ڪلاسيڪل ڪردار,ڪاڪو بصر ريٻاري
خالد پرويز
مون ننڍپڻ ۾ جيڪي به ڪردار ڏٺا، کين ٻڌڻ جو موقعو مليو، اھي سڀ تقريبن بابا سائين جي صحبت ۽ محبت ۾ رھيا. جن مان ڪجھ ڪردارن جو ذڪر چاچا حاجي ڇٽو خان ھيسباڻي تي لکيل سندس پروفائل ۾ ڪيو اٿم.
انهن ٻهراڙي جي اڻ پڙهيل سادن اشراف ۽ جي ۽ ۾ جايون ڏيندڙ ڪردارن تي لکندي مون کي ايئن لڳندو آھي ته بابا سائين جي سمورن ساٿين ۽ ٻيلين تي لکندي، آئون سندن محبتن جو ڏنل قرض پيو لاهيان.
سندن شخصيتن جي سڃاڻ ڪرائيندي مون کي فخر ٿيندو آھي. منهنجو پروفائل لکڻ جو مقصد اهو هوندو آيه ته پڙهندڙ ان شخصيت جي مزاج کان چڱي ريت واقف ٿي وڃن ته منهنجو پورهيو سجايو ٿيندو.
مون کي سوشل سائنس ۾ سماجيات جي ھنر جو جيڪو مشاھدو انهن ماڻهن کي ڏسي ٿيو، جڏهن انهن گهٽ پڙهيل سادن سودن ۽ دريا دل عقل جي اڪابرن جي ڀيٽ جڏهن جديد سول سوسائٽي جي معتبر، وڏيون ڪرسيون والاريندڙ، ڪامورن، سياستدانن ۽ مادي آسائيشن، پئسي پرست صاحبن سان ڪيم ته انهن جي ڀيٽ ۾ مون کي اھي سادا سودا ٻهراڙي جا ڪلاسيڪل ڪردار تمام وڏا ماڻهو لڳا. پنهنجن اڀرن سڀرن مالي وسيلن ھوندي به ھو خواھشن جي انڌن گهوڙن تي سوار ڪونه ٿيا. پنهنجو ٻني ٻارو، اڀرو سڀرو ڌنڌو ڌاڙي، مال مڙو ڏکي ويل لاءِ بچت ڪيل ڪجھ ڏوڪڙ، جيڪي فقط اويري سويري بيماري سيماري، غمي خوشي ۽ ڪنهن ڏکي مهل، ڪنهن جي ڪم اچڻ لاءِ رکبا هئا. ھو انهيءَ ۾ خوش، رب جي رضا تي راضي هوندا هئا. آسي پاسي جي ڳوٺن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو اھڙو هوندو هو ڄڻ سڀ هڪٻئي جي مٽي مائيٽي ۾ ڳنڍيل هجن. قرب، ڪچهريون، محبتون، آيل کي جيءَ ۾ جايون ڏيڻ، سندن مهمان نوازي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏڻ اھي ھئا اسان جي لوڪ فوڪ جا ماڻهو.
ڳالھ شروع ٿي ڪاڪي بصر ريٻاري کان، ريٻارين جي تاريخ ۾ ڪن ڏاھن جي خيال موجب اصل ۾ اهي ڪرد آهن جيڪي سوين سال اڳ اچي ڪڇ ڀڄ وٽان سنڌ ۾ آباد ٿيا. سومرن جي حڪمراني ۾ ريٻاري سمن جي راڄ ۾ ويٺل ھئا. سمن جي ڪنهن راڄ ڌڻي جڏهن ريٻارين کان سڱ جي گهر ڪئي ته ريٻاري راتو واهه اتان ٻارين ٻچين نڪتا ۽ اچي سومرن وٽ پناھ ورتي، سمن، سومرن تي ريٻارين جي سڱ لاء وڏا زور لاٿا پر سومرن کين جواب ڏئي ڇڏيو.
سومرا توڻي انهيءَ دور جا حڪمران هئا پر سما به چڱي خاصي سگهاري قوت هئا پر سومرن جي اڳيان ڪمزور هئا. سومرن جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ حڪومتي دور سمن جو ئي آيو. سومرن جي دور کان پوءِ سمن جي دور جو اچڻ، جنهن مان لڳي ٿو ته هو ٻي فيصلائتي قوت ھئا.
سومرن جي دور ۾ ريٻاري سندن فوج جا سپھ سالار ۽ لشڪر ۾ به رهيا آهن. دودي سومري جي شهادت کانپوءِ ريٻاري سوين سال سندس سوڳ ۾ رهيا، سندن ويس ڪارو هوندو هو ۽ کٽن تي ڪونه سمهندا هئا. ستر جي ڏهاڪي ۾ فتح ٽيڪسٽائل مل جي مالڪ ولي ڀائي، سردار رحيم بخش سومرو، الاھي بخش سومرو، ڊاڪٽر غلام حسين سومرو ۽ عبدالخالق سومري جن دودي سومري جي عرس تي ڪٺ ڪيو ۽ دودي جي مزار تي ريٻارين جي سوء لهرائي .
ڪاڪو بصر سفا سادو سودو ٿور ڳالھائو، جهڏي ۽ پنگريي جي تر ۾ اٺن جي وڏن وڳن سان ڪڏهن ڪنهن زميندار کان چار ايڪڙ گاھ جا ٻوليا ته ڪڏهن ڪنهن زميندار کان اٺ ايڪڙ ٻوليا، گاھ ختم ٿيو وري ڪنهن ٻي زميندار وٽ وڃي عرض ڪندا ھئا. جتي به گاھ پٺي جي ٻول ٿي اتي پنهنجا پکا اڏي ويهي رهندا ھئا.
ڪوشش اها هوندي هئن ته پکا ڪنهن شاخ يا واٽر جي ڪپ تي اڏجن جيئن سندن، اٺن جي ۽ انهيءَ سان گڏ ٻڪرين رڍن ۽ گابن جي لاءِ پاڻي جي ڏکيائي نه ٿئي. ڪاڪي بصر ۽ سندن، سڄي برادري جو لباس پٽڪو، صدري ۽ گهير واري شلوار هوندو ھو، عورتن جو وري گهاگهر پڙو ۽ چني جي طور ڪاري لوئي، ٻانهن ۾ وڏا چوڙا جيڪي هنن اوڻهتر ستر جي ڏهاڪن کانپوءِ ۽ دودي سومري جي سوء لهڻ کانپوءِ پائڻ شروع ڪيا ھئا، نڪ ۾ وڏي چاندي جي نٿ، جيڪا سينڌ کان ھيٺ لهندي نڪ تائين پهچندي ھئي. ڳچي ۾ به چاندي جون ھنسليون ڪنن ۾ وڏا والا ھوندا ھئا. سندن ڪار وهنوار ۽ گذر سفر، اٺ، ٻڪريون، رڍون، ھنا، اٺ وري سندن گذر سان گڏ سندن لڏپلاڻ ۾ ڪارگر هوندا هئا. ڏھ پندرنهن گهر پاڻ ۾ ڀونگا اڏي ويهندا ھئا. مال جو چارو ختم ٿيو وري ٻي ڀونءِ. ھر ڪنهن سان نياز نوڙت ھٿ جوڙ واري ريت، سندن سماجي زندگي محدود هوندي ھئي. مون انهيءَ وقت ۾ ريٻاري برادري جو ڪاڄ ڪونه ٻڌو يا ڏٺو. کير به جام هوندو هو، اوٺو کير، ٻڪرين، رڍن جو کير ڍڳين جو کير، لسيون مکڻ به جام پر مون ڪڏهن ڪونه ٻڌو ته ريٻارين کير کپايو. اوٺن وڳن سان گڏ اوٺارن کي ڪنجهي جا وٽا ڪلهن تي، جيڏي مهل ضرورت پئي اتي جو اتي اٺڻي جو تازو کير ڪنجهي جي وٽي ۾ ڏھي، تڪ ڏئي ڍئو ڪري وري اھي ٿا وڃن. سندن عورتون وري ٻڪرين رڍن ڍڳين، گابن جي چاري پويان هونديون هيون. ھر ڪنهن وٽ چار ڏوڪڙ صدرين جي کيسي ۾ پيا هوندا ھئا. زندگي بس ايئن ئي خانه بدوشن واري هوندي ھئن “نا ڪسي سي دوستي نا ڪسي سي بير”
ڪاڪو بصر جڏهن به ان تر ۾ ايندو ھو ته بابا سائين سان نيازمندي ھئڻ ڪري لڙي ايندو ھو، زماني جا حال احوال ڍڳين جا گابن جا اٺن جا ٻڪرين جا حال، تر ۾ جتي جتي وقتي طور رھائش اختيار ڪيائون انهي تر جي زميندارن جا حال احوال اوريندو ھو. تنهن وقت ۾ زميندارن ۾ به اشرافت هوندي ھئي، آيو ويو سندن اوطاق تي ٽڪر کايو پيو ويندو هو، پاڙي جو، ننگن جو حياءُ، ڳوٺ ۾ ڪو اسڪول هوندو ھو ته ماستر کي به ماني عزت سان کارائيندا هئا. پاڙي اوڙي ۾ اگهائي سگهائي ۾ پنهنجا ڏاند ۽ بيل گاڏي ڏبي ھئي، جيئن مريض شهر ڀيڙو ٿي ڊاڪٽر تائين پهچي. مطلب ته انهي وقت به رئيس وڏيرا ننگائتا هوندا هئا. ھڪڙي ڀيري بابا جي ۽ ڪاڪي بصر جي ڪچهري پئي ھلي، “بصر! ڳالھ ته ٻڌ يار، اوهان سڄي زندگي خانه بدوشن وانگر گذاري ڇڏي، ڪو پنهنجو تڏو ڪريو.” بابا چاچي بصر سان مخاطب هو ڪاڪو بصر ته صدين کا مسافرن واري زندگي گذاريندو آيو ھو، مرڻو به مسافري ۾ ته جيئڻو به سفر ۾ سو ڪجھ حيران ٿي بابا جي منهن ۾ تڪڻ لڳو. ڪو زمين جو ٽڪرو وٺي ڳوٺ ٻڌي ويهي رهو. بابا وري صلاح ڏنس. ڪاڪي بصر وراڻيو، ماستر ڳالھ ته ڀلي پر اسان مسڪين ماڻهو، اسان جيڪڏهن ڪٿي زمين جو ٽڪرو ورتوسين ته تر جا وڏيرا ۽ رئيس اسان کي سهندا ئي ڪونه. اھو هو ڪاڪي بصر جو سماجي علم جنهن ۾ ھو تر جيترو به گٿو ڪونه ھو. بابا ڳالھ کي سمجهي ويو ته ڳالھ بصر صحيح ٿو ڪري. ڀلا ڪو ڪاروبار کڻي ڪر، بابا وري صلاح ڏنس، ماستر تنهنجون خبرون به بادشاهن واريون آهن، ڪاروبار به ڪجي ته ڪو حساب ڪتاب ڪرڻ وارو همراهه به هجي، اسان جي ابن ڏاڏن ڪڏهن اسڪول جو منهن به ڪونه ڏٺو. تو وارو وڏو ڇوڪرو ڪيڏو آھي بابا پڇس، وڏو ڇوڪرو ويسو آهي، اهو پنهنجو اٺن جو وڳ سنڀالي، پنهنجي گهر تڙ وارو آهي. انهي کانپوءِ همير آهي، اهو به اٺن حوالي، ننڍو انب آھي اهو خاشو آهي پر اڃان ننڍو آھي. خير قصو ڪوتاھ فيصلو ٿيو ته ڪارو صبح جو اٺيون چاريندو شام جو بابا وٽ اسڪول پڙهڻ ايندو. ڪاڪو بصر سمجهي ويو ته ماستر سندس لاءِ ڪا واٽ ڳولي آھي، نهڪر نه ڪيائين. ٻئين ڏينهن هڪڙو مڇين سانول ڇوڪرو اچي بابا جي اسڪول تي نڪتو بابا ٻاراڻو ڪتاب، سليٽ پين، انگن جو ڪتاب ڏنس ھٿ ۾. هاڻي ٿي ھمير جي پڙهائي شروع، ٽن چئن مهينن ۾ ھمير ڪچا سچا اکر به لکڻ لڳو، سئو تائين انگ به ياد ڪري ويو، ويهن تائين کوڙا به سکي ويو. ريٻارين ۾ اهو پهريون ڇوڪرو هو جنهن اسڪول جو منهن ڏٺو، ٻاراڻو ڪتاب ۽ پهريون سنڌي لکڻ پڙهڻ سکي ويو، پوءِ ته سندس ننڍي ڀاءُ انب به بابا وٽ پنج درجا پاس ڪيا. ڪاڪي بصر جي ۽ بابا جي صلاح اها بيٺي ته جهڏي ۾ ڪپڙي جو دڪان کولجي، بابا ڪاڪي بصر کان پڇيو، بصر پئسا گهڻا اٿئي؟ ڪاڪي بصر ھيڏانهن ھوڏانهن لوڻا ھڻي پڪ ڪئي ته سندن آسپاس ڪير آھي ته ڪونه، وراڻي ڏنائين، ماستر ڇٽيھ هزار ھڙ ۾ اٿم، اھي ڇٽيھ ھزار ڪاڪي بصر تڏهن ٻڌايا جڏهن اھو زمانو هجي ٽيهتر يا چوهتر جو. ھاڻي هڪڙو ڪم ڪر، جهڏي شهر ۾ وٺ ڪو دڪان، تون هليو وڃ حيدرآباد، فتح ٽيڪسٽائل مل وارن وٽ انهيءَ مل جو سيٺ ڪو ولي ڀائي آهي ڪڇي سومرو اٿئي، ھائو برابر! ڪاڪي بصر وراڻيو، دودي سومري جي شهادت کانپوءِ اسان جي برادري يڪو سوڳ ۾ ھئي، ڪجھ سال ٿيا آهن اسان ريٻارين جو سوڳ انهيءَ سيٺ ۽ رحيم بخش سومري وارن، دودي بادشاهه تي ميلو لڳو تڏهن ختم ڪرايو ھو نه ته انهي کان اڳ اسان ڪارا ڪپڙا پائيندا هئاسين ۽ کٽ تي به ڪونه سمهندا هئاسين. اهو ساڳيو سيٺ اٿئي، بابا وراڻيس، چار ڏوڪڙ کڻي ويندين وٽس ته توکي رعائتي اگھ تي ڪپڙو ڏيندو. اٺ ۽ مال تون سنڀاليندين، ھمير کي ڪڍي ڏي جهڏي ۾ ڪپڙي جو دڪان.
ڪاڪو بصر زماني جو ماڻهو هو ڳالھ سمجھ ۾ اچي ويس، بابا سائين جي صلاح تي اچي نڪتو حيدرآباد فتح ٽيڪسٽائل مل جي مالڪ سان ملاقات ٿي، سيٺ ڪاڪي بصر کي وڏي شان مان سان ڪپڙو ڀرائي ٽرڪ سميت ڪيو جهڏي روانو، چوي بصر، دودي سومري جي شهادت کانپوءِ اوهان جا ابا ڏاڏا، سوين سال سوڳ ۾ رهيا، اھا سوڳ به اسان لهرائي آھي . هاڻي جي وڻي ته ايترن پئسن جو ڪپڙو منهنجي طرفان کڻي وڃ جڏهن ڪمائي وٺين تڏهن اوڌر لاهج، باقي آئون گهرندس ڪونه پر چاچي بصر ھٿ ادب جا ٻڌي، نيازمندي سان انڪار ڪندي سندس مهرباني مڃي ۽ اچي جهڏي پهتو. ڪاڪي بصر جو ڪپڙي جو دڪان کلي ويو. ھمير سمجهدار هو، دڪان مچي ويو، بس اتان کان ڪاڪي بصر جي زندگي ۾ ڦيرو اچي ويو. بس ڪاڪي بصر کي ڄڻ لعل لڀي پيو. بابا سائين لاءِ عزت احترام ۽ نيازمندي اڳي کان اڳري. ماستر ڳالھ ٻڌ تو اسان جانورن کي انسان بنايو، تون اسان لاءِ ديوتا سما آهين.
بابا کلي چوندو ھو، بصر مون ڇا ڪيو؟ مون توکي ڏني صلاح، عمل تو ڪيو ھاڻي گس ملي ويو اٿئي.
سائين پوءِ ڪاڪي بصر جو انهي ساڳي بازار ۾ وڏو ريزڪي دڪان ٿيو، جيڪو انب سنڀاليو. جهڏي شهر ۾ وڏي ماڙي ورتن، ڪجھ ٻيون جڳهيون ۽ دڪان ورتن. سندن ديکا ديکي ۾ ٻيو بصر جنهن کي سڏيندا هئا ڊگهو بصر انهي دڪان کوليو، واپارڪي ڌنڌي مين ريٻاري ڪاھي پيا شهر ۾ ۽ عزت ۽ مان شان سان زندگي جو سفر شروع ٿي وين.
وري جڏهن بابا سائين جهان ڇڏيو ته همير تڏي تي ٻه ڏينهن ويٺو رهيو. اکين مان پاڻي اڇلون ڪري پيو وھي، چئي ابو بصر ته برابر اسان جو پيءُ هوندو ھو، پر سائين محمد الياس اسان جو ابو هو ابو. اسان کي هن منزل تي پهچائڻ وارو سائين محمد الياس ھو. بابا سائين آخر تائين ڪاڪي بصر کان ڀيرو ڪونه ڀڳو. ڪاڪو بصر وڙائتو مڙس، بابا پهتو جهڙو مرشد پهتو، ھمير ۽ انب پيرين پئي ملندا ھئا، وڏو ادب ڪندا ھئا، بابا جڏهن ڪاڪي بصر جي مرتيئي جو ٻڌو ته ڏک ۾ وٺجي ويو. چيائين يار بصر جهڙا ماڻهو ڪٿي، ويو يار موڪلائي. سو ھاڻي ته ٻڌون ٿا ريٻارين جو روشن آباد واري پاسي پنهنجو وڏو ڳوٺ ٻڌل آھي. زمينون ورتيون اٿن، ڇوڪرا پڙهن پيا، ڇوڪرين ۾ به پرائمري تعليم جي شروعات ٿي وئي آهي. مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي آھي جڏهن ريٻارين جي سماج ۾ ترقي جي ۽ سندن علم جي ڳالھ ٻڌندو آهيان. ڪاڪا بصر جتي به هجين بس سک سان آرامي هجين. تنهنجا پونئر شل سکيا ۽ آباد ھجن.
خالد پرويز
خالد پرويزڪنڀر، يونيورسٽي ۾ ليفٽ جي شاگرد سياست ڪندڙ ۽ مزاحمتي شاعر به رهيو آهي، سنڌي ڪالمن کانسواءِ اردو جا بلاگ پڻ لکندو آھي. سندس لکڻ جو محور، اقليتون، عورتون ۽ ٻار آهن. پاڻ حيدرآباد ۾ رهندا آهن.