ڪشور ڪمار ــ هر احساس جو آواز
جڏهن به اداس يا مايوس ٿبو آهي، اڪيلائي محسوس ڪبي آهي… يا وري دنيا جي سمورن ڌنڌن کان ٿڪجي پئبو آهي، ته موسيقيءَ جو سهارو وٺبو آهي ۽ اُن ۾ به وري هڪ مخصوص آواز، جيڪو پنهنجي اندر جو آواز ۽ احساسن جو ترجمان لڳندو آهي، سو ڪشور ڪمار جو آواز آهي. مونکي پڪ آهي ته اوهان ڪهڙي به ڪيفيت ۽ مزاج وارا هجو، پر اوهانکي ڪشور ڪمار جو آواز وڻندو ۽ مزي جي ڳالهه ته هر ڪيفيت تي سندس اڻ ڳڻيا گيت ڳايل آهن. جيتوڻيڪ ڪشور، اداڪاري به ڪئي، جنهن ۾ اڪثر سندس انداز مزاحيه هوندو هو. سندس مزاحيه ڪردارن جي ڪري اڪثر عام ماڻهو کيس رڳو هڪ مزاحيه اداڪار ئي سمجهن ٿا، پر کين اها خبر ئي ناهي ته ڪشور هر رنگ جي اداڪاري ڪرڻ جو ماهر هو. اهو ته سڀ ڄاڻن ٿا ته ڪشور جي آواز، ننڍي کنڊ جي سنگيت سنسار ۾ ڪيڏو تهلڪو مچايو ۽ هن جي آواز ۾ هڪ ئي وقت ڪيڏو نه ڏک، درد، اميد، اتساهه ۽ مٺاس موجود آهي. ڪشور جي ڪريڊٽ تي زندگيءَ جا گيت، پيار جا گيتَ، همت ۽ حوصلي جا گيت، توڙي ڏک، درد ۽ بيوفائيءَ جا گيت، مطلب ته هر رنگَ جا نغما آهن. اداڪاريءَ ۽ گائڪيءَ سان گڏوگڏ هن مختلف فلمن ۾ هڪ ڪمپوزر، پروڊيوسر، هدايتڪار، اسڪرين ليکڪ ۽ اسڪرپٽ رائيٽر طور به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. ڪشور جي ”يُوڊلنگ“ به بيحد مقبول ٿي، جيڪا ننڍي کنڊ جي فلمي موسيقيءَ ۾ اڄ تائين فقط سندس ئي انفراديت آهي.
ڪشور ڪمار جو اصل نالو ’آڀاس ڪمار گنگولُي‘ هو. سندس جنم 4 آگسٽ 1929ع تي گڏيل هندوستان جي مڌيا پرديش صوبي جي ”کنڊوا“ نالي ننڍڙي وسنديءَ ۾ ٿيو، جڏهن ته هو 13 آڪٽوبر 1987ع تي ممبئيءَ ۾ هي جهان ڇڏي ويو. سندس والد ’ڪُنج لعل گنگولي‘ هڪ وڪيل هو. جنهن کي چئن ٻارن جو اولاد ٿيو. انهن ۾ سڀني کان ننڍو ڪشور هو. ڪشور جو وڏو ڀاءُ اشوڪ ڪمار (دادا مُني) ڪشور جي فلمي سفر کان گھڻو اڳ ئي فلمن ۾ اداڪاري ڪندو هو. ايئن چئجي ته ڪشور اڃا ٻار هو، جو سندس وڏو ڀاءُ هڪ مشهور اداڪار بلڪه ’سُپر اسٽار‘ بڻجي چڪو هو. ڪشور ڪمار پنهنجي ٻالڪپڻ کان ئي پنهنجي دور جي مشهور راڳيءَ ۽ اداڪار، ڪي. ايل. سهگل جو تمام وڏو مداح هو ۽ سندس گائڪيءَ جو نقل ڪندو رهندو هو. جنهن مان ظاهر آهي ته ڪشور کي ننڍپڻ کان ئي گلوڪار ٿيڻ جو شوق هو. ڪشور ڪمار پنهنجي وڏي ڀاءُ اشوڪ ڪمار جي چوڻ تي فلمي دنيا ۾ داخل ٿيو ۽ اداڪاري ڪرڻ شروع ڪيائين، ڇو ته سندس ڀاءُ کيس اداڪار جي روپ ۾ ڏسڻ ٿي چاهيو، پر کيس اداڪاريءَ کان وڌيڪ ڳائڻ جو شوق هو. اُنڪري ئي شروع شروع ۾ سندس اداڪاري سندس عدم دلچسپيءَ سبب ڪا خاص مشهوري نه ماڻي سگهي، جيتوڻيڪ اڳتي هلي هن اداڪاريءَ جي ميدان ۾ پڻ پاڻ مڃرايو.
هڪ ڀيري هندوستاني فلمن جو مشهور موسيقار، کيمچند پرڪاش، اشوڪ ڪمار سان ملاقات لاءِ ممبئيءَ ۾ سندس گهر آيو. جتي هن کي ڀر واري ڪمري مان ڪنهن نوجوان جي ڳائڻ جو آواز آيو، جنهن آواز جي مالڪ جو انداز ڪي. ايل. سهگل سان ملندڙ جلندڙ هو. ان تي کيمچند پرڪاش، اشوڪ ڪمار کان پُڇيو ته ”هي ڪير پيو ڳائي؟“ اشوڪ ٻُڌايس ته هي سندس ننڍو ڀاءُ آڀاس آهي، جنهن کي ڳائڻ جو وڏو شوق آهي. کيمچند پرڪاش، ڪشور کي گھرائي ڏاڍو ساراهيو ۽ کيس 1948ع ۾ رليز ٿيندڙ پنهنجي فلم ”ضدي“ لاءِ ديو آنند تي فلمائجندڙ گيت ”مرني ڪي دعائين ڪيون مانگون، جيني ڪي تمنّا ڪونه ڪري…“ ڳارائي بريڪ ڏنو، پر اها حقيقت آهي ته ڪشور کي پلي بيڪ راڳيءَ طور متعارف ڪرائيندڙ ڀلي کڻي کيمچند پرڪاش هجي، پر ڪشور جهڙي هيري کي تراشڻ وارو اصل ڪم ننڍي کنڊ جي ٻئي وڏي موسيقار، سچن ديوَ برمن (المعروف ’ايس. ڊي. برمن‘) انجام ڏنو. جنهن کيس اها نصيحت ڪندي عملي طور ’ڪوچ‘ ڪيو ته ”تنهنجو پنهنجو آواز ئي ڪمال جو آهي، انڪري ڪنهنجو نقل ڪرڻ بدران تُون پنهنجي انداز سان ڳاءِ!“ ۽ پوءِ ڪشور سندس نصيحت تي اهڙو عمل ڪيو، جو هڪ الڳ انداز ۽ آواز سان ايئن اُڀريو، جو سندس انداز کي ڪشور جي گائڪيءَ جو الڳ ’اسڪول آف ٿاٽ‘ مڃيو ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين مڃيو وڃي ٿو.
ڪشور جي ذاتي زندگيءَ تي تحقيق ڪندڙ چون ٿا ته اها انيڪ مونجهارن جو شڪار رهي. ننڍپڻ کان ئي کيس محروميون ۽ بيوفايون پلئه پيون. ڪشور ڪمار چار شاديون ڪيون. رُوما گوها ٺاڪرتا، يوگيتا بالي، مڌو بالا ۽ لِينا چنداورڪر مختلف وقتن ۾ سندس گهرواريون رهيون. جن مان روما ۽ يوگيتا کان الڳ ٿيو، مڌو بالا سان سندس زندگيءَ ساٿ نه ڏنو. البته لِينا چنداورڪر سان هو آخري ساهه تائين گڏ رهيو. کيس ٻن پُٽن جو اولاد آهي، جن مان پهرين ونيءَ رُوما ٺاڪرتا مان سندس وڏو پٽ اميت ڪمار ۽ چوٿين زال لينا چنداورڪر مان سندس ننڍو پٽ سميت ڪمار ٿيو. ڪشور جو وڏو پٽ اميت ڪمار 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ئي هڪ سٺي گائڪ طور پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي چڪو هو، ان وقت ڪشور به راڳيءَ طور پنهنجي عروج تي هو. تنهنڪري ڪشور جي هوندي، سندس فن جي آب تاب ۾ اميت کي ڪا خاص پذيرائي نه ملي سگهي. ان زماني ۾ ڪشور پاڻ کي گهٽ بجيٽ تي آڇ ٿيندڙ گيتن لاءِ موسيقارن کي اميت جو آپشن ڏيندو هو ته ”ايتري بجيٽ ۾ اهو گيت يا اها فلم مان ته نه ڳائي سگھندس، البته منهنجو پٽ اميت ايترن پيسن ۾ ڳائي وٺندو!“ ان طرح سان اميت کي ڳائڻ لاءِ يادگار گيت ملندا رهيا. اميت ڪمار کي مشهور موسيقار راهول ديوَ برمن (آر. ڊي. برمن) ڪافي موقعا ڏئي اڳتي آندو. اميت پنهنجي طرفان ته اڄ تائين ڪوشش ڪندو پيو اچي ۽ هن ڪافي سٺا گيت به ڳايا آهي، پر ڪشور جو پٽ هجڻ ڪري، هر ڀيري سندس آواز کي ڪشور جي آواز سان ڀيٽيو ويندو آهي ۽ ان ئي پيماني تي توريو ويندو آهي، پر ظاهر آهي ته ڪشور ته هڪ ئي هو، جنهن جهڙو ڪو ٻيو نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي ٿي سگھندو!
ڪشور ڪمار شروع شروع ۾ ته فلمي پلي بيڪ جي حوالي سان رڳو پنهنجي لاءِ ۽ ٻيو اداڪار ديو آنند لاءِ ئي ڳائيندو رهيو، پر ان کانپوءِ هن 1969ع کان پنهنجي لاڏاڻي تائين جي لڳ ڀڳ هر مقبول هيرو لاءِ ڳايو. ڪيترائي هيرو ته مشهور ئي ڪشور جي آواز جي ڪري ٿيا. جن ۾ اميتاڀ بچن کان رشي ڪپور تائين ان دؤر جا ڪيترائي هيرو اچي وڃن ٿا. اداڪار راجيش کنا تي ته هن جو آواز ايڏو ٺهڪندو هو، جو ايئن لڳندو هو ته راجيش کنا ڄڻ پاڻ ڳائي رهيو آهي. مشهور اداڪار انيل ڪپور لاءِ به سندس پهرين فلم ”وه سات دن“ جا گيت ڪشور ڪمار ڳايا. هن انيل ڪپور جي پهرين سپر هٽ فلم ”مسٽر انڊيا“ جا گيت پڻ ڳايا. انهن ٻنهي فلمن جي موسيقي لڪشمي ڪانت ۽ پياري لال ترتيب ڏني هئي. ان سان گڏ ”مشعال“ فلم جو مشهور گيت ”مُجهي تم ياد ڪرنا، اور مجهه ڪو ياد آنا تم…“ به ڪشور ڪمار جو ڳايل آهي. سنجي دت جي به پهرين فلم ”راڪي“ لاءِ به سنيل دت صاحب، ڪشور ڪمار جو آواز منتخب ڪيو. هن فلم جو موسيقار آر. ڊِي. بَرمن (پنچم) هو. 1985ع ۾ ئي موسيقار آر. ڊِي. بَرمن جي فلم ”ساگر“ لاءِ ڪشور، بيحد يادگار ۽ حسين گيت ڳايا، جن ۾ ”ساگر جيسي آنکون والي“، ”ساگر ڪناري دل يه پڪاري“ جهڙا گيت شامل آهن، جيڪي جاويد اختر جا لکيل آهن. ان ئي فلم جو هڪ گيت هو ”يُون هي گاتي چلو… ناچو ري! سب جهوم ڪي گائو ري….“، جنهن ۾ ڪشور سان گڏ ايس. پي. بالا سُبرمينيم به ڳايو آهي. (هي انهن ٻنهي جو دوگانو هو) ان لاءِ ايس. پي. بالا خود هڪ انٽرويوءَ ۾ ٻڌايو هو ته ان گيت جي رڪارڊنگ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪشور کي دل جي تڪليف ٿي هئي ۽ ڊاڪٽرن کيس آرام جو مشورو ڏنو هو ۽ سڀ پريشان هئا ته هاڻي ڪشور ڪيئن ڳائيندو…! پر جڏهن ڪشور ڳائڻ شروع ڪيو ته سڀ دنگ رهجي ويا… ڇاڪاڻ ته سندس آواز جي حسن توڙي اثر ۽ زور ۾ ڪابه گھٽتائي ڪانه آئي هئي.
انڪري ئي جاويد اختر صاحب چوندو آهي ته ”اوهان اُهي گيت ٻُڌو، جن ۾ ڪشور سان گڏ ڪنهن ٻئي مرد گائڪ ڳايو هجي، ته اُتي ڪشور جو آواز اوهانکي وڌيڪ موهيندو ۽ پاڻ ڏانهن ڇڪيندو. ساڳئيءَ طرح مختلف گيتن کي مرد ۽ عورت گائڪن الڳ الڳ به ڳايو آهي، اهڙن گيتن منجھان به ڪشور جا ڳايل گيتَ، سندس ٻين ساٿي عورت گلوڪارائن جي ڳايل ساڳئي گيت جي بنسبت وڌيڪ من لڀائيندڙ رهيا آهن.“ جاويد اختر پاڻ به ڪيڏو نه خوشقسمت آهي، جو سندس پهريون ئي فلمي گيت ”ديکا ايڪ خواب تو يه سلسلي هوئي“ ڪشور ئي ڳايو، جيڪو اميتاڀ بچن ۽ ريکا جي مشهور فلم ”سلسله“ ۾ شامل آهي.
ڪشور 113 فلمن ۾ اداڪاري ڪئي، جن منجھان 40 فلمن ۾ هو هيرو طور نظر آيو، انهن مان ڪجھه اهم فلمون هي آهن: ’ڀاگم ڀاگ‘، ’باپ ري باپ‘، ’آشا ‘، ’باندِي ‘، ’جعلساز‘، ’چلتي ڪا نام گاڙي‘، ’دِلِي ڪا ٺَگ‘، ’گرل فرينڊ‘، ’محلون ڪي خواب‘، ’ڪروڙ پتي‘، ’جھُمرو‘، ’بامبي ڪا چور‘، ’من موجِي‘، ’ناٽِي بوائي‘، ’رَنگولِي‘، ’هاف ٽِڪِٽ‘، ’باغي شهزاده‘، ’دال ۾ ڪالا‘، ’بانوري نين‘، ’مسٽر ايڪس اِن بامبي‘، ’گنگا ڪِي لهرين‘، ’دُور گگن ڪِي ڇائون ۾‘، ’پيار ڪِيئي جا‘، ’عقلمند‘، ’دنيا ناچي گِي‘، ’پايل ڪِي جھنڪار‘، ’اي ميري دل‘، ’پڙوسَن ‘، ’دو دُونِي چار‘، ’هنگاما‘، ’پيار ديوانا‘وغيره شامل آهن. ڪشور انيڪ فلمن لاءِ گيت ڳايا، انهن مان ڪجهه اهم فلمون هي آهن: ’ضدي‘، ’جھُمرُو‘، ’هاف ٽڪٽ‘، ’مسٽر ايڪس اِن بامبي‘، ’دُور گگن ڪِي ڇانئون ۾‘، ’پيار ڪِيئي جا‘،’پيينگ گيسٽ‘، ’مُنيم جي‘، ’پڙوسَن، ’آراڌنا ‘، ’سفر ‘، ’پريم پُجارِي‘، ’ڪٽِي پتنگ‘، ’فنٽُوش‘، ’جانِي ميرا نام‘، ’شرميلي ‘، ’پرايا ڌن‘، ’گيمبلر ‘، ’بُڍا مِل گيا‘، ’امر پريم‘، ’ميري جيون ساٿِي‘، ’جوانِي ديوانِي‘، ’رامپور ڪا لڪشمن‘، ’يادون ڪِي بارات‘، ’منچلي ‘، ’جُگنُو ‘، ’هيرا پنا‘، ’داغ‘، ’بليڪ ميل‘، ’اناميڪا ‘، ’آ گلي لگ جا‘، ’اڀيمان ‘، ’نمڪ حرام‘، ’پريم نگر‘، ’آپ ڪي قسم‘، ’مِلِي ‘، ’کيل کيل ۾‘، ’جُولِي‘، ’امانُوش ‘، ’ڪڀي ڪڀي‘، ’چلتي چلتي‘، ’محبوبه ‘، ’هم ڪسي سي ڪم نهين‘، ’ڪنارا ‘، ’ڊريم گرل‘، ’دُوسرا آدمِي‘، ’انُوروڌ‘، ’شاليمار‘، ’کٽا ميٺا‘، ’قسمين وعدي‘،’شعلي‘، ’گھر ‘، ’ڊان ‘، ’مقدر ڪا سڪندر‘، ’مسٽر نٽور لال‘، ’باتون باتون ۾‘، ’دِي گريٽ گيمبلر‘، ’گول مال‘، ’من پسند‘، ’ٿوڙي سي بيوفائي‘، ’يه هي زندگي‘، ’قرض‘، ’دوستانه‘، ’راڪي‘، ’لاوارث‘، ’يارانه ‘، ’سلسله ‘، ’صنم تيري قسم‘، ’بيمثال ‘، ’ستي پي ستا‘، ’نذرانه‘، ’شڪتِي ‘، ’سوتن ‘، ’هاٿي ميري ساٿي‘، ’اگر تم نه هوتي‘، ’قدرت‘،’محبوبه‘، ’بڙي دل والي‘، ’تحفه ‘، ’شرابِي ‘، ’هم نه ڪڀي هونگي جدا‘، ’مشعل‘، ’ساگر ‘، ’صاحب ‘، ’الگ الگ‘، ’جانباز ‘، ’ڪاش‘، ’مسٽر انڊيا‘وغيره.
ڪشور ڪمار سان گڏ سڀ کان وڌيڪ جن گائڪن ڳايو، انهن ۾ آشا ڀوسلي سرِ فهرست آهي. هن لتا منگيشڪر، محمّد رفيع، شمشاد بيگم، مڪيش، مهيندرا ڪپور، سلڪشنا پنڊت، گيتا دت، سُمن ڪليان پُور، مناڊي وغيره سان به ڳايو. جڏهن ته ڪشور پاڻ کان ڪافي جونيئرن، جيئن الڪا ياگنڪ، انوراڌا پوڊوال، سپنا مُکرجي، ساڌنا سرگم، ڪويتا ڪرشنامورتي، عليشا چناء، انيتي پنٽُو، سلميٰ آغا ۽ نازيه حسن جهڙن آوازن سان به شاندار گيت ڳايا.
ڪشور ڪمار مختلف موسيقارن سان گڏ يادگار گيت ڏنا. انهن موسيقارن ۾ سچن ديوَ برمن (ايس. ڊي. برمن) ۽ راهُول ديوَ برمن (آر. ڊي. برمن) سرِ فهرست آهن. جڏهن ته هن لڪشمي ڪانت پياري لال، ڪلياڻ جي آنند جي، راجيش روشن ۽ بپي لهريءَ سان گڏ به گھڻو ڪم ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ سليل چوڌريءَ کان، رويندرا جين، مدن موهن، رويءَ، خيام، شيامل مترا ۽ اُوشا کنا تائين پنهنجي دؤر جي هر لڳ ڀڳ هر ميوزڪ ڊائريڪٽر جا تخليق ڪيل گيت ڳايائين.
ڪشور ڪمار کي ”بهترين پلي بيڪ سنگر (مَيل)“ طور 8 ڀيرا ڀارتي فلم نگريءَ جو وڏي ۾ وڏو ايوارڊ ”فلم فيئر“ مليو. اهي گِيتَ جِن تي ڪِشور ڪُمارَ کي فلم فيئر ايوارڊ مليا، سي هي آهن:
ــ 1969ع جي فلم’آراڌنا‘ جو گيت ”رُوپ تيرا مستانه“
ــ 1975ع جي فلم ’امانُوش‘ جو گيت ”دِل ايسا ڪِسِي ني ميرا توڙا“
ــ 1978ع جي فلم ’ڊان‘ جو گيت ”کَئِيڪي پان بنارَس والا“
ــ 1980ع جي فلم ’ٿوڙِي سي بيوفائي‘ جو گيت ”هَزار راهين مُڙ ڪي ديکين“
ــ 1982ع جي فلم ’نمڪ حلال‘ جو گيت ”پگ گھنگھرُو بانڌ ميرا ناچي ٿي“ ــ 1983ع جي فلم ’اگر تم نه هوتي‘ جو گيت ”اگر تم نه هوتي“
ــ 1984ع جي فلم ’شرابي‘ جو گيت ”منزلين اپني جگهه هين راستي اپني جگهه“
ــ 1985ع جي فلم ’ساگر‘ جو گيت ”ساگر ڪناري، دل يه پُڪاري…“
جيتوڻيڪ ڪشور ڪمار جي وڇوڙي کي 36 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، پر سندس گيت اڄ به سندس مداحن جي دلين تي اُڪريل آهن ۽ اڄ به کين ڪشور ڪمار جو سدابهار آواز، سندن احساس جو آواز ئي لڳي ٿو.
***