هنڌ اهو سڙي جتي باھ لڳي، ان ڪري جيتري باھ ۽ تپش هاڻي ايران ۾ آهي شايد ايتري تپش پهرين نه هئي، ان ڪري سموري دنيا ايران سان تعزيت ڪئي. معاملا ڪيترا به بگڙيل هئا، پر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي ڳالهيون ٺاهيو پئي آيو، ايستائين جو هن کي اها ڳالھ ڀلي ڀتِ خبر هئي ته پاڙيسرين سان نٿو ڦٽائي سگهجي ۽ انهن سان بهتر لاڳاپا عالمي ڀائپي ۾ وڏي اهميت وارا ٿين ٿا، ان ڪري روس، چين سميت رئيسي پاڪستان ۽ افغانستان مان به هٿ نه ڪڍيو ۽ پرڏيهي پاليسيءَ تحت انهن سڀني کي ڳنڍي هليو، پر اسرائيل ۽ آمريڪا کي اکيون ڏيکاريائين جو جڏهن اسرائيل 15 اپريل تي غلطيءَ سان يا ڄاڻي ٻجهي شام ۽ لبنان جي سفارتخاني تي حملا ڪيا ته ايران به ٻنهي پراڻن دشمنن کي اکيون ٿرڙائي ڏٺو ۽ بدلو چڪايائين ۽ بدلي ۾ آيل ميزائيلن کي “ڊفيوز” ڪرڻ جي حرفت به حاصل هئس. توڙي جو هن جي دور کان اڳ ايران شديد بحرانن ۾ ڦاٿل رهيو، ان ڪري ته 2015 واري عالمي پابندي ۾ ايران لاءِ اسرڻ، معاشي سرگرميون ڪرڻ، پاڙيسرين سان لاڳاپا بحال ڪرڻ ڪا سولي ڳالھ نه هئي توڙي جو يو اين او جي لاڳيتن اجلاسن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ايران جي خلاف قراردادون پيش ۽ پاس ڪيل هيون، جنهن ۾ سخت پابندين سان گڏ اهو به هو ته ڪير به ايران سان واپار نه ڪري ۽ ڪير به ايران جي اندر نه سامان اماڻي نه اتان گهرائي، پر پوءِ به ايران جي اها همت هئي ته انهن پنهنجي پيرن تي بيهي اهي سڀ ڪم ڪري ڏيکاريا جن وري دنيا جي طاقتن کي چيڙائي رکيو، پر حقيقت اها به آهي ته ٻاهريون طاقتون پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ٿيون وڃن. ان ڳالھ کان به انڪار ناهي ته اسرائيلي ۽ آمريڪي ايجنسيون پئسي جي آڌار تي جيڪو چاهين ڪري سگهن ٿيون. انهن جا ڪارندا به اهي لوڪل ماڻهو هجن ٿا جيڪي حڪومت مخالف هجن ٿا جيڪي يا ته اليڪشن هارائي وڃن ٿا يا اهي ڪنهن فرقي جي بنياد تي اهي سڀ حملا ۽ چالون هلي ٿا وڃن جنهن ۾ دشمن جي فتح ٿئي ٿي ۽ اهي سرخرو ٿي ٿا وڃن. هاڻوڪي رئيسي واري هيليڪاپٽر حملي ۾ ڪير اها ڳالھ نٿو سمجهي ته اهي سڀ ڪم ٻاهرين طاقتن ايتري صفائي سان ڪري ورتا جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي، ان ڪري جو انهن جو هر دفعي سان وارُ ٻيو ٿو هجي، ڪنهن کي کڙڪ نٿي پئي ته ٿيو ڇا ۽ ڪيئن ٿي ويو؟ پر اهي طاقتون جيڪي عالمي چالن ۾ ملوث رهن ٿيون اهي سڀ ڪم ڪري ٿيون وڃن، جنهن جا پيرا وري به اولھ جي ايجنسين سان ملن ٿا. ان ڪري ته 1975 کان وٺي اسلامي سربراھ ڪانفرسن جي انهن سڀني حڪمرانن کي ڳڻي ڳڻي ان طريقي سان ماريو ۽ شهيد ڪيو ويو جو هر ڪنهن جي واردات جو طريقو مخلتف هو، ڄڻ ته ڊرامائي ۽ فلمي سين وانگي ڪي چالون هلي ويا، جو هاڻي به ماڻهو اهو يقين ڪن ته 19 مئي جي ان شام جو جڏهن هيليڪاپٽر موٽيو ته جبلن جي وچ ۾ موجود شديد ڪوهيڙو انهن سڀني ايراني اڳواڻن جي موت جو سبب بڻيو. حالانڪه ان برانڊ جي آمريڪي هيليڪاپٽر سان هيل تائين حادثا گهٽ ٿيا آهن ۽ ان برانڊ جي هيليڪاپٽرن کي هر موسم جي لاءِ بهتر سمجهيو ويندو آهي، جيڪو 1960 ڌاران ڪئناڊا جي فوجين پنهنجي استعمال لاءِ بڻايو هو، بهرحال رئيسي کي مذهبي تنظيم ۾ مضبوط اعتبار حاصل هو، مرحوم رئيسي جا خميني ۽ خامنه اي سان گهاٽا رشتا هئا، جن کيس ڪيترن ئي اعليٰ عهدن تي مقرر ڪيو. هو حڪومت جي سڀني شاخن، فوجي ۽ قانون سازي سان گڏوگڏ طاقتور نظرياتي حڪمران طبقي سان سٺا لاڳاپا برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهيو. هاڻي سوال اهو آهي ته ايران اقتدار جي آسان منتقلي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري، ان ڪري جو 2020 ۾ قاسم سليماني کي شهيد ڪرڻ جي پويان ايراني فوج کي ڪمزور ڪرڻ هو ۽ ٻاهرين طاقتن اهو سمجهيو ته اهي ايران جي فوج کي ڪمزور ڪري انهن جي ايٽمي پرگرام کي ڌڪ رسائي سگهن ٿا، پر حيرت اها به آهي ته جيڪڏهن آمريڪا وٽ ايٽمي طاقت ۽ خطرناڪ هٿيار آهن ته سموري دنيا ۾ امن آهي ۽ جيڪڏهن اها ئي طاقت يا هٿيار غلطيءَ سان جيڪڏهن پاڪستان ۽ ايران وٽ آهن (يا هوندا) ته دنيا جي امن کي خطرو ٿي سگهي ٿو، پر هاڻوڪي ڳنڀير ۽ غمگين صورتحال ۾ ايران کي اسرائيل ۽ ٻين مخالفن سان ڇڪتاڻ جي نون دورن کان پاسو ڪري هلڻو پوندو، جيستائين جولاءِ جي آخر يا آگسٽ جي شروع ۾ ڪا نئين سرڪار جڙي تيستائين ڪنهن ٻئي خلفشار کان بچي سگهي. ڇو ته نيئن حلف برداري ۽ نئين سفارتي قدمن کڻڻ ۾ دير ٿي سگهي ٿي، ان ڪري جو هاڻوڪي هيليڪاپٽر حملي ۾ پرڏيهي وزير کي به هڪ طرح سان قتل ڪيو ويو آهي. هاڻي واري حادثي ۾ ”باغيري ڪني“ جيڪو رئيسي جي ماتحت ايٽمي ڳالهين جو اڳواڻ به هو، جنهن وڏي چالاڪي ۽ ڪاميابيءَ سان ايٽمي پروگرام کي خوش اسلوبيءَ سان هلايو پئي ۽ اسرائيل تي ڊرون حملي جو ماسٽر مائينڊ به هو. جيتوڻيڪ باغيري ڪني 2015 جي ايٽمي معاهدي تي سخت تنقيد ڪندڙ به هو. مئي 2024 جي وچ ۾ باغيري ڪني مبينا طور تي علاقائي تڪرارن کي گهٽائڻ تي وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا لاءِ وائيٽ هائوس ڪوآرڊينيٽر بريٽ ميڪ گرڪ سان اڻ سڌي طرح ڳالهيون به ڪيون هيون، پر باغي ڪني ۽ يورپي يونين جي عملدارن جي وچ ۾ 22 مئي تي مقرر ڪيل ملاقات مبينا طور تي هيليڪاپٽر حادثي کانپوءِ منسوخ ڪئي وئي.