽرويو: حميد سنڌي

حميد سنڌي 12 آڪٽوبر 1939ع تي نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو. صحافي، اديب ۽ تعليمي ماهر جي حيثيت ۾ سندن سڃاڻپ آهي. هن ڪيترن ادارن جي سربراهه جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ٿي رهڻ کان سواءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رجسٽرار، پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمين ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين ۽ ٻين ڪيترن عهدن تي ڪم ڪيائين. سندن علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور کين “تمغهءِ امتياز” ۽ “اعزازِ فضيلت” ايوارڊن کان سواءِ ٻيا انيڪ اعزاز ۽ ايوارڊ مليا.
حميد سنڌي 1958ع ۾ نثرنگار جي حيثيت سان ادب ۾ شموليت اختيار ڪئي. سندن ڇپيل ڪتاب ڪهاڻين، مضمونن، مقالن، لطيفيات ۽ ترجمانگاريءَ تي مشتمل آهن. سندن اهم ڪارنامو “روح رهاڻ” رسالي جو اجراء ۽ وڏو عرصو باقاعدگيءَ سان ڇپجڻ ۽ ان کان پوءِ روح جي حوالي سان سالن جا سال ادبي گڏجاڻيون اهم آهن. هن رسالي معرفت ڪيتريون ئي ليکڪائون متعارف ٿيون ۽ 1947ع کان پوءِ هندوستان جي وڏين ليکڪائن جون ڪهاڻيون سندن رسالي معرفت ڇپجي سنڌ ۾ عام ٿيون. مون پنهنجي تحقيقي ڪم جي حوالي سان ساڻن ٻه ٽي ملاقاتون ڪيون، ته جيئن کانئن 1947ع کان پوءِ جي سنڌ جي تعليمي معيار ۽ شروع دور جي عورتاڻي ادب جي باري ۾ ڪا معلومات ملي سگهي، انهيءَ ٿيل گفتگوءَ مان چند اهم سوال جواب هيٺ پيش ڪجن ٿا:
روبرو ملاقات ۾ ٿيل گفتگو (2007-09-26)
س: حميد صاحب! توهان افسانوي ادب جا ليکڪ آهيو، توهان کي چڱيءَ پر خبر هوندي ته سنڌي ليکڪائن جو افسانوي ادب ۾ ڪيترو حصو آهي؟
ج: افسانوي ادب ۾ عورتن جهجهو لکيو آهي، بلڪه مان سمجهان ٿو ته نثر ۾ عورتن ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ ئي گهڻو لکيو آهي. ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ ڪجهه وقت هندو ليکڪائون ئي هيون، جيڪي چڱو لکنديون هيون. باقي مسلمان عورتون ته دير سان لکڻ لاءِ اڳيان آيون آهن.
س: مسلمان عورتن جي ادب ۾ دير سان اچڻ جو ڪهڙو سبب هو؟
ج: ظاهر آهي بابا تعليم جي کوٽ هئي. مسلمانن پنهنجي نياڻين کي موجوده تعليم دير سان ڏيارائي. مان توهان کي پنهنجو ذاتي مثال ٿو ٻڌايان. 1948ع جي وقت ۾ منهنجي ٻن ڀينرن کي بابا اسڪول ۾ داخل ڪرايو، پر پنهنجن جي چوڻ تي ته ”نياڻين کي اسڪول موڪليندؤ“؟ بابا ٻنهي ڀيڻن کي اسڪول مان ڪڍائي گهر ويهاريو، جڏهن ته مان ۽ ننڍو ڀاءُ پڙهياسين پئي ۽ وقت سان پوءِ فرق آيو ۽ منهنجي ننڍين ڀيڻن 1955ع کان پوءِ تعليم حاصل ڪئي. سو مان جي چوڻ جو مطلب ته شروع دور ۾ مسلمان نينگريون تعليم جي ميدان ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ هيون ته ادب ۾ ته بلڪل نه هئڻ برابر هيون.
س: سنڌ ۾ عورتن جو لکيل نثر باقاعدي طور ڪڏهن کان ڏسڻ ۾ اچي ٿو؟
ج: 1955ع کان عورتن جو لکيل نثر بلڪل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٽه ماهي مهراڻ، نئين زندگي، مارئي، ۽ پوءِ ٻين رسالن ۾ سندن لکيل مواد ڇپبو هو. هند جي ليکڪائن جا مضمون ۽ ڪهاڻيون پڻ هتي ڇپبا هئا ۽ هتان جون عورتون پڻ آهستي آهستي لکڻ لڳيون.
س: سائين! اهو لکيل ادب هتي اُنهيءَ وقت ۾ ڪيئن پهچندو هو؟
ج: اهو ڏاڍو مشڪل سان ملندو هو. انهيءَ وقت ۾ وڏا مسئلا هئا، نه هو انٽرنيٽ جو هاڻوڪو سک، نه ئي ٽپال جون ڪي خاص سهوليتون، اديب، پڙهندڙ طبقو ۽ پبلشرز هند جي ادبي مواد لاءِ واجهائيندا پيا هئا. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪي رسالا جڏهن هتي پهچندا هئا، تڏهن اهو مواد هڪدم هتي رسالن ۾ ڇپجي ويندو هو ۽ هتان جا مخزن ۽ ڪتاب جڏهن اتي پهچندا هئا ته اهو مواد پڻ اتي شايع ٿيندو هو ۽ ايئن ادبي ۽ علمي ليکن جي ڏي وٺ قائم هئي. انهيءَ وقت ”روح رهاڻ“ ۾ پوپٽي، سندري، تارا ميرچنداڻي ۽ ڪلاپرڪاش جون ڪهاڻيون شايع ٿيون هيون.
س: سائين! اهو ڪهڙو سبب آهي، جو سنڌ ۾ ڪابه هندو وڏي ليکڪا 1947ع کان پوءِ اڀري سامهون نه آئي آهي؟ ڇا سنڌ جا هندو پنهنجي اولاد کي سنڌي ٻولي ۽ ادب ڏانهن راغب نه ڪرڻ جي ڪوتاهي ڪري رهيا آهن؟
ج: توهان بلڪل سورنهن آنا صحيح ڳالهه ڪيو پيا ۽ اهو اهم سوال اٿاريو اٿوَ. واقعي ورهاڱي کان پوءِ ڪابه هندو ليکڪا سنڌ مان نه اُسري آهي. مان سمجهان ٿو ته ڪريم هندو طبقو هتان هليو ويو ۽ ماحول ڪجهه افراتفريءَ وارو ٿي ويو. موجوده وقت گهڻو هندو طبقو ڪراچيءَ ۾ ۽ ڪجهه اپر سنڌ ۾ آهي، پر اها بلڪل حقيقت آهي ته سنڌ ۾ هندو نياڻين جي نثر ۾ شموليت گهٽ آهي. پشپا ولڀ ۽ گوري ولڀ ڪجهه لکيو آهي، پر اهو پڻ شاعريءَ سان لاڳاپيل وڌيڪ آهي.
ٻي ملاقات (2008-01-15)
س: سائين! بيگم زينت عبدالله چنا جي فن جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻ ڏيو ۽ پوئين ملاقات ۾ توهان واعدو ڪيو هو ته توهان کي “روح رهاڻ” جا پراڻا پرچا ڏيندس.
ج: ها بابا بلڪل اهي مون توهان لاءِ ڪڍي رکيا آهن. (حميد صاحب جي وڏي مهرباني، جو پاڻ مون کي ڪافي ڪتاب ۽ روح رهاڻ جا پرچا سوکڙيءَ طور ڏنائون) بيگم زينت عبدالله جي باري ۾ مان توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته هن جون صحافتي خدمتون لاجواب آهن. هن ادب ۾ ٿورو ڪم ڪيو، پر سٺو ڪم ڪيو. سندس تحرير ۾ پختائي هئي. هوءَ پڙهيل ڳڙهيل ۽ باحثيت گهرجي عورت هئي. سندس گهرواري عبدالله صاحب جي وڏي لائبريري هئي. هُوروينيو کاتي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي هو. منهنجي ذاتي ادبي شوق وڌائڻ ۾ پڻ عبدالله صاحب ۽ بيگم زينت جو وڏو هٿ هو. مان شام جو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هئس ته صبح جو بيگم زينت سان گڏ لائبريريءَ ۾ “مارئي” مخزن جي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو هئس. ايئن پڙهڻ ۽ لکڻ جي شوق کي هٿي ملي ۽ اڳيان هلي ”روح رهاڻ“ جي اجراء پويان پڻ اهي ئي حالتون هيون. بيگم زينت سڀاءَ ۾ تمام مهربان ۽ محنتي خاتون هئي. کيس مطالعي جو گهڻو شوق هو. ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ”مارئي“ مخزن تي گهڻي محنت ڪيائين. انهيءَ وقت چڱيون عورتون لکندڙ هيون. درشهوار سيد جون ڪافي ڪهاڻيون “مارئي” رسالي ۾ ڇپيون.
س: حميد صاحب! سنڌي نثر ۾ عورتن جي ڪيل ڪم تي پنهنجي راءِ ڏيو.
ج: لکڻ جي حوالي سان اسان جي هندو ليکڪائن تمام سٺو لکيو ۽ 1947ع کان پوءِ سنڌ جي مسلمان ليکڪائن به پاڻ ملهايو آهي. بيگم زينت جي ڪهاڻي “رانديڪو” ۽ سندريءَ جي ڪهاڻي “پاپڙن واري” کي توهان پڙهو ته هڪجهڙائي هوندي به انفراديت آهي. هنن ڪافي نون موضوعن تي پڻ لکيو آهي. گهڻين سٺو لکيو جيئن پوپٽي، سندري، بيگم زينت، رشيده حجاب، ثميره زرين، خيرالنساء، اقبال پروين سومرو، ماهتاب محبوب ۽ هڪ ٻي ڪهاڻيڪارا ايس تبسم جي نالي سان هئي. سندس ڪهاڻيون انعام يافته هيون ۽ ٻيا به گهڻائي نالا آهن. مان کي هن وقت گهڻين جا نالا ذهن تي نٿا اچن. پر وري به اهو چوندس ته هن وقت به سنڌي عورتون تمام سٺو لکي رهيون آهن جيڪو موضوع، مواد ۽ ٻوليءَ جي حوالي کان تمام اهم آهن. حقيقت ۾ پروين مان توهان کي ٻڌايان ته عورت کي ميچوئر ڪرڻ ۽ Reform ڪرڻ ۾ مرد جو هٿ آهي، بحيثيت پيءُ، ڀاءُ، مڙس جي. اسان جي ليکڪائن فقط ادب وسيلي پنهنجي حقن جي ڳالهه نه ڪئي آهي، پر پنهنجو مؤقف مڃائڻ لاءِ تحرير ۾ Logic سان پختگي آندي آهي، جيڪا خوش آئينده ڳالهه آهي ۽ خاص طور اهي ليکڪائون، جن سنڌي ٻوليءَ جي ادب سان گڏ ٻين ٻولين جو ادب پڻ پڙهيو آهي. انهن جذبن کي ڇهڻ وارو ادب سمجهيو آهي ۽ ادب اهوئي آهي، جيڪو توهان کي appeal ڪري.
س: حميد صاحب! ڇا عورت ۽ مرد جو هڪ ئي موضوع تي نقطه نظر (Point of view) ۾ فرق هجي ٿو؟
ج: ها، بلڪل! هر ليکڪ جي Presentation الڳ الڳ هوندي آهي ۽ عورت ۽ مرد ۾ ته وري وڏو فرق آهي. نفسياتي نقطهءِ نگاهه کان پڻ سندن اپروچ الڳ الڳ آهي. عورتن ۾ پڻ ڪلا پرڪاش وٽ پنهنجا جذبا آهن، هوءَ عورت جون محروميون ٿي بيان ڪري ته ماهتاب جو پنهنجو انداز آهي. نورالهديٰ شاهه عورت جي حق تلفيءَ جي جذبن کي اڳيان آندو آهي. هن سوشوايڪانامڪ سيٽ اپ ۾ عورتن تي جيڪي ظلم ٿين ٿا، يا انهن سان ٻه اکيائي ٿئي ٿي، يا انهن جي جذبن کي قتل ڪيو وڃي ٿو، مرد ٽي ٽي زالون ۽ حويليءَ ۾ سريتون ٿو رکي ۽ انهيءَ تي هڪ عورت ڇا ٿي سوچي، انهيءَ درد جا، انهيءَ ساڙ، حق تلفيءَ ۽ ڏک جا جذبا جيڪي خود عورت ليکڪا بيان ڪري سگهي ٿي، مرد نٿو ڪري سگهي. مثال طور ڪارو ڪاريءَ جي مسئلي کي کڻون. انهيءَ ۾ مرد ۽ عورت جي لکڻين ۾ فرق آهي. ڪنهن ماءُ کي ڪاري ڪري مارڻ سان انهيءَ ماءُ جي ممتا جو احساس جيڪو عورت writer ڪري سگهي ٿي، اهو ٻيو ڪير نٿو ڪري سگهي. جيئن هڪ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڌيءَ تمام پريشان آهي ته سندس ماءُ کي ڪاري ڪري ماريو ٿو وڃي. هوءَ ماءُ جو بچاءُ (Protect) ڪري اهو الزام پاڻ مٿان کڻي ٿي ته جيئن سندس ٻيا ننڍا ڀائر ڀينرون رلي نه وڃن ۽ پورو گهر تباهه ٿيڻ کان بچي. سو مطلب ته توهان جاٿي ڪاٿي ڏسو ته عورتن پنهنجي صنف نازڪ جي مسئلن کي مردن جي نسبتًا صحيح express ڪيو آهي. مطلب ته ساڳئي مسئلي تي عورت جي سوچ ويچار جو انداز الڳ آهي ۽ مرد جو الڳ.
حميد صاحب کان ڪتاب جي تحفن ۽ دُعائن سان موڪلايم.